Monday, November 28, 2011

سـھـپ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


سـھـپ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڌرمومل، گهوڙيءَ تي چڙهي اچي، پنھنجي ٻنيءَ تي لٿو. روزانو سندس پتا جهمٽ مل ئي گاه لاءِ ٻنيءَ تي ايندو آهي. اڄ جهمٽ مل جي طبيعت ٺيڪ ناهي، تنھنڪري پٽ کي، ٻنيءَ تان گاهه کڻي اچڻ لاءِ موڪليو اٿائين. ٻنيءَ مان، کيس سندس هاري گھرام ۽ سليمان ئي، گاهه لڻي ڏيندا آهن.


ڌرمو واٽر ڪورس جي ڀرسان، گهوڙيءَ تان لٿو. واٽر، پاڻي ٿورو ڇڪيندڙ آهي، پر ٺھيل ايڏو اونھو آهي جو ڏسڻ سان خيال ائين ٿيندو ته ڄڻ پوري شاخ کي ئي ڇاٻ ڏئي ڇڏيندو. هارين کاٽي کڻي کڻي، ڪپر ئي وٽن جيڏان مٿي ڪري ڇڏيا اٿس. ڪپر ايترا ته مٿي آهن جو مٿانئن هلندي به ڊپ ٿيندو آهي. ڪير اتان ڪريو ته ميل پنڌ ڪرڻ کانپوءِ وڃي ڪنھن موڙ يا آهندي يا ٻنڊي تان چڙهڻ جي وٿي ملندس. ان وقت سليمان ۽ گھرام، ٻنيءَ مان آرهاڙي جوئر جو گاهه ڪري رهيا هئا. ڌرموءَ کي ڏسڻ سان کين، شرارت سُجهي آئي. گھرام، سليمان کي چيو ؛ “اڄ سيٺ پاڻ نه آيو آهي. موڳي ڌرموءَ کي موڪليو اٿائين. اڄ ان سان مذاق ٿا ڪريون.” هڪ صلاح ٿي ڌرموءَ وٽ آيا. سليمان گهوڙيءَ کي واڳ مان وٺي، ڪنڊيءَ جي ٿڙ ڏانھن ڇڪيندي ڌرموءَ کان ڇيو : “ڀلا! اڄ سيٺ جهمٽ مل پاڻ ڪونه آيو آهي؟”
“پتا جي طبيعت ٺيڪ نه آهي!” ڌرموءَ، گھرام کي آندل نوڙي ڏيندي چيو. “سو اڄ منکي گاهه کڻي اچڻ لاءِ موڪليو اٿائين. ان ڪري مان آيو آهيان .”
“اد! ڀلي آئين، جيءُ آئين. اسان لاءِ جھڙو اهو، تھڙو تون.” گھرام نوڙي وٺندي چيس.” جھڙو گاهه ان کي ڪري ڏيڻو، تھڙو توکي ڪري ڏيڻو. ڀلا! توکي گاه گهڻو کپي؟”
“جيڪو پتا کي ڏيندا آهيو، سو کپي.”
“ان کي ته جوئر جو بند ڏيندا آهيون!”
“مون کي به جوئر جو بند ئي ڏيو!”
“توکي جوئر جو بند ضرور ڏينداسين. گھرام جوئر لڻڻ لاءِ ڏاٽو سنڀاليندي چيس ؛ “پر توکي سيٺ ٻڌايو آهي لائي نه؟”
“الائي ڇاجي باري ۾؟” ڌرموءَ وائڙو ٿيندي پڇيس.
“اهو ته اسان بند ۾ ڪانا ڳڻي ڏيندا آهيون.”
“مون کي ايتري خبر ناهي.”
“توکي خبر ناهي ته پوءِ آيو ڪيئن آهين!” گھرام پڪو ٿيندي چيس؛ “اسان ته سيٺ کي به ڳڻي ڏيندا آهيون، توکي کپن ته کڻ، نه ته تنھنجي مرضي”
“پوءِ ڀلا مون کي به ڳڻي ئي ڏيو.” ڌرموءَ جي ورنديءَ تي گھرام جوئر جي ڪانن ۾، لڻڻ لاءِ هٿ وڌو ته ڌرموءَ دڪانداريءَ واري پڪائي ڪندي پڇيس، “ڀلا ڪانا گهڻا ڳڻي ڏيندؤ؟”
تيستائين سليمان گهوڙي ٻڌي چڪو هئو ۽ هنن واري گفتگوءَ مان، ڌرموءَ جي عقل جو اندازو به لڳائي چڪو هئو ته ڌرموءَ کي دڪان جي حساب ڪتاب جي ته ڄاڻ آهي پر جوئر جي بند جي خبر ناهي. تنھن ٺھه پھه اُتان ئي چيو، “ڪانا ملندءِ پنجويھه!”
؟پتا کي به پنجويھه ڳڻي ڏيندا آهيون؟!” ڌرموءَ شڪجندي پڇيو .
“ها! انھيءَ کي به پنجويھه ڪانا ڳڻي ڏيندا آهيون. توکي به نه ڪانو هيٺ ملندو، نه مٿي. حساب ڪتاب پڪو پختو ڪري ڏينداسون.” گھرام خاطري ڏيارڻ خاطر پڪائي ڪيس .
“جيئن توهان پتا کي حساب ڪتاب سان ڏيندا آهيو.” ڌرموءَ لوب واريءَ جاءِ وکون کڻندي چيو. “ائين مون کي به حساب ڪتاب سان ڏيو.”
“ڪانا اچي تون پاڻ ڳڻ”. سليمان، ڌرموءَ جي ڀرسان نوڙي وڇائيندي چيو؛ “پوءِ متان چئين ته اسان توسان ڊوهه ڪيو آهي.”
گھرام ڪانا ڳڻي ڳڻي نوڙيءَ تي رکندو پئي ويو ۽ ڌرمو به مٿان ڳڻي رهيو هئس، گھرام تنھن هوندي به، پڪو ڪرڻ خاطر، مٿان چئي رهيو هئس؛ “حساب ۾ ڀولو نه ڪجانءِ، متان هڪڙو ڳڻين ته ٻيو سعيو ڪري ڳڻين ئي نه .”
ڌرموءَ حساب ۾ کوٽ نه ڪيو. پنجويھه ڪانا پورا ڳڻي کنيائين. ٻارنھن ڪانا ڍلا ٻڌس ته ڀلي ٿيڙن ۾ نڪري وڃنس. گهوڙيءَ جي هڪ پاسي کان ٻارنھن ڪانا ته ٻئي کان ٿيا تيرنھن ڪانا. مٿان ڌرموءَ کي چيائين ؛ “تون به گهوڙيءَ تي چڙهه!”
“مان ڪيئن چڙهان!؟!” ڌرموءَ پڇيس .
“گهران ڪيئن چڙهي آيو هئين؟” سليمان پڇيس.
“گهران ته پھرين کٽ تي چڙهي، پوءِ گهوڙيءَ تي چڙهيو هئس”.
ڌرموءَ وراڻيو .
“پوءِ هينئر به گهوڙي هلي ٿا واٽر ڪورس جي اندر بيھاريون. تون واٽر جي ڪپ تان بيھي گهوڙيءَ تي لانگ ورائي چڙهه!” گھران صلاح ڏيندي چيس.
“ها! ائين ٿا ڪيون.” ڌرموءَ به راضپو ڏيکاريندي چيو .
گھرام ڌڪو ڏيئي، گهوڙيءَ کي واٽر ڪورس ۾ لاٿو. هڪ ٻه ڪانا، گهوڙيءَ جي لھڻ ۾ ئي ڪريا. ڌرمو واٽر جي ڪپر تان لانگ ورائي گهوڙيءَ تي چڙهيو ۽ هلڻ لاءِ اڙي هڻي هلڪليائين. گهوڙيءَ مڙس جيڏي ڪپر تي چڙهڻ لاءِ، جيئن ئي نرو ڏئي ڇٻي ڏني، تيئن ئي ڌرموءَ جون ڄنگهون آسمان ته، ڪنڌ وڃي واٽر ۾ کتو. خدا جي مھربانيءَ سان مڻڪي جو بچاءِ ٿي ويس. وڌيڪ بچاءُ ان ۾ ٿيس، جو گهوڙي پھرينءَ سٽ ۾ ڪپر تي چڙهي وئي. جي اها به ڌرموءَ وانگر موٽ کائي ته پوءِ ڌرموءَ مان ٻه ڌرمو ٿي وڃن ها.
ڌرمو ڪِرڻ کانپوءِ، ڪپڙا ڇنڊي اٿيو. هڪڙيءَ کنڀڙ کان سليمان ته ٻيءَ کان گھرام وٺي، ڇڪي ٻاهر ڪڍيس.
گھرام کيس ٻي صلاح ڏيندي چيو؛ “مَنھه جي هيٺان کٽ رکيل آهي. هلي منھه هيٺان پيل کٽ تان چڙهه!”
“ها! ائين ٿا ڪيون.” ڌرموءَ آمادگي ڏيکاريندي چيو .
اڌي ميل کيڙهيءَ ۾ ٿيڙ کائيندا، ڪانا ڪيرائيدا اچي مَنَھه ڀيڙا ٿيا. مَنھه به ٻھراڙيءَ جو ٺھيل هئو. منجهس ڪابه ڪاڍي سڌي نه هئي ۽ نه ئي ڪو ورو سنئون پيل هئو. گهوڙي ڪاهي اچي، وچ مَنھه هيٺان پيل کٽ وٽ بيھاريائون.
ڌرمون کٽ تان، گهوڙيءَ تي سولائيءَ سان چڙهي ويو. هڪلڻ لاءِ، گهوڙيءَ کي گھرام اچي ٻه ٽي باٺا ڀيڙيا. باٺن تي گهوڙي توائي ٿي وئي. گهوڙي جيئن ڀڳي، تيئن ڌرموءَ جو مٿو هڪ وري ۾ ٺا ٿي ويو. اِتي مٿي ۾ رِڻو ٺھيس ته ٺا ٻئي ۾ ٿي ويو. اتي ڳوڙهو ٺھيس ته ٽئين ۾ ٺا ٿي ويو. ڳاڙهو کرنڊ ٺھيس ته اچي مَنھه جي آخري لڙڪيل ڪکن ۾ مٿو ٺڪاءُ ٿيس. اتي سڄو ٻوٿ ڌوڙ ۽ مٿي سميت ڪکن ۾ بڀوت ٿي ويس. گهوڙيءَ تي باقي ڪانا وڃي پندرنھن سورنھن بچايا.
ڌرمو جڏهن گهر پھتو، ته گهوڙيءَ تي ڪانا پنج ڇھه هئا. سندس اها حالت ڏسي، پڻس کي ڏاڍو غصو آيو. سموري روئداد ٻڌڻ کانپوءِ پٽ جي عقل تي ڏاڍي کل به آيس .
“گانءِ ته پنجن ڪانن تي بک مري ويندي.” جهمٽ مل ڌرموءَ کي چيو؛ “چڱو تون وڃي ڊاڪٽر کان ملم پٽي ڪراءِ. مان پاڻ ٿو وڃان گاهه لاءِ.”
پٽ کي دوا لاءِ ڊاڪٽر ڏانھن موڪلي، جهمٽ مل پاڻ نڪتو گاهه لاءِ. سليمان وارن انھيءَ حالت ۾ کيس ايندو ڏٺو ته ششدر ٿي ويا. جهمٽ مل جي ڪاوڙ تيستائين ڪافور ٿي چڪي هئي. ڪاوڙ جو اظھار فقط ايترو ڪيائين؛ “اڙي ڏاڍا حرڪتي آهيو. نينگر سان ايڏي جٺ ڪئي اٿو!؟! خير! آهي اهو به بيوقوف!” اهڙي بيوقوف سان اهڙي جٺ ٿي چڱي آهي. ائين واقعي ڪونه سُڌرندو! ائين چئي پاڻ به بيھي کلڻ لڳو

No comments:

Post a Comment