Saturday, November 26, 2011

نئون گم ٿيل ماڻهو - رزاق سهتو.


نئون گم ٿيل ماڻهو...
رزاق سهتو.

قاسم کِليو ته سندس اڇا ڏند ظاهر ٿيا. رمضوءَ کان پڇيائين.
“ڪيئن ٿو ڀانئين.؟”
“ڪهڙي باري ۾.؟”
“اڙي منهنجو پراڻو يار آن. تو کي هتي گھرايو اٿم ته منهنجو ٺٺ ٺانگر ڏس وائڙا، وتندو هئين سگريٽن جا ٽوٽا ميڙيندو. اڃا به ساڳيا پرڪار اٿيئي. تنهنجي مالي حالت بهتر ڪرڻ ٿو چاهيان.
“مان جنهن حال ۾ آهيان، خوش آهيان. تون جَتُ، جَتَ جو پٽ آهين.؟ هرڀرو منهنجي زبان نه کول. ڪيانءِ نه پِتا پڌرا. دائيءَ کان ڪو دن ڳجھو آهي.


“اڙي زبان سنڀالي ڳالهاءِ ڀوڪ بصر! ڪنهن سان پيو ڳالهائين!؟”
“پهريون ته اهو ’اڙي‘ چوڻ بند ڪر. مان تنهنجي زال ناهيان. ڪهڙو مڙس ماڻهو آهين؟ تو کان ته زال به سنڀلي ڪو نه ٿي. ويچاري مارجي وئي. هونئن ته جَتَ ڀونڊي تي ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏين. تون ڪهڙو جت؟ جوڻهين مري وئي، تون لئي ۾ اچي ويو آهي. زال جي ڪمائي ٿو کائين! لعنت ٿي! ٻيو ته هتي گهرايو به تو آهي. ٽيون ته تون ڪجھ به ٿي ويو هجين پر منهنجي لاءِ ساڳيو قاسو آهين. تنهنجي، ڪاڻِ ڇو ڪڍندس.
“بڪواز نه ڪر. سڌو ٿي ڳالهاء!”
“سچ ٿو چوانءِ ته چوچڙي ٿي لڳئي.
ڪاوڙ هوندي به ڪجھ دير ماٺ ۾ رهيا. گھڻو پيئڻ ڪري، پوريءَ طرح سرورن ۾ هئا. هوريان هوريان پيگ مان ڍڪ ڀري هڪ ٻئي کي پئي ڏٺائون. اوچتو قاسم، رمضوءَ کي منهن تي ڀونڊو گهروڙيندي چيو.
“ساڳئي جو ساڳيو موچيءَ جو پُٽ. ڪيئي نه پنهنجي اصليت ظاهر.
“موچيءَ جي پٽ سان پڄي نٿوسگھين ته ذاتيات تي لهي آيو آهين.
رمضوءَ جو منهن، هٿ جي آڱرين جي رهڙي ڪري سڙندو رهيو.
“تو کي هتي نوازڻ لاءِ گھرايو اٿم. گُھر جيڪي گھرڻو اٿي. وتين ٿو فٽ پاٿن جا ڌڪا کائيندو. رهڻ لاءِ ٺڪاڻُو ڪونهي. هڪ ويلو کائو ته ٻيو لنگھڻ تي ٿا ڪٽيو. جسم تي چڱو ڪپڙن جو جوڙو ڪونهي. ماڻهن ۾ لٻاڙ هڻندو. خبرون ڪندو ٿو رهين ته؛ قاسم ههڙو آهي. هيئن آهي.
“سچ چوڻ کي لٻاڙ ٿو چوين. 
”وڏو گامون سچار ساماڻو آهين. سچ چوڻ لاءِ دنيا کٽي آهي. رڳو دوست ٿا نظر اچني. ميان ڏائڻ به هڪڙو گھر ٽاريندي آهي. چار اکر لکي ٿو ڄاڻين، ان جومطلب اهو ٿورئي آهي ته جنهن جو وڻئي پٽڪو ڌوڙ ڪري ڇڏ. ياد ڪر! تو کي چوندو هيم نه تنهنجي اک ۾ سوئر جو وار آهي. ڪنهن کي به بخش نٿو ڪرين.
رمضو خاموشيءَ سان کيس ٻڌندو رهيو. ٻنهي جا پيگ ختم ٿي ويا ته قاسم گلاس سوري ويجھو ڪيا. بوتل کڻي پيگ ٺاهي رمضوءَ ڏانهن وڌائيندي چيائين؛ “ماٺ ڇو آهين؟ ڪجھ ته ڳالهاءِ!”
“مان لٻاڙي آهيان؟”
“ان ۾ ڪهڙو شڪ؟!”
“مان موچيءَ جو پٽ آهيان. مونکي ان تي فخر آهي. مان پنهنجي نالي سان گڏ موچي لکندو آهيان. تون ته ذات ئي مٽائي ڇڏي آهي. قاسوءَ مان قاسم بڻجي ويو آن. مال ميڙيو ٿي ته ڦرسي مان ڦرس رام ٿي ويو آهين.
“تون نه مڙندين موچيءَ جا پٽ.
“مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي. جنهن ڏينهن سنئين پير تي آئين ته آئون به سوچيندس.
“ڇا ڪيو اٿم؟”
“ڇا نه ڪيو ٿي. ماڻهن وٽ ميت کي ڪفن ڏيڻ جيترا به پئسا ناهن. خود-ڪش ڌماڪن جي ڪري هر طرف لاش ئي لاش وکريل آهن. ماڻهن جو ساهُه مٺ ۾ آهي. توهان جون ٽجوڙيون ڀرجنديون ٿيون رهن. موروثي سياست جي پيئڻ بلا هن سماج کي چوسي خالي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن جي به عزت سلامت ناهي. توهان چئو پيا سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي.؟”
“تون جڳ جهان جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ پنهنجي ڳالهه ڪر.؟”
جن منجھان آهيان انهن جي ڳالهه ڪندس نه.
“ٻڌ!”
“ها، چئو.
“پاڻ گڏجي دنياداريءَ جو سفر شروع ڪيو. مان ڪٿي اچي پڳو آهيان. تون اڃان تَري گٺل گهيتلو پايون پيو هلين. مان ته پنهنجي ايندڙ پيڙهين لاءِ به ايترو ڇڏي ويندس جو کين ڪو الڪو ئي نه هوندو، هميشه اڳواڻي پيا ڪندا. تون سڀاڻي مري ويندين، ڪجھ سالن کانپوءِ قبر جا نشان به ختم ٿي ويندئي. مون کي اعزازن ۽ وڏي طمطراق سان قبر حوالي ڪندا. مقبرو ٺهندو. حاضريون ڀريندڙن جون قطارون لڳي وينديون. هونئن به پنهنجي قوم مرده پرست آهي.....
“تنهنجي به کڻي مرڻ بعد لست ٿيندي. پر اهو دور پري ناهي جو قوم جي غدارن ۽ سرمائي ڪارن جي دلالن جون قبرون کوٽي انهن جا لاش چوسولن تي لڙڪايا ويندا. تون ڳڻتي نه ڪر. تنهنجو حساب ڪتاب به جلد ٿيڻ وارو آهي.
“تو کي هتي تقرير ڪرڻ لاءِ ڪو نه گهرايو اٿم. مڙئي خير آهي! وقت آيو ته منهن ڏيئي وينداسين. تون پنهنجو خيال ڪر! ڪٿي.....
”اسين ڀلي بي دريافتا ئي سهي اهي عظمتون شل تو کي ئي نصيب هجن. اسان جو رب آهي. ٺيڪ آهي مان وڃان ٿو.
”ائين وري ڪيئن ويندي.
“ڇو.؟”
“خبر اٿئي ڪهڙي جاءِ تي ويٺوآهين. چوڏس چاڪ چوبند سپاهي بيٺا آهن. بج بج ٿي ويندين.
“دڙڪا ٿو ڏئين.؟”
“دڙڪا نه! تو کي پنهنجي اوقات ٿو ياد ڏياريان.
“اهڙي تڪليف ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. مان پنهنجي اوقات ڀليءَ ڀت ڄاڻان ٿو.
رات گھڻي گذري چڪي هئي. ٻنهي کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. قاسم جي اشاري تي ماني لڳائي وئي. کاڌي جي ميز تي طعام ڏاڍي خوبصورتيءَ سان سجايل، ٻئي ماني کائڻ ويٺا. مانيءَ تي ٻنهي هڪ ٻئي سان ڪو نه پئي ڳالهايو. ماني کائي واپس ساڳي جاءِ تي اچي ويٺا ته قاسم چيس؛ “هتي رات رهندي نه!؟”
“اجازت ملي ته واپس هليو وڃان.
“ائين وري ڪيئن ويندين؟”
“ڇو؟ ڪا اڃا ڪا ڪسر رهيل آهي؟”
“تو سان ڪهڙو ڪلور ڪيم جو ايڏو وهلور ٿو وڃين.
“تون طاقتور ماڻهو آهين. مان ڇا چوان.
“تون ٻيو ڪجھ نه ڪر، منهنجي خلاف بڪ ڪرڻ ڇڏي ڏي.
............
“چوڻ نه ٿو ڪرين ته پنهنجي اڄ آخري ملاقات آهي.
مان تنهنجو ساٿ نه ٿو ڏئي سگھان.
“ساٿ نه ڏي پر خاموش ته رهي سگھين ٿو نه!؟”
“حق جي راهه تان هٽڻ ڪانئر ماڻهوءَ جو ڪم آهي.” قاسم چٿر واري لهجي ۾ چيس.
“ها سائين حق جي راهه. ڌوڙ پئي ٿي منهن ۾، ٺريل کير کي ٿو ڦوڪون ڏئين.
قاسم جذباتي ٿيندي پري کان ئي رمضوءَ کي بجو ڏيندي چيو؛ “نه ٿو مڙين ته صبح واپس روانو ٿي وڃجانءِ. مان پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ڏانهن وڃان ٿو. تو کي نوڪر مهمان خاني ڏانهن وٺي ويندو.
“جيڪا تنهنجي مرضي.
“وري نه ملڻ جي لاءِ موڪلايون ٿا.” ائين چئي قاسم هليوويو.
رمضوءَ کي آرامدهه پلنگ تي به ننڊ ڪا نه آئي. صبح  ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ هئو. بنا نيرن ڪرڻ جي ئي نڪرڻ ٿي چاهيائين پر ائين امالڪ نڪرڻ سندس وس ۾ ڪو نه هئو. صبح ٿيو ته کيس نيرن ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو. جهڙي تهڙي نيرن ڪري، هو اتان جلدي نڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳو. ذهني طور تي هن پاڻ کي هر ڳالهه لاءِ تيار ڪري ڇڏي هئو. رات جو هن کي پنهنجي دوست قاسم جي اکين ۾ خون نظريو هئو. هو کيس مارائي به سگھيو ٿي. ڪنهن کي ڪا ڪل ڪا نه پئي ها ته رمضو ڪيڏانهن گم ٿي ويو. کيس خبر هئي ته ڪيترا ئي ماڻهو هن خطي مان گم ٿيل آهن. جن جي وارثن کي شهر جي چوراهن، پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪندي ڪندي سالن جا سال وهامي ويا آھن، پر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو. رمضو انهيءَ سوچ ۾ هيو ته هڪ وردي پوش ماڻهو آيو.
“سائين اچو مان توهان کي اڳڀرو ڪري اچان.
“ڇو.؟ قاسم ڪٿي آهي. هن کان ته موڪلائيان.” 
“سائين سڀ ڪجھ انهن جي حڪم سان ته ڪيون پيا. پاڻ ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف آهن. توهان اچو.
رمضو اٿي هن سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. گاڏي تائين هو ساڻس گڏ آيو. گاڏيءَ ۾ رڳو ڊرائيو هئو. رمضو چڙهي ويٺو، گاڏي چرڻ لڳي. ڊرائيور کيس ڳوٺ وڃڻ واري بس اسٽيڊ تي ڇڏي، واپس روانو ٿيو. بس نڪرڻ ۾ اڃا دير هئي. ڀرسان ئي وقت گذاري لاءِ هوٽل تي ويهي رهيو. ڪي ساعتون گذريون هونديون ته هوکنڀجي ويو.
******
رمضوءَ جو نالو وڃائجي ويل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهي. سندس تصوير خطي جي هر وڏي ننڍي شهر جي چوڪ تي لڳل آهي. جنهن جي هيٺان لکيل آهي. هي ماڻهو اوچتو وڃائجي ويو آهي. ڪجھ سالن کان ذهني طور بيمار هو. جنهن کي ملي ته ڪنهن ويجھي پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڏئي.

No comments:

Post a Comment