Wednesday, November 16, 2011

رنجش ئي سھي - محمد علي مھر


رنجش ئي سھي
محمد علي مھر


سرءَ جي پڇاڙيءَ واريون ڪجهه شامون، نھايت ئي واهيات هونديون آهن. انھن شامن ۾ نه گهڻي گرمي محسوس ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ٿـڌ جو احساس جسم مان سيڪڙاٽ ڪڍرائيندو آهي. چوڏس ڪوهيڙو ڇانئجي ويندو آهي ۽ دونھون مٿي وڃڻ جي بجاءِ، هيٺ ڌرتيءَ تي لھي ايندو آهي. عجيب بيزار ڪرڻ واري مند آهي.
انھن ڏينھن ۾ پکي پکڻ سوير-ڀرو ئي وڃي پنھنجا آکيرا وسائيندا آهن ۽ مون جھڙا بي ماڳ مسافر حياتيءَ مان بيزار ٿي پنھنجي ٻرن مان ٻاهر، آزاد فضا ۾ نڪري ايندا آهن ۽ آڪاش ۾ اڏامندڙ بادلن وانگر ڀٽڪڻ لڳندا آهن.
هيءُ قصو به اهڙيءَ هڪ شام جو آهي.

آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ واري اهڙي ئي هڪڙي واهيات ۽ اداس ڪندڙ شام جو، زندگيءَ جي مايوسيءَ ۽ نامرادين کان چند گهڙين جي فرار حاصل ڪرڻ لاءِ، گهر کان نڪري پيس. سوچيو هيم ته جيڪڏهن گاڏي کاتي ۾ ڪٻاڙين وٽان ڪجهه سٺا ڪتاب هٿ ڪري سگهيس ته شايد انھيءَ منحوس ڏينھن جي ڏنل ڏنڀن جو ازالو ٿي سگهي.
پر ان ڏينھن هالا ناڪي کان اچڻ واري بس به شايد نه اچڻ جو قسم کنيو هيو.
اهو سوچي ته شايد هي به انھن ڏينھن مان آهي جڏهن ڪو به ڪم مرضيءَ مطابق نه ڪري سگهبو آهي. واپس ورڻ جو ارادو ڪيم ئي پئي ته اوچتو هڪڙي آسماني رنگ جي خيبر ڪار ڀرسان اچي بريڪ هنيا.
ڪار جي پئسنجر سيٽ واري دريءَ جو شيشو هيٺ لٿو ۽ ڪنھن سريلي آواز ۾ سوزوڪين جي ڪلينرن واري انداز ۾ چيو:
“گاڙي کاتا، گاڙي کاتا، ايڪ سواري”
جهڪي ڪري دريءَ مان اندر ليئو پاتم ته لحظي لاءِ اکين تي اعتبار ئي نه آيو. ورهيه وهامي ويا هئا، هڪ ٻئي کان ملي وڇڙئي. ڏهن ٻارهن سالن کانپوءِ کيس روبرو ڏسي بي يقينيءَ کان وڌيڪ پشيمانيءَ جو احساس وجود کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويو.
زندگيءَ ۾ اهڙي ٻه واٽي تي ٽڪرايو هئومانس جو اميد ئي ڪانه هئي ته هوءَ ٻيھر منھنجي شڪل ڏسڻ به گوارا ڪندي.
“يون بيوقوفون ڪي طرح شڪل ڪيا ديک رهي هو. بيٺو گاڙي ۾!” هن جهڪي ڪري گاڏيءَ جو دروازو کوليو ۽ مان ماٺ ڪري سندس ڀر واري سيٽ تي ويھي رهيس.
“پھرين نظر ۾ مون توکي بلڪل ڪونه سڃاتو، پر پوءِ جڏهن پڪ ٿي ته اهو احمق نظر ايندڙ شخص توکان سواءِ ٻيو ڪوبه ٿي ڪونه ٿو سگهي، ته يڪدم گاڏي روڪيم. چيم ته ڪجهه خوشگوار يادون ئي تازه ڪري وٺجن.”
“خوشگوار يادون!” پشيمانيءَ مان ايترو ئي ڪڇي سگھيس.
“تنھنجي ء۽ منھجي قصي ۾ ڪجھ خوشگوار يادون به ته اچي ٿيون وڃن.” گيئر مٽائيندي چيائين. سندس لھجي ۾ حسرت هئي. يا گهٽ ۾ گهٽ مون کي ايئن لڳو. پوءِ يڪدم موضوع ڦيريندي چيائين: “تون بلڪل ئي مٽجي ويو آهين! پھرين نظر ۾ ته توکي سڃاڻڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي. لڳي ٿو ته وقت تو سان چڱو ورتاءُ نه ڪيو آهي.”
“ڪاش.” وراڻيومانس “ڪوئي وقت کان پڇي ڏسي ته مون کيس ڪيترا ڏنڀ ڏنا آهن.”
گاڏي هلي ته پڇيائين؛ “ڪيڏانھن ۽ ڪيئن پيو وڃين؟”
“گاڏي کاتي پيو وڃان” ٻڌايو مانس؛ “۽ ڪيئن پيو وڃان!؟ ان جو جواب اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪٻاڙين وٽان ڪو سٺو سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب هٿ لڳي ويندو آهي ته زندگيءَ جو سفر ڪٽڻ ۾ ڪجهه سھوليت ٿي پوندي آهي.”
“هتي ڪنھن سان ملڻ آيو هئين؟”
“نه.” وراڻيو مانس “مان رهندو ئي هتي آهيان.”
“هتي!” رڙ نڪري ويس “هن گند .....!”
“مان پاڻ گند جو حصو آهيان” چيو مانس؛ “ٻيو ڪھڙو هنڌ مونکي قبول ڪندو.”
مک تي ڏک جو تاثر تري آيس. پل کانپوءِ چيائين: “تنھن ڏينھن پروفيسر هادي صاحب سان اوچتو ملاقات ٿي هئي. توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيائين. چيائين پئي ته جيڪڏهن تون پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي نه وڃين ها ته وڏي ترقي ڪرين ها.”
“شايد” ايترو ئي چئي سگهيس.

جڏهن مان فرسٽ ييئر ۾ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو هوس، ان وقت ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين پروفيسر عبدالھادي هيو.
فائن آرٽس ڊپارٽمنٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد گهڻو هئڻ ڪري ڇوڪرا اڪثر استادن جي توجهه حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا آهن، پر مان پھرئين ڏينھن ئي پروفيسر هاديءَ جي دل ۾ گهر ڪري ويو هوس ۽ هو مون کي تمام گهڻو ڀانئڻ لڳو هيو.
ٿيو ايئن هيو ته ڪلاس ۾ پھرئين ڏينھن سائين عبدالھادي نون شاگردن کي چيو هيو ته ڪنھن به جيڪڏهن هن کان اڳ ۾ آرٽ متعلق ڪم ڪيو هجي ته کيس ڏيکاري. جڏهن مون کيس پنھنجا پرنٽس ۽ واٽر ڪلر ۾ ٺھيل پينٽنگز ڏيکاريون هيون ته بي اختيار سندس وات مان “واه” نڪتو هيو. انھيءَ ڏينھن بلڪ انھيءَ لمحي کان آءٌ سندس پسنديده ترين شاگرد ٿي پيو هوس.
اسانجي ڪلاس ۾ گهڻائي ڇوڪرين جي هئي پر سڀن مان وڌ ۾ وڌ گريس-فل هئي نازنين دائود.
سندس شخصيت بي انتھا پرڪشش هئي. اسان پارا ٻھراڙيءَ مان آيل احساس ڪمتريءَ ۾ ماريل ڇوڪرا کيس ٽيڏين اکين سان ڏسڻ جي همت ئي وڏي مشڪل سان ڪري سگهيا ٿي. سندس توجھ ڇڪرائڻ يا وٽس ويجهو وڃڻ جي همت ڪنھن کي ڪانه ٿي هئي. هوءَ اسان جي نظرن ۾ مٿانھين جاري ۾ رکيل ڪنھن ديويءَ جي بت وانگر هئي. جنھن جي پوڄا ته ڪري سگهجي پئي پر کيس ڇھي نه پيو سگهجي.
پر اهو شايد منھنجو احساس ڪمتري هيو.
هڪڙي ڏينھن جڏهن اڃا نيرن کائڻ جي مند هئي ۽ صبح جي وقت سوڙ مان نڪرڻ تي دل نه چاهيندي هئي. اسان سڀ ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران اُس تي پنھنجا ايزل رکيو ڪجهه نه ڪجهه پينٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هياسين ۽ مان سامھون لڳل نم جي سڪل ۽ غمزده نظر ايندڙ وڻ کي رنگن جي ذريعي ڪاغذ تي اتارڻ ۾ مشغول هوس ته پٺيان اچي ڪنھن چيو.
“واه واه! توهان ته لڳي ٿو پيدائشي مصور آهيو.”
مڙي ڏٺم، نازنين دائود بيٺي هئي. هوءَ منھنجي نامڪمل پينٽنگ کي تعريفي نظرن سان ڏسي رهي هئي. هن مون سان بلڪ ڪنھن به ڇوڪري سان، پھريون ڀيرو ڳالھايو هيو، سو به پاڻ-هرتو.
“ساري!” پنھنجو پاڻ کي اعتبار ڏيارڻ لاءِ چيم.
“توهانجو برش ڪاغذ ۾ حياتي سموئي ڇڏي ٿو. توهان پھريان به ڪا سکيا ورتي آ ڇا؟”
“نه “ وراڻيو مانس؛ “بس الله جي مھرباني آ.”
“پوءِ ته توهانکي خدا جي ڏنل اها ڏات ٻين ۾ ورهائڻ گهرجي.”
اکين ۾ مرڪ هيس.  ان کانپوءِ مون کيس پينٽنگ سيکارڻ شروع ڪيون. ھاڻي اسان جا سڄا سڄا ڏينھن، گڏ گذرڻ لڳا.
اونھاري اڃا پوريءَ طرح موٽ ڪانه کاڌي هئي. اڃا وڻن جي ٽارين تي بھار جا گل مستي ڏيکاري رهيا هيا ۽ اڃا به ڪڏهن ڪڏهن اتر واءُ دڳ ڀلجي ڦيرو ڪندو هيو ته سرير مان سيڪاٽ ڪڍرائي ڇڏيندو هيو.
اهڙي ئي هڪڙي ڏينھن، اوچتو ئي اوچتو، ڪٿان ڪارا ڪڪر ڀلجي اچي نڪتا ته ڄامشوري جو جوڀن ڪنھن نئين جوانيءَ وانگر آرس ڀڃي جاڳي پيو. ڇوڪرن موقعي جو فائدو وٺندي، ٺھه پھه جيالاجي ڊپارٽمين وارن سان ڪرڪيٽ مئچ رکي ڇڏي.
مون وٽ جاگرز ڪونه هيا، سو پيرين اگهاڙي کيڏيس. جيالاجيءَ وارن اسان جي ٽيم کي زور تي ماريو. مان پاڻ آئوٽ ته ٻڙيءَ تي ٿيس پر هڪ اڌ وڪيٽ بالنگ ۾ ڪڍي ويس.
مئچ کان واپسيءَ تي نازنين جو موڊ ڪجهه خراب هيو.
“تون پيرين اگهاڙي ڇو کيڏئين؟” مون کان پڇيائين.
“جاگرز آهن ئي ڪونه!”
“ڪنھن به دوست کان اڌارا وٺي سگهين پيو.” سخت لھجي ۾ چيائين.
“ڪنھن جو ٿورو کڻان!” جواب ڏنو مانس.
“واه واه واه!” طنز مان چيائين؛ “تو جھڙا So called خوددار ماڻھو پنھنجي غربت جو ڍنڍورو پٽي ماڻھن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪندا آهن. وري جڏهن زندگيءَ جون تلخ حقيقتون سامھون اچي بيھنديون اٿن ته فورًا خودداريءَ جو برقعو پائي سمجهندا آهن ته دنيا کي بي وقوف ٺاهي ڇڏيوسين.”
“نازو!” چيومانس؛ “مان هڪ غريب ماڻھوءَ جو پٽ آهيان. مان جاگرز جھڙي عياشي افورڊ نه ٿو ڪري سگهان.”
“۽ توکي وڏو احساس آهي پنھنجي پيءُ ماءُ جي غربت جو!” تلخيءَ مان چيائين؛ “تون ڇا ٿو سمجهين ته تون فائن آرٽس ۾ ڊگري وٺي يڪدم لکاپتي ٿي ويندين. تنھنجا افعال ڏسي مونکي ته لڳي ٿو ته تنھنجو وان گوگ کان به برو حشر ٿيندو. اهڙو احساس هجيئي ها پنھنجي مائٽن جي غربت جو ته وڃي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل پڙهين ها. پر اهي سبجيڪٽ گهرن ٿا محنت، جيڪا شايد تنھنجي وس جي ڳالهه ڪانھي.”
جواب ڪونه سمجهيو، ڦڪائيءَ مان کلندي چيو مانس؛ “تون تڪليف-ده حد تائين سچار آهين.”
“۽ تون؟” سندس لال لبن تي مرڪ جا گل ٽڙي پيا؛ “ذلالت جي حد تائين خود-ترسيءَ جي مرض ۾ مبتلا آهين.”
سندس ڳالھيون واقعي تڪليف-ده حد تائين سچيون هونديون هيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍيون ڏکيون به لڳنديون هيون. پر ساڻس گڏ گهمڻ ۾ انا کي جيڪا تسڪين ملندي هئي ۽ ڇوڪرا جنھن نموني ريس سان ڏسندا هيا، انھن ڳالھين جي ڪري مان کانئس پري نه ٿي سگهيس.
اوچتو گاڏيءَ کي بريڪ لڳو. ڏٺم ته نازنين جهڪي ڪري منھنجي پيرن ڏانھن ڏسي رهي هئي.
“ڇا ٿي ڏسين؟” پڇيومانس.
“ڏٺم پئي ته بوٽ پاتل اٿئي يا هميشه وانگر چپل ۾ لڦ لڦ ڪندو ٿو وتين.”
“نه نه، اڄ چمپل ناهي.” شڪي ٿي چيومانس.
“اهو ته ڏسان پئي ته جاگرز پاتل اٿئي.” مرڪي چيائين “۽ سوچيان پئي ته آخر جاگرز افورڊ ڪرڻ جي لائق ٿي وئين!”
“اسان اڌارا، آڻي آونگ  چاڙهيا.”
“ڇا مطلب!” لطيف جي سنڌيءَ واري سِٽَ، ڌوڙ ٿي سندس سمجهه ۾ آئي، سو پڇيائين. مطلب سمجهايومانس ته سندس مخصوص طنزيه مرڪ سندس لال لبن تي تري آئي.
“تون اڃا تائين خود-ترسيءَ جي مرض مان جان نه ڇڏائي سگهيو آهين.” چيائين.
“۽ تون اڃا تائين ائين تڪليف-ده حد تائين سچار آهين.” ڦڪائيءَ مان چيومانس.
“ڪندو ڇا هين اڄڪلهه؟” موضوع مٽائيندي پڇيو مانس.
“ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور ۽ سئنيمائن جا پوسٽر ٺاهيندو آهيان.” وراڻيو مانس. ٻڌي، ٿوري دير لاءِ چپ ٿي وئي.
“اڪيلو رهين؟” کن پل رکي پڇيائين.
“نه، ٻه ٻيا پارٽنر به آهن.”
“اهي به تو وانگر تڙيل هوندا.” مشڪندي پڇيائين.
“ظاهر آ، ڪند هم جنس با هم جنس پرواز” ٻڌايو مانس؛ “هڪڙو ڪنھن آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪ آهي. شاعريءَ ۾ مغموم تخلص استعمال ڪندو آهي. هو فارغ وقت ۾ فارغ ڇوڪرن کي علم عروض جا اسرار و رموز سيکاريندو آهي.”
“واه واه!” ٽھڪ ڏنائين، ڄڻ خزان ۾ ڳاڙها گل ٽڙي پيا. “پوءِ ته سندس شاگرد ٿيڻو پوندو.”
“استاد مغموم ٿورو ٻي لائن جو ماڻھو آهي.” چيومانس؛ “توکي شايد شاگرديءَ ۾ نه قبولي. هو صرف نوجوان ڇوڪرن کي شاگرد بنائڻ پسند ڪندو آهي.”
شرارت سندس اکين مان ڀرجي آئي؛ “پوءِ تون ته يقينًا شاگردن ۾ شامل هونديس.”
“نه” وراڻيو مانس؛ “سونھن وڃايم سومرا، ميرو منھن ٿيوم. مان نه خوبرو رهيو آهيان نه ئي وري نوجوان. هو ته مونکي پنھنجي ليڪچر دوران ويٺل به برداشت نه ڪندو آهي.”
“ اھو ڀلا Professional Jealousy  جي ڪري ڇا؟” شرارت مان چيائين.
“ماه پاره سان وري مليو آن؟” ونڊ اسڪرين مان ٻاهر ڏسندي اوچتو بلڪل سپاٽ لھجي ۾ سوال ڪيائين.
سندس سوال تي مون کي تعجب نه ٿيو. انھيءَ سوال جي ته مان گهڻي دير کان توقع ڪري رهيو هوس. ان جي باوجود دل مان هڪڙو گولو اٿيو ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. لحظي لاءِ ڪڇي نه سگهيس. آخر رڳو وراڻيم؛ “نه.”
تن ڏينھن زندگيءَ جو محور ڇڙو نازنين، انٽرنيشنل هاسٽل ۽ ڊپارٽمينٽ ٿي ويا هئا. اسان ٻنھي جي تعلق تي اي سي ٽو کان وٺي آرٽس فيڪلٽيءَ تائين، دستور موجب قصا ڪھاڻيون ٺھڻ شروع ٿي چڪا هئا. پر ڪنھن کي پرواهه هئي. وقت سٺو پئي گذريو.

اهو بھار منھنجي زندگيءَ جي خوبصورت ترين موسمن مان هڪ هيو. پر ان کي گذرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي ۽ اونھارو اچي مٿان ڪڙڪيو.
ڄامشوري جون راتيون ٿڌيون ۽ ڏينھن غضب-ناڪ حد تائين گرم ٿي چڪا هئا.
ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران، سرنھن جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺا هئاسين ته نازو چيو؛ “اچ ته ٿورو فارميسي ڊپارٽمينٽ مان ٿي اچون. ڪم آهي.”
فارميسي ڊپارٽمينٽ، اڃا ڪيمسٽري واري بلڊنگ مان شفٽ ڪونه ٿيو هيو. رستي ۾ نازو ٻڌايو ته کيس ماه پاره ۾ ڪم هيو.
ماه پاره، جيڪا فارميسي ڊپارٽمينٽ جو نڪ هئي، نازنين جي اسڪول جي دور جي دوست هئي.
هوءَ ايڏي خوبصورت ڪانه هئي پر سندس شخصيت ۾ ڪا خاص ڳالهه اهڙي ضرور هئي جيڪا کيس ٻين سڀني کان منفرد بڻائيندي هئي. رزروڊ طبيعت جي ڪري، هوءَ سڄي يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرن لا ءِ چئلينج بڻيل هئي. سندس، اڃا تائين ڪنھن ڇوڪري سان افيئر ٺھي ڪونه سگهيو هيو. سندس انھيءَ Inaccessibility  ئي کيس اهڙو بت بڻائي ڇڏيو هيو، جنھن کي ٽوڙڻ جي خواهش يونيورسٽيءَ جي هر محمود غزنويءَ جي حياتيءَ جو سڀ کان وڏو خواب بڻجي وئي هئي. مان کيس يونيورسٽيءَ جي ٻين شاگردن وانگر پھريان کان سڃاڻندو ضرور هوس، تعارف ان ڏينھن نازنين ڪرايو. خبر پئي ته نازنين جي حوالي سان هوءَ مون کي پھريان کان ئي سڃاڻندي هئي.
ان ڏينھن جي ٻئين يا ٽئين ڏينھن جي ڳالهه آهي. ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران، وڻ جي ڇانوَ ۾ رکيل سيمنٽ جي بينچ تي اڪيلو ويٺو هوس ته ماه پاره اچي ڀرسان بيٺي.
“اڪيلا پيا ڏسجو؟”؛ پڇيائين.
“اڄ اسان جا رڳو ٻه ڪلاس هئا ۽ نازنين کي ڪجهه ڪم به هيو.” ٻڌايومانس؛ “تنھنڪري سوير واري پوائنٽ ۾ وئي هلي.”
هوءَ ڀر ۾ ويھي رهي.
“اسان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندا آهيون.” چيائين؛ “ته توهان جو نازنين سان گذارو ڪيئن ٿو ٿئي!”
“ڇا مطلب!”
“مطلب ته نازو ضرورت کان وڌيڪ ئي وات-ڦاڙ آهي.” چيائين؛ “جيڪو وڻندو اٿس چئي ڏيندي آهي پوءِ ڀلي اڳلي کي ڪيترو ئي ڏکيو لڳي.”
وراڻيو مانس؛ “ڪنھن کي دوست قبول ڪرڻ کان اڳ، سندس اوڻائين کي قبول ڪجي ته پائيدار تعلق جو بنياد رکڻ ايڏو ڏکيو ڪم ته ناهي.”
“واه!” اٿندي چيائين؛ “مان سينٽرل ڪينٽين چانھه پيئڻ ٿي وڃان، انٽريسٽيڊ هجو ته ويلڪم.”
Oh Sure!” اٿي کڙو ٿيس.
تنھن ڏينھن چانھه تي اسانجي ڪچھري تمام ڊگهي ٿي وئي هئي. انھيءَ کان وڌيڪ دل کي تسڪين ڏياريندڙ ڇوڪرن جون اهي نظرون هيون، جيڪي مونکي تعجب، حيرت ۽ رشڪ منجهان ڏسي رهيا هيا. مون کي ماه پاره جي انھيءَ مختصر ڪمپنيءَ، نازنين جي ڊگهي تعلق کان وڌيڪ مزو ڏنو، ۽ دل چاهيو ته ايئن ٿيندو رهي ته جيئڻ جو لطف اچي وڃي.

نازنين ۽ مان ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور ۾ ڪچھري ڪري رهيا هئاسين ته ماه پاره اچي وئي. نازنين کي نظرانداز ڪندي مونکي مخاطب ٿي چيائين؛ “اي سي ٽو ۾ ڪم آهي. جيڪڏهن فارغ هجو ته ٿي اچون.”
مون نازنين ڏانھن ڏٺو، سندس منھن ڳاڙهو ٿي ويو هيو. دل رکڻ لاءِ چيومانس؛ “هلين ٿي؟”
“نه.” ڪاوڙ مان وراڻيائين.
دل ۾ آيو: ماه پاره اسان ماڻھن لاءِ مائونٽ ايوريسٽ هئي، جنھن کي سر ڪرڻ جي خواهش هر ڇوڪري جي دل ۾ هئي. موقعو مليو آهي، چوٽي سر ڪرڻ جو ته يا بسم الله!
مان نازنين کي اتي ئي ڇڏي، ماه پاره سان گڏ هليو ويس.
پوءِ منھنجي ماه پاره سان روز ملاقات ٿيڻ لڳي. نازنين شايد اهو محسوس ڪري ورتو، ۽ مون به نازنين جي رنجيدگيءَ کي محسوس ڪيو. پر منھنجي ۽ ماه پاره جي دوستي مون کي هڪ نئين تسڪين جو احساس ڏيارڻ لڳي هئي. هاسٽل ۾، ڊپارٽمينٽ ۾، ڪينٽين ۾، مطلب ته جتي ڪٿي دوست يار ملندا هئا ۽ منھنجي قسمت تي رشڪ جو اظھار ڪندا هئا ته دل کي تمام گهڻو سڪون ملندو هو.
مون نازنين کان لنوائڻ شروع ڪري ڏنو ته متان ماه پاره کي ڳالهه نه وڻي. يونيورسٽيءَ ۾ منھنجو ۽ ماه پاره جو وجود لازم و ملزو ٿي ويا.
هڪڙي ڏينھن، مان ڊپارٽمينٽ ۾ اڪيلو ويٺو، هڪڙي پين اسڪيچ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته نازو اچي منھنجي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي.
“توکي خبر آهي ته مان جنھن ڪميونٽيءَ سان تعلق رکان ٿي اتي سنڌي مرد جو Concept ڇا آهي؟” سندس ڪنڌ جهڪيل هو ۽ هوءَ آهستي ڳالھائي رهي هئي. “اسان وٽ سنڌي مرد جو تصور هڪڙي اهڙي ماڻھوءَ جو هوندو آهي جيڪو عورت کي پنھنجي پير جي جتي ۽ رانديڪو سمجهندو آهي. جڏهن تنھنجي ۽ منھنجي تعلق جا قصا، منھنجي گهر تائين پھتا هئا ته منھنجي ماءُ به مون کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر مون کيس چيو هيو ته سڀ ماڻھو هڪجھڙا نه هوندا آهن.”
“پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن.” چيو مانس.
“پر تو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پنج ئي آڱريون برابر ٿينديون آهن.” چيائين؛ “مون پنھنجي دل ۾ تنھنجي اجازت کانسواءِ، توکان پڇڻ بنا، هڪ اهڙي گهر جي اڏاوت شروع ڪئي هئي جنھن ۾ صرف تون ۽ مان هجون. پر تو ته هڪڙي ٺوڪر ۾ ان گهروندي کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي.”
“نازنين!” چيو مانس؛ “مون توکي ڪوبه دوکو ڪونه ڏنو آهي.”
ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائين. “توکي خبر نه آهي ته جڏهن منھنجي سؤٽ جو منھنجي لاءِ رشتو آيو هيو ته مون جواب ڏيئي ڇڏيو هيو. مون امان کي چئي ڇڏيو هيو ته مان ۽ تون صرف هڪٻئي لاءِ پيدا ٿيا آهيون. ڪوبه ٽيون اسان ٻنھي مان ڪنھن کي به حاصل نه ڪري سگهندو.” هن سڏڪو ڀريو.
سندس اک مان هڪ ڳوڙهو نڪتو ۽ “ٽپ” جو آواز پيدا ڪندي ڊيسڪ تي ڪري پيو. منھنجي هٿ مان پين ڪِري پئي.
“منھنجي مجبوري سمجهه نازو!” چيو مانس: “مان توکي زندگيءَ ۾ ڪا به خوشي نه ڏئي سگهان ها.”
“پنھنجي بي وفائيءَ کي مجبوريءَ جو نالو ڏئي مون تي احسان نه ڪر!” سندس لھجي ۾ حسرت تري آئي؛ “مان توکان ڪڏهن به ڪجهه نه گهرندس. مان پنھنجي حصي جون خوشيون به تنھنجي نالي ڪري ڇڏيندس.”
“تون تمام معصوم آهين نازو.” چيومانس؛ “بلڪل انھيءَ ٻار وانگر معصوم، جيڪو بازار ۾ پھرين نظر آيل رانديڪي تي هرکجي بيھي رهي. انھيءَ ڳالهه کان بلڪل بي خبر ته هر رانديڪو هر ٻار جو نصيب نه هوندو آهي.”
“شايد انھيءَ ڪري جو اهي رانديڪا مھانگا هوندا آهن. ان ٻار جي قوتِ خريد کان ٻاهر.” سندس لھجي ۾ تلخي اچي وئي؛ “پر مان پنھنجي پسند جو رانديڪو خريد ڪرڻ جي حيثيت ۾ آهيان. تون پنھنجي قيمت لڳاءِ!”
کلي پيم.
“مونکي اها خبر آهي ته جنھن کي تون منزل سمجهي رهيو آهين، اها منزل ناهي، ڇڙو هڪ سراب آهي. ڪاش تون سمجهي سگهين ته پاڇن جي پويان ڊوڙڻ مان ڪجهه نه ملندو! پاڇا اڪيلا نه هوندا آهن.” چيو مانس؛ “اهي هميشه ڪنھن نه ڪنھن وجود جو حصو هوندا آهن.”
“ويھه نازو!” چيومانس “وڃي پنھنجي امريڪا واري ڪزن سان شادي ڪر. مونکي ڀورائيءَ جي ڀل سمجهي وساري ڇڏ. مان تنھنجي نصيب جو رانديڪو ناهيان.” هوءَ ماٺ ڪري هلي ويئي. ڊيسڪ تي سندس ڳوڙهي جو نشان رهجي ويو.
انھيءَ ڏينھن کانپوءِ هوءَ يونيورسٽي نه آئي. ڪنھن ٻڌايو ته هوءَ پنھنجي ڪنھن ڪزن سان شادي ڪري پاڪستان ڇڏي چڪي هئي. مون کيس تقريبًا وساري ڇڏيو. پر ڪڏهن ڪڏهن ان ڊيسڪ تي نظر پوندي هئي ته اکيون ان ڳوڙهي جي نشان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون، جيڪو ڪڏهن جو ٻاڦ بنجي هوا ۾ گم ٿي ويو هيو.
ڏينھن، ڪنھن سرءَ-لڳل وڻ جي پنن وانگر، ڄامشوري جي طوفاني هوا ۾ هڪ هڪ ڪري وکري ويا.
اسان فائنل ييئر ۾ هئاسين ۽ آخري امتحان ٿيڻ ۾ ڪي هڪ ٻه مھينا وڃي بچيا هئا. سياري جي وئڪيشن ختم ٿيڻ کانپوءِ پھريون ڏينھن هيو. مان دستور موجب سينٽرل ڪينٽين جي ٻاهران ٺھيل سنڌ جي نقشي وٽ پوائنٽ جو انتظار ڪري رهيو هوس. مون محسوس ڪري ورتو هيو ته ماه پاره ۽ منھنجي دوستي هاڻي صرف منھنجي انا جي تسڪين جو ذريعو نه رهي هئي. سندس محبت مون کي ڪنھن وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ڇڏيو هيو. وئڪيشن واري جدائيءَ جا ڏينھن مون ڏاڍا ڏکيا ڪٽيا هئا. ان ڏينھن هوءَ ڪجهه دير ڪري آئي. کيس گلابي رنگ جو وڳو پھريل هيو. سندس نڪ نئون نئون ٽوپيل هيو، جنھن ۾ ڪاري رنگ جو ڌاڳو ڪنھن نٿ وانگر پيل هو.
“واه واه!” چيو مانس. “مئلن کي اڃا وڌيڪ مارڻ جو ارادو آهي ڇا؟”
هوءَ ڪجهه نه ڪڇي، ماٺ ڪري ڀرسان ويھي رهي.
چيو مانس: “اڄ ڏاڍو انتظار ڪرايئي!”
“ها” وراڻيائين “۽ مان توکي اهو ٻڌائڻ آئي آهيان ته منھنجو انتظار ڪرڻ جي عادت ڪڍي ڇڏ.”
“اها مونکي پڪي ڄاڻ آهي ته تون وڏي چرچائڻ آهين، سو هاڻي چرچا ڇڏ ته هلي اندر چانهه پيئون!” ايندي چيومانس. 
“منھنجي ڳالهه ٻڌ!” مون کي ٻانھن کان وٺي ويھاريندي چيائين. “هن سياري جي وئڪيشن ۾ منھنجو مڱڻو ٿي ويو آهي. مان نٿي چاهيان ته هاڻي ڪو مون کي تو سان گڏ ڏسي، منھنجي مجبوريءَ کي سمجهه!”
هڪ لمحي لاءِ ذهن مائوف ٿي ويو. حواس موٽيا ته چيو مانس؛ “پاڻ جيڪي هيڏا سارا خواب ڏٺا آهن تن جو ڇا ٿيندو؟”
“هر خواب جي حصي ۾ تعبير نه هوندي آهي.” ڪنڌ مٿي کڻي چيائين؛ “مان خوابن جي دنيا ۾ رهڻ واري آئيڊيلسٽ ڇوڪري ناهيان. خواب ماڻھوءَ جو پيٽ نه ڀرائيندا آهن. ماڻھوءَ کي حقيقت پسند هئڻ کپي.”
“ته ڇا منھنجي تنھنجي هڪ ٻئي لاءِ پسنديدگي ڇڙي بڪواس هئي! ڇا اسان جي هڪ ٻئي لاءِ چاهت حقيقت نه هئي؟” تلخيءَ مان پڇيومانس.
“هوندي.” چيائين؛ “پر، تو اهو ڪڏهن سوچيو آهي ته تون پنھنجي زال ۽ ٻارن ٻچن کي ڪھڙو مستقبل ڏئي سگهندين. توکي ته اها به خبر ناهي ته تنھنجي پنھنجي پڇاڙي ڇا ٿيندي؟!”
“تون آزمائين ته ها.” درد ۾ ٻڏل لھجي ۾ چيومانس؛ “تون ڏسين ته ها ته مان تنھنجي لاءِ ڇا ڪري ڇڏيان ها.”
“توکي ٻڌايم نه ته مان هڪ حقيقت-پسند عورت آهيان.” وراڻيائين؛ “مان هڪ مفروضي تي، هڪڙي حقيقت کي قربان ڪري نه ٿي سگهان.”
هوءَ اٿي بيٺي. مان ويٺو ئي رهيس. پنھنجو پاڻ ۾ بيھڻ جي سگهه نه سمجهيم. هوءَ ٻه قدم هلي ٿورو بيٺي، بنا پٺتي مڙڻ جي چيائين: “منھنجي صلاح مڃ، روهڙيءَ وڃي پنھنجي ڪنھن سؤٽ ماسات سان شادي ڪر، ڏکيءَ سکيءَ ۾ گذران ڪري ٻچا پالي ويندئي.”
هوءِ هلي وئي، ڪڏهن نه موٽڻ لاءِ. مان ڀڄي پيس ڪنھن شيشي وانگر!
هاسٽل جي ڪمري ۾ وڃي جو ڪريس ته ٻه ٽي ڏينھن ته خبر ئي ناهي ته ڪيئن گذريا. جڏهن ڪجهه هوش آيو ته پنھنجي ڀڳل وجود جا ٽڪرا ميڙي سيڙي سڌو وڃي روهڙيءَ نڪتس. ٻه ٽي مھينا گذري ويا. پر اهي ٻه ٽي مھينا ڪيئن گذريا؟ ڪا خبر ناهي. حياتيءَ جون حقيقتون تمام تلخ ٿينديون آهن. پيٽ، انسان کي حقيقت-پسند ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. ڪيترا ڏينھن بي خوديءَ جي نشي ۾ گذريا. سامت ۾ آيس ته حقيقت کي تسليم ڪيم.
موٽي اچي حيدرآباد وسايم. يارن جي مھربانيءَ سان ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور ۽ سئنيمائن جا پوسٽر ٺاهڻ کانپوءِ ايترو ڪجهه ملي ويندو هو جو جسم ۽ روح جو رشتو قائم رکي سگهيس ٿي.

“ننڊ پئجي وئين ڇا؟” نازنين جي سوال تقريبًا ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيو. گاڏي جيم-خاني جي پارڪنگ لان ۾ بيٺي هئي.
“نه نه!” ڦڪي کل کلندي چيومانس.
“چڱو هاڻي لھه! اڳ ۾ ئي دير ٿي وئي آهي.” چيائين.
“لھان ٿو.” چيو مانس؛ “پر اهو ته ٻڌاءِ ته اڄ جيم خاني اچڻ جو خاص سبب آهي ڇا؟”
“منھنجي هڪڙي اسڪول جي زماني جي ڪلاس فيلو هئي نسيم” چيائين؛ “اڄ ان جي شاديءَ جي پارٽي آهي.”
“معنى ته مان اڻ ڪانڍيو ٿيس!” چيومانس.
“گهٻراءِ نه! مان به اڄوڪي پارٽيءَ جي آرگنائيزرس مان آهيان ۽ تون منھنجو مھمان آن.” خاطري ڏيندي چيائين.
جيم خاني جي پوئين لان تي ترتيب سان ٽيبلون وڇايل هيون ۽ مھمانن جي اڪثريت پھچي چڪي هئي. خوبصورت ميڪ اپ ۾ ٽٻ عورتون ۽ فل سوٽن ۽ قيمتي ڪپڙن ۾ مرد. مون کي احساسِ ڪمتري وڪوڙڻ لڳي. سوچيم؛ اٿي وڃان، پر همت نه ڪري سگهيس. هڪڙي ٽيبل تي وڃي ويٺاسين. ٿوري دير کان پوءِ نازنين ڪنھن کي ڏسي هٿ لوڏيو. ڪنڌ ڦيري ڏٺم، سرير مان ست ڇڏائجي ويو. پنھنجي دل جو دهڪو ڪنھن دهل وانگر ٻڌڻ ۾ آيو. ماه پاره هڪڙي فل سوٽ پاتل پرسنلٽي واري ماڻھوءَ سان گڏ بيٺي هئي. گذريل وقت سندس وقار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. هن به نازنين کي ڏسي ورتو ۽ همراهه سوڌو اسان جي ٽيبل ڏانھن وڌي آئي. هن جي مون تي نظر ڪانه پئي هئي.
ٻئي هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ڳٽي تي چمي ڏئي مليون؛ “نازنين!” ماه پاراه مرد ڏانھن ڏسندي چيس؛ “هي آهي اسان جو پرنس چارمنگ طارق!” سندس لھجي ۾ محبت جا درياه پيٽيا پيا هئا.
“توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.” نازنين واقعي هن همراهه کي ڏسي متاثر پئي لڳي.
“خوشي ڪيئن نه ٿيندي ڀئي! چڱين شين کي هٿ ڪرڻ جو هونءَ ئي توکي وڏو ڏانءُ آهي.”
ماه پاره کلي پئي. هوءَ شايد نازنين جي طنز کي نه سمجهي سگهي هئي يا سمجهي ڪري به لنوائي وئي.
“هاڻي تون ٻڌاءِ!” نازنين کي چيائين؛ “تو وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڇا آهي؟”
“مون وٽ!” نازنين لحظي لاءِ چپ ٿي وئي. پوءِ مون ڏانھن اشارو ڪندي چيائين؛ “هي آهي سڃاڻينس ٿي؟” ماه پاره مون ڏانھن ڏٺو. هڪ پل لاءِ سندس منھن تي هڪڙو رنگ اچي لھي ويو. هن مون کي هيٺان کان مٿي تائين ڏٺو. منھنجي گٺل جين ۽ اڌوراڻي شرٽ ڏسي اکين ۾ حقارت تري آيس. هڪدم سندس چھري تي لاتعلقيءَ جو خول چڙهي ويو.
“شايد هي توهان سان گڏ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هئا.”
“ها شايد!” نازنين به رڳو ايترو چيس.
“معنى ته اڃا تائين تنھنجي ٽيسٽ سڌري نه سگهي آ نه!”
ماه پاره پنھنجي پر ۾ نازنين تي چرچو ڪيو. نازنين ماٺ ٿي وئي. پوءِ هوءَ پنھنجي مڙس کي ٻانھن ۾ هٿ وجهي ڀرسان واري ٽيبل ڏانھن وڌي وئي. نازنين کي پريان ڪنھن عورت اشارو ڪيو. هوءَ به “ايڪسڪيوز مي، مان اچان ٿي!” چئي اوڏانھن وئي، ته مان اٿي جيم خان مان نڪري آيس.
وڏي گيٽ کان ٻاهر نڪري رهيو هوس ته نازنين جو سڏ ٻڌم. ڦري ڏٺم، هوءَ ڊڪندي اچي رهي هئي.
“ڪاڏي ٿو وڃين؟” سھڪندي چيائين.
“مان هنن پارٽين جي قابل ناهيان.” چيومانس؛ “مان موٽي حقيقت جي دنيا ۾ وڃڻ ٿو چاهيان.”
“يقين ڪر ته مون کي ماه پاره مان هن رويي جي توقع نه هئي.” سندس لھجي ۾ خلوص هو. “مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪو هوءَ به هن پارٽيءَ ۾ ايندي.”
“مان توکي ڪوئي ڏوهه نٿو ڏيان.” چيو مانس؛ “مونکي موڪل ڏي.”
“ترس! مون کي ٻانھن کان وٺي چيائين؛ “مان گاڏي ڪاهي اچان.”
“منھنجي ڪري تون پنھنجي پارٽي نه وڃاءِ نازنين.” چيو مانس “مون کي هاڻي به حيدر چونڪ تان مني ٽيڪسي ملي ويندي، جيڪا سينٽرل جيل وٽ لاهي ڇڏيندي.”
“نه نه!” التجا ڪندي چيائين؛ “هاڻي ڪھڙو مزو ايندو. مان توکي ڊراپ ڪري گهر ويندس هلي.” هوءَ گاڏي ڪاهي آئي. مان ماٺ ڪري ويھي رهيس. سڄو رستو ٻنھين مان ڪنھن ڪونه ڪڇيو.
فليٽ جي هيٺان گاڏي اچي بيھاريائين.
“دروازو اندران لاڪ ڪري ڇڏجان!” وري چوڻ لڳي؛ “منھنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ.”
ڦري ڏٺم، چيائين: “تنھنجي لاءِ منھنجي دل جو دروازو هميشه کليل آهي ۽ هميشه کليل رهندو، جيستائين اکين جا تاڪ بند نه ٿا ٿي وڃن.”
سندس لھجي ۾ سچائي، اکين ۾ خلوص ڀريل هو. دروازو کوليم. مٿي ڪنھن فليٽ ۾ ڪو شوقين فل آواز ۾ ڊيڪ هلايو ويٺو هو، جنھن ۾ مھدي حسن، احمد فراز جو مشھور غزل “رنجش ئي سھي، دل هي دکاني ڪي لئي آ.” ڳائي رهيو هو. کليل در مان مھدي حسن جي پرسوز آواز ۾ شعر ٻڌڻ ۾ آيو:
ڪڇ تو ميري پندار محبت ڪا ڀرم رک،
تو ڀي تو ڪڀي مجهه ڪو مناني ڪي ليي آ!
پوئتي ڦري ڏٺم. هوءَ مون کي ان شعر جي مجسمه تصوير نظر آئي. گاڏيءَ مان لھي دروازو زور سان بند ڪيم. هوءَ بت بڻي مون ڏانھن تڪي رهي هئي ۽ مون ڏاڪڻيون چڙهڻ شروع ڪري ڏنيون.

No comments:

Post a Comment