Thursday, February 17, 2011

۾ - امر جليل Trouble سچل سرمست


سچل سرمستTrouble  ۾


امر جليل

ٻه اڇن اُجرن ڪپڙن سان قداور، ٿلها ۽ ٽڪڻ وٽان گنجا شخص ٽنڊي جي مشهور ٻاڪڙا هوٽل ڪيفي ڪنگال ۾ لنگهي آيا. ٻئي پنجاهه جي لڳ ڀڳ هئا ۽ وٽيل سٽيل هئا. ٻاڪڙي ۾ ويٺل گراهڪ سندن شخصيت کان بيحد متاثر ٿيا ۽ منهن ورائي هنن ڏانهن ڏسڻ لڳا (ٿلها ماڻهو ڏسڻ ۾ رعبدار۽ معتبر ايندا آهن . )ٻئي ٿلها نڪ سڌو وڃي دخل  *تي بيٺا ۽ ڪيفي ڪنگال جي مالڪ عاشق آزاد سان ڳالهائڻ لڳا.
ڪيفي ڪنگال جو اصلو ڪو نالو “ اسٽار آف سنڌ ريسٽورنٽ” آهي، تنهنڪري سندس ستارو گردش ۾ آهي. هن ٻاڪڙا هوٽل ۾ فقط اُهي گرا هڪ ايندا آهن ، جن جي هٿن جا ليڪا ٽيڪن ۽ ڪوڏرن جي رهڙن سان ڊهي ويندا آهن. ٻاڪڙن جا گرا هڪ پنهنجين پيشانين تي صدين جي تاريخ جا آثار کڻي گهمندا آهن . سندن چپن تي انسانيت جي اُها گم ٿيل مرڪ هوندي آهي، جنهن جي تلاش ۾ انسان “ فيس پائوڊر “ کان “ گن پائوڊر “ تائين ايجادون ڪري ڇڏيون ، پر مُرڪن جي فيڪٽري تيار ڪري نه سگهيو آهي.
ٻاڪڙا هوٽلن ۾ ڇوڙ ڀڳل چيڪاٽ ڪندڙ ٽيبلون ۽ ڪرسين بدران بينچون رکيل هونديون آهن، جتي مون جهڙا مولائي ايندا آهن ، ويهندا آهن ۽ ڪڙڪ چانهه پي فلمن جا گانا  ۽ قوالين جا رڪارڊ ٻڌندا آهن.
ڪيفي ڪنگال جو مالڪ عاشق آزاد، آسر کان اڌ رات تائين زور زور سان لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جا رڪارڊ وڄائيندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ٻاڪڙي جي پبلسٽي ڪندو آهي. هوٽل ۾ چار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن، جن مان ايڏو ته آسمان ڦاڙ آواز  نڪرندو آهي، جو ٻاڪڙي جا گراهڪ اندريان آواز وساري گانن جي لهرن ۾ لڙهي ويندا آهن، سپ سپ ڪري چانهه پيئندا آهن ۽ پنڪيون کائيندا آهن.
ڪيفي ڪنگال جي بلڪل سامهون نور مسجد آهي. مسجد جي مينارن تي اڳ ٻه لائوڊ اسپيڪر لڳل هوندا هئا. پر پوءِ جڏهن عاشق آزاد محمد رفيع جو فلم “ برسات” ۾ ڳايل ڳانو “ مين زندگي مين هردم روتا هي رها هون” جو رڪارڊ وٺي آيو، تڏهن مسجد جي انتظامي ڪاميٽيءَ هڪ هنگامي اجلاس سڏايو ۽ ٿڏي  تي ٻن وڌيڪ لائوڊ اسپيڪرن خريد ڪرڻ جي رٿ پاس ڪري ڇڏي. تڏهن کان نور مسجد جي مينارن تي چار لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن، جن مان ڏينهن ۾ پنج دفعا ٻانگ جو آواز ايندو آهي ۽ جمع ڏينهن مولانا عبدالجبار گپچاڻي لاڳيتو ڏيڍ ڪلاڪ تائين خطبي کان اڳ ڳالهائيندو آهي. هو ماڻهن کي قبر جي عذاب، قيامت جي ڊپ ۽ الله سائين ءَ جي قهر کان ڏڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ماڻهو ، جيڪي بک جي عذاب ، بيروز گاريءَ جي ڊپ ۽ خالي ذهن ۾ ويٺل راڪاسن جي قهر کان ڪنبيل آهن. تن تي مولانا عبدالجبار گپچاڻيءَ جي تقريرن جو زبردست اثر ٿيندو آهي.
جڏهن به نور مسجد جي چئن لائوڊ اسپيڪرن مان ٻانگ جو آواز اچڻ شروع ٿيندو آهي، عاشق آزاد هڪدم رڪارڊنگ * بند ڪري اکيون به ڪري ڇڏيندو آهي . ۽ پو ءِ جڏهن ٻانگ ۾ محمد رسول الله جو  نالو ٻڌندو آهي، تڏهن ٻئي اڱوٺا چمي اکين*تي رکندو آهي. ٻانگ ختم ٿيندي آهي ته پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي وارن ڀريل سڀني کي شوڪارو هڻي، هڪدم رڪارڊنگ شروع ڪندو آهي، “ مين زندگي مين هردم روتاهي رها هون . “
هڪ دفعي مولانا عبدالجبار گپچاڻي ڪيفي ڪنگال آڏو اچي بيٺو هو. چولي جون ٻانهون ٺونٺين تائين کنجي ، هٿ لوڏي ، ٻانهون لوڏي، پير  ڌرتيءَ تي هڻي، ننهن چوٽي ءَ جو زور لڳائي، رڙيون ڪرڻ لڳو هو. ايڏيءَ جفاڪشيءَ کان پو ءِ به ماڻهو فقط “ روتا هي رها هون “ ٻڌي رهيا هئا. جڏهن ماڻهن  جو ميڙ ٻاڪڙي جي ٻاهران وڌندو ويو ، تڏهن عاشق آزاد رڪارڊ لاهي ڇڏيو ۽ مولانا جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو . مولانا اول آزاد کي قبر جي عذاب، قيامت جي ڊپ ۽ الله سائين جي قهر کان ڏڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ پوءِ چيو هئائين ، “ شرم ڪر، عزيزم، جناب عاشق علي آزاد بن معشوف علي برباد* شرم ڪر.” عاشق آزاد دخل جي خاني مان رڪارڊنگ ڪرڻ جو ليسن ڪڍي مولانا کي ڏيکار يندي چيو هو، “مون وٽ رڪارڊنگ ڪرڻ جو ليسن آهي.” مولانا ليسن نظر انداز ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي هئي. “ من مسلمان هوندي به تون هندستاني فلمن جا رڪارڊ، يعني ڪافرن جو رڪارڊ وڄائيندو رهين ٿو . ڇا پاڪستاني ڳائڻا مري ويا آهن؟ ڇا ملڪه ترنم ميڊم نور جهان صاحبه تمغه خدمت ۽ جناب  مهدي حسن صاحب تمغه خدمت مري ويا آهن؟ ڇا پاڪستان ۾ گوين جو ڪال پئجي ويو آهي! شرم ڪر، ڪجهه ته خيال ڪر. پاڪستاني فلمن جارڪارڊوڄائيندو ڪر، جهڙوڪ – “ميرا کوئي نهين هي تيري سوا.”
مولانا جي تلقين ، قبر جي عذاب ۽ قيامت جي ڊپ جو عاشق آزاد تي تر جيترو به اثر نه ٿيو ۽ هو اڃان تائين زور زور سان لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جارڪارڊ وڄائيندو آهي. هر جمعي تي مولانا عبدالجبار گپچاڻي پنهنجي تقرير ۾ نمازين کي ٻڌائيندو آهي ته عاشق آزاد هندستان جو سيڪريٽ ايجٽ آهي، پاڪستان جو دشمن ۽ غدار آهي، ۽ اندرئي اندر ائٽم بم تيار ڪري رهيو آهي. جڏهن ٻه اڇن اُجرن ڪپڙن سان قداور، ٿلها ۽ ٽڪڻ وٽان گنجا شخص ڪيفي ڪنگال ۾ لنگهي آيا، تڏهن سڀني گراهڪن کي سخت تشويش ٿي ۽ هر ڪو منهن ڦيرائي هنن ڏانهن ڏسڻ لڳو. مون سمجهيو خدائي فوجدار آهن ۽ عاشق آزاد جي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا آهن.
هو ٻئي دخل تي ٺونٺيون رکي بيٺا هئا ۽ رڙيون ڪري عاشق آزاد سان ڳالهائي رهيا هئا. سندن سموريون رڙيون محمد رفيع جي رڙين ۾ گم ٿي پئي ويون، “او دنيا ڪي  رکهوالي، سن درد بهري ميري نالي.”  هو ٻئي مٺيون ڀيڪوڙي ۽ ڍريون ڪري، منهن سڄائي ۽ لڙڪائي، اکيون ڦوٽاري ۽ چنجهيون  ڪري عاشق آزاد سان ڳالهائي رهيا رهيا هئا.  پريان، ڀانءِ ته گونگي فلم هلي رهي آهي.
رڪارڊن جي  مغز ٽوڙ آوازن ۾ فقط هوٽل جو ٽيبل وارو * ڌڻي بخش عرف  ڌنو ڳالهائي سگهندو آهي. رڪارڊن جي گوڙ گهمسان  ۾ سندس آواز ٻڌي سگهبو آهي، “ساب سي ڇهي آنه ليو، ڇهه  آنه” – “ايڪ سنگل دال فرائي اور ايڪ پتير پهينڪو” – يا “بهائي ڪو ايڪ ڪڙڪ گولي مار چائي مارو.” جڏهن رڪارڊ وڄڻ بند ٿي ويندوا آهن، تڏهن ڌڻي بخش عرف ڌنو به ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهي. اصل ۾ ڌني جو آواز  گهگهو ٿي ويهجي ويو آهي ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڳائڻن وانگر کيس “ڌوم ڌڙام ٿُڪَ ٿي غلام” جهڙن سازن جو سهارو رڪارڊن مان وٺڻو پوندو آهي.  ميوزڪ يعني موسيقيءَ جي آڌار تي ڌني جو آواز بيحد دلفريب، وڻندڙ ۽ سريلو ٿي پوندو آهي.  ڌني جو دنيا ۾ فقط هڪ دوست آهي، اُهو آهيس قلندر شهباز جو چوُ هو. لتامنگيشڪر ۽ محمد رفيع جي گانن تي مست ٿي ڌنو آرڊر تي آرڊر ڏيندو ويندو آهي ۽ قلندر لعل شهباز جو چوُ هو سُرن تي سر ڌوڻڻ لڳندو آهي.
عاشق آزاد رڪارڊن جي هاءِ گهوڙا ۽ وٺ پڪڙ  ۾ ڌني جو آواز ٻڌي ۽ سمجهي سگهندو آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته عاشق آزاد جيڪڏهن ٽنڊي ۾ ٻاڪڙا هوٽل نه کولي ها ته جيڪر اسماعيل آزاد قوال جي مقابلي ۾ قواليون ڳائي ها، ملڪ ۾ نالو ڪڍي ها ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري ها. هن ۾ اهڙا “ گٽس” آهن. عاشق آزاد کي ٽي هابيون يعني مشغوليون پسند آهن . هو اخبارن ۽ رسالن مان فلم ايڪٽريس شميم آرا جا فوٽا ڪپي هوٽل جي ڀتين تي چنبڙا ئيندو آهي ۽ ريڊيو پاڪستان ، ريڊيو سيلون ، آڪاش واني “ آمدآباد (ني) ٻڙودا” ۽ آل انڊيا ريڊيو جي اردو پرو گرامن ۾ فرمائشي خط لکندو آهي. *
عاشق آزاد ڪَنَ تي هٿ رکي ٻنهي ٿُلهن جي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو . جڏهن کيس رڪارڊ جي گوڙ ۾ ٿلهن جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ، تڏهن هن رڪارڊ لاهي ڇڏيو . اوچتو رڪارڊ لاهڻ ڪري هوٽل ۾ مڪمل خاموشيءَ ڄڻ اچي ڦهڪو ڪيو.
رڪارڊ بند ٿيڻ شرط ڌني به ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. ٻئي ٿلها پنهنجو ڦاٽل دهل جهڙو آواز ٻڌي ششدر ٿيا. هڪ ٻئي جي منهن ۾ ڏسي خاموش ٿي ويا.
ٻنهي ٿلهن مان هڪ جي ڦٿل نڪ هيٺان ڀوائتيون مڇون هيون ۽ ٻيو صفا چٽ هو ۽ سندس نڪ سر ڻ جي چهنب جهڙو  هو. هن کنگهڪار ڪري زور سان پڇيو، “ سچل ڪٿي آهي؟”
پنهنجو نالو ٻڌي مون ڪن کڙا ڪيا. هنن ڏانهن نهاريم، عاشق آزاد مون طرف هٿ سان اشارو ڪندي چيو، “ سامهون جيڪا دري آهي نه.”
“ ها،” صفا چٽ وراڻيو.
“ ۽ دريءَ جي ڀرسان شميم آرا جو فلم “ برباد جواني” مان ورتل فوٽو لڳل آهي نه.”
“ ها.”
“ ان فوٽوءَ جي بلڪل هيٺان ڀت کي ٽيڪ ڏيئي جيڪو موالين جهڙو ڇوڪراٽ ويٺو آهي نه.”
“ ها.”
“سو آهي سچل.”
ٻنهي ٿلهن مون ڏانهن اهڙين نظرن سان ڏٺو ڄڻ مان ماڻهو نه پر مترڪو هوس ۽ سماجي شيش محل کي چُور چُور ڪري رهيو هوس. ٻنهي جي اکين جي مشڪوڪ نگاهه، نرڙ جا گهنج ۽ ڪنڌ جي آڪڙ ڏسي هڪدم سمجهي ويس ته هو ٻئي عاشق آزاد جي نه، پر  منهنجي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا هئا.
جن ڏينهن ۾ مان پرائمري ماستر هوس ۽ هڪ سئو پنجن رپين مان پندرهن ڀاتين جو نه پيٽ ڀري سگهندو هوس ۽ نه تن ڍڪي سگهندو هوس. تڏهن حڪومت کي دڙڪو ڏنو هوم ته منهنجي پگهار وڌايو يا وڏي پگهار واري نوڪري ڏيو نه ته مان خودڪشي ڪندس. پوءِ جلدئي مون کي خبر پئجي وئي هئي، ته هتي نه فقط مون جهڙن انسانن لاءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق زنده رهڻ ڏوهه آهي، پر پنهنجي مرضيءَ سان مرڻ به ڏوهه آهي. خودڪشيءَ جو اعلان ڪري پاڻ کي اجايو قانون جي نظرن ۾ ڏٺو ڪيو هوم. ٻنهي ٿلهن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي سمجهي ويس ته خدائي فوجدار آهن ۽ مون کي مُڙدن جهڙي زندگي گذراڻ لاءِ مجبور ڪرڻ آيا آهن.سوچيم، ڀڄي وڃان. پر اوچتو خيال آيو ته انسان عزرائيل کان پيڇو ڇڏائي سگهي ٿو، پرهن قسم جي مخلوق کان جان ڇڏائڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري رب جي رضا تي راضي ٿي ويهي رهيس.
سڄي ٻاڪڙي جا گراهڪ ٿلهن ڏانهن ڏسي رهيا هئا ۽ ٿلها قدم قدم سان ملائي مونڏانهن وڌي رهيا هئا. جڏهن ٻئي ڄڻا مون کي ويجهو پهتا، تڏهن ڳالهائڻ بنا لانگ ورائي بينچ تي ويهي رهيا. منهنجو جائزو وٺڻ کانپوءِ هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺائون، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيائون. ڄڻ سندن شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو هو. صفا چٽ نڙي صفا ڪئي ۽ پوءِ ڊوميسائيل سنڌيءَ ۾ پڇيائين، “ تنهنجو نالو سچل آهي؟”
“ ها،” وراڻيم، “ منهنجو نالو سچل آهي. مون اڄڪلهه خودڪشيءَ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ خدا جي فضل سان ۽ منسپالٽيءَ جي ڪرم سان راحت سينيما جي ڀرسان پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم.”
هنن منهنجي ڳالهه کان پوءِ به نه ڳالهايو.خاموش رهيا ۽ منهنجي منهن ۾ چتائي ڏسڻ لڳا. سندن نگاهون پنهنجي جسم ۾ چڀنديون محسوس ڪيم. بيچيني محسوس ڪيم ته چيم، “ توهين  يقين ڪريو، مون سچ پچ خودڪشيءَ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ذري گهٽ رد ڪري ڇڏيو اٿم. ڏسو نه، زنده رهڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي. مزوئي مزو آهي!اسان هوا ۾ ساهه کڻي سگهئون ٿا، کلي سگهئون ٿا، روئي سگهئون ٿا. ڏسو نه، جيئرو رهڻ لاءِ ته پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا اٿم. مرڻو هجيم  ها ته جيڪر ماستري نه ڪريان ها!”
هنن تڏهن به نه ڳالهايو. ٽيبل تي ٻانهون رکي، کاڏين هيٺان اُبتا هٿ ڏيئي مون ڏانهن ڏسندا رهيا. سندن خاموشي مون کي پريشان ڪرڻ لڳي. گُهٽ محسوس ڪيم ته ڳالهايم، “ مان سچ پچ پڪوڙا وڪڻندو آهيان. توهان به دل ۾ سوچيندا هوندا، ته ڀلا گريجوئيٽ به ڪڏهن  پڪوڙا وڪڻيا آهن! گريجوئيٽ ته ڪلارڪ ٿيندا آهن، دفتري ٿيندا آهن، ماستر ٿيندا آهن! سائين مان گريجوئيٽ آهيان، پر مون وٽ سرٽيفڪيٽ ڪونهي. مون پنهنجو سرٽيفڪيٽ سچل نالي هڪ شخص کي ڏهن رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي. هن وٽ جئڪ هو. هو هينئر گزيٽيڊآفيسر آهي.”
 ٻنهي ڄڻن تڏهن به نه ڳالهايو. سندن منهن سانڊي وانگر رنگ مٽائيندا رهيا. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو. منهنجي ڀرسان آچر ويٺو هو ( آچر جي پيءُ جو نالو سومر آهي). هن منهنجي حال تي رحم کاڌو. منهنجي پاران چيائين، “ ها سائين، سچل جڏهن پرائميري ماستر هو، تڏهن بک مرندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن بک ۾ پاهه ٿي خودڪشيءَجو ارادو ڪيو هئائين، چريو.” ٻنهي ٿلهن ڪافور جي گُڏن وانگر ڪنڌڦيرايو. مون تان نظرون هٽائي آچر جي منهن تي کپائي ڇڏيائون.
آچر چيو، “ سچل جڏهن کان ماستري ڇڏي پڪوڙا وڪڻڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان آسودو آهي. خودڪشيءَ جو خيال به دل مان ڪڍي ڇڏيو اٿائين.”
ٻنهي ٿلهن جون اکيون عقاب جي اکين وانگر گول ٿي ويون. هنن تڏهن به نه ڳالهايو. آچر جي حالت مون جهڙي ٿي ويئي. هن چيو، “ سائين، مان ني ،راحت سينيما وٽ ڳنڍيريون وڪڻندو آهيان.”
“ خاموش،” ٻنهي ٿلهن اوچتو رڙ ڪئي. رڙ بيحد خوفناڪ هئي، ايتري قدر جو قلندر لعل شهباز جي چوهي کان به ڇرڪ نڪري ويو. آچر ڊپ وچان سوال جي نشاني ٿي ويو. جنهن ٿلهي جو نڪ ڦٿل هو، سو ڏسڻ ۾ هوبهو مانگر مڇ جهڙو پئي آيو. هن آچر کي ڇڙٻ ڏيندي چيو، “ get out”.
آچر انگريزي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ ۾ سنڌ جي نمائندن جهڙو آڙي ڪاپ آهي. هن جملو الائي سمجهيو هو يا نه، پر جملي جو لهجو هڪدم سمجهي ويو ۽ بنا دير جي ٻاڪڙي مان کسڪي ويو.
ٻيا گراهڪ به ٻاڪڙي جي هنگامي حالت ڏسي کسڪڻ لڳا.
ٻنهي ٿلهن ٻيهر پنهنجون نظرون مونتي کُپائي ڇڏيون.
مون جست جي چٻي ٽنڊي جڳ مان جست جي چٻي ٽنڊي گلاس ۾ پاڻي پيٽيو ۽ يڪ ساهي پي ويس، پاڻي پي، ٿڏو ساهه کڻي ٻنهي ڏانهن ڏٺو. کين ڏسي نظرون جهڪائي ڇڏيم ۽ آڱر سان ميز جي مر لاهڻ لڳس.
کنگهڪار جو آواز ٻڌي منهن مٿي ڪيم. صفاچٽ پڇيو، تون ڪڏهن کان شاعري ڪري رهيو آهين؟”
“شاعري.” مونکان ڇرڪ نڪري ويو. ڄڻ پٿر هڻي ڪڍيائون.
“ ها شاعري.”
وراڻيم، “ مان ۽ منهنجي گهر جا ڀاتي جڏهن بک مرندا هئا ۽ دوا بنا درد ۾ ڦتڪندا هئا، تڏهن به مونکي مرڻ جو خيال آيو هو، پر شاعري ءَ جو خيال نه آيو هو.”
صفاچٽ پنهنجي مانگر مڇ جهڙي ساٿيءَ کي انگريزيءَ ۾ چيو “ڏاڍو چالاڪ آهي.” مانگر مڇ جو ڦٿل نڪ پڪوڙي جهڙو ٿي ويو. هن پڇيو، “ تون انڪار ٿو ڪرين، ته تون شاعر ناهين.”
“ مان بلڪل سالم دماغ جو انسان آهيان،” وراڻيم، “ شاعرن ۽ افسانه نگارن کي کوپريءَ ۾ خلل هوندو آهي. مان چاڪ چڱو ڀلو آهيان، ۽ پڪوڙا وڪڻندو آهيان.”
“ ياد رک.” صفا چٽ چيو، “ اسان تنهنجو هڪ هڪ جواب نوٽ ڪري رهيا آهي. ڇاتون شاعر ناهين؟”
“ نه منهنجو پيءُ شاعر هو ۽ نه مان شاعر آهيان ۽ نه ئي منهنجي اولاد مان ڪو شاعر ٿيندو.”
“ ڇا تنهنجا شعر رسالن ۾ نه ڇپيا آهن؟”
وراڻيم. “ مونکي فقط هڪ رسالي جي خبر آهي، جيڪو ڪاغذ جو نه پر ڏامر جو ٺهيل آهي ۽ جتي شعر نه پر ڪتا نظر ايندا آهن. اُهو آهي حيدرآباد جو رسالا روڊ.”
مانگر مڇ چيو، “ اسان کي کلڻ جي عادت ڪونهي، تنهنڪري اسان کي اجايو کلائڻ جي ڪوشش نه ڪر.”
وراڻيم. “ مان گذريل هڪ ڪروڙ سالن کان کلي نه سگهيو آهيان، ٻين کي ڪيئن کلائي سگهندس.”
صفاچٽ چيو، “ تو شايد اسان کي سڃاتو ناهي.” “ نه،” وراڻيم، “ پر ايترو سو سمجهي سگهان ٿو ته توهان ٻئي منهنجي ڪهاڻي ختم ڪرڻ آيا آهيو.”
صفا چٽ ۽ پنهنجي  ساٿي ءَ جي واقفيت  ڪرائي. مان سندن نالا ۽ عهدا ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيس. ٻئي عالمي جاسوس هئا. کين پڪ ڏيارڻ خاطر چيم، “ توهان ناميارا ڊٽيڪٽو پنهنجو قيمتي وقت وڃائي رهيا آهيو. مان اقرار ٿو ڪريان ته مون خودڪشيءَ جو ارادو ڪيو هو، پر مان شاعر نه آهيان ۽ ايندڙ ست هزار سالن تائين شاعر ٿي نه سگهندس.”
مانگر مڇ چيو، “ اسان ٻئي خلائي ستاري جا مشهور ۽ بي مثال عالمي جاموس 008  ۽ 009  آهيون. اسان جي اک ڪيميرا آهي.”
وراڻيم، “ سائين، منهنجي فوٽي جو نيگيٽو پازيٽو هوندو آهي، ۽ پازيٽو هميشه نيگيٽو  لڳندو  آهي.”
“ تنهنجيون ڳالهيون بلڪل جپاني شاعرن جهڙيون آهن.” صفاچٽ چيو.
“ اسان کي معمولي ماڻهو نه سمجهه،” مانگر مڇ چيو، “ اسان اُن خلائي ستاري جا باشندا آهيون، جيڪو زمين تي امن امان برقرار رکڻ لاءِ صدين کان گردش ۾ آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به اسان هتي اچي چڪا آهيون. جيڪي به انقلابي هندو ۽ مسلمان شاعر زهريلي شاعري ڪنداهئا، تن جا پول پڌرا ڪندا هئاسين ۽ کين ٽيپ کارائيندا هئاسين. 1857وارو بلوو اسان جي غير موجود گيءَ ۾ ٿيو هو. اُنهن ڏينهن ۾ اسان آفريڪي حبشين خلاف مهم سر ڪرڻ ويا هئاسين.”
هنن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو ۽  پنهنجو سونهري ماضي ياد ڪري گُد گُد ٿيا. مان حيرت مان سندن حيرت انگيز ڪارناما ٻڌندو رهيس. صفا چٽ چيو، “جيڪي به باغي شاعر علامتي يعني Symbolic شاعري ڪندا هئا ۽ عوام کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اسان تن جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندا هئاسين.”
مانگر مڇ چيو، “ جتي انگريز ڊٽيڪٽو ناڪام رهندا هئا، اُتي اسان اهڙا ته ڪارناما ڪري ڏيکاريندا هئاسين، جو انگريز عملدارن کي ڏندين آڱريون پئجي وينديون هيون.”
وراڻيم، “سائين، ڏندين آڱريون اسان ديسي ماڻهو ڏيندا آهيون. انگريز ڏندين بُرش ڏيندا آهن.”
“ زبان سنڀالي ڳالهاءِ سچل،” ڦٿل نڪ واري چيو، “ تنهنجو رويو جپان جون حدون ٽپي چين ۾ داخل ٿي رهيو آهي.”
صفا چٽ چيو، “ تو عالمي امن خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.  اڄ ڪلهه تون سخت اعتراض جو ڳي ۽ انقلابي شاعري ڪري رهيو آهين.”
“ انقلابي شاعري!” حيرت مان پڇيم.
“ ها، تون سو في صدي خالص ملحدانه ۽ انقلابي شاعري ڪري رهيوآهين.” عالمي جاسوسن 008 ۽ 009 ڪورس ۾ چيو. انقلاب ۽ شاعريءَ جون ڳالهيون ٻڌي، رهيا کهيا گراهڪ به ڊپ وچان ٻاڪڙو ڇڏي ڀڄي ويا. هوٽل ۾ ٻن ٿُلهن ۽ مون کان سواءِ عاشق آزاد،ڌڻي بخش عرف ڌنو ۽ قلندر لعل شهباز جو چوهو وڃي بچيا. شاعري، فساد ۽ افقلاب جي بحث جو قلندر لعل شهباز جي چوهي تي زبردست اثر ٿيو. هو هڪ بينچ تي ليٽي پيو ۽ کينوڙي جيتري مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي ٿُلهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
مانگر مڇ چيو، “ تو جهڙا انقلابي شاعر سماج دشمن آهن.” چيم، “جيڪا شيءَ وجود ۾ ئي ڪونهي تنهن جو مان دشمن ڪيئن ٿيندس.”
“ تون سماج جي وجود کان انڪار ٿو ڪرين؟”
وراڻيم، “ گهاڻي جو ٻيو نالو جيڪڏهن سماج آهي. ته پوءِ مان سماج جي وجود کان انڪار نٿو ڪريان.”
ٻنهي ٿلهن پاڻ ۾ سرگوشي ڪئي. پوءِ صفا چٽ چيو، “ اسان تو کي گرفتار ڪنداسين.”
“ ڇو؟”
“ ڇو جو تون سچل آهين.”
“ مان سچل آهيان، اُن ۾ منهنجو ڏوهه ڪونهي . ڏوهه منهنجي پيءُ جو آهي جنهن منهنجو نالو سچل رکيو آهي.” جواب ڏنو، “ پر مان پنهنجي پٽ جو نالو ڪُوڙل رکندس. جهڙو ديس تهڙو ويس.”
“ جيڪي ڪجهه تنهنجي باري م ٻڌو  هئوسين، تون ان کان به سرس آهين.” صفا چٽ ڪجهه دير کانپوءِ چيو.
“ڇا ٻڌو هيو؟”
“ته تون سڌو سنئون ڪارل مارڪس جي اثر هيٺ آهين.” “ مان مئچ باڪس جي اثر هيٺ آهيٺان.”
“يعني، تنهنجي شاعري ۾ شعلا آهن. تنهنجي شاعري ساڙيندي آهي!”
ڌڻي بخش عرف ڌنو بحث ۾ ٽپي پيو، “ سائين هي ويچارو ڇا ڄاڻي شاعريءَ ٻاعري ءَ مان. هي ته مستانو آهي، مستانو.”
“ڇا چيئه، مستانو!” صفا چٽ رڙڪري اُٿي بيٺو ۽ پوءِ ويهي رهيو. چيائين، “ مستانو، يعني مست، يعني سر مست، يعني هي سر مست آهي.”
مانگر مڇ چيو، “ڪيئن ! ڦاسي پئين نه سچل سرمست.”
صفا چٽ چيو، “اسان کان بچي وڃڻ سولو ڪونهي، مسٽر سچل سرمست.”
چيم، “مان سچل سرمست ناهيان، سچل پڪوڙائي آهيان.
راحت سينيما جي ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو آهيان.”
“تون نه فقط  سچل پڪوڙائي آهين، پر سچل چرچائي به آهين.”
 مانگر مڇ چيو، “ تون اصل ۾ سچل سرمست انقلابي شاعر آهين.”
صفا چٽ هڪدم پڇيو، ڀلا ٻڌاءِ مذهب جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟”
“مذهب!” پڇيم. “ ڪهڙو مذهب؟ دنيا ۾ گهڻائي مذهب آهن، اسلام، عيسائي، ٻڌ ڌرم ۽ - “
“بس بس بس،” صفا چٽ ذري گهٽ اُٿي بيٺو ۽ ويهي رهيو. سندس منهن مان فتح جو احساس ظاهر ٿيڻ لڳو. چيائين، “تون سياڻي ڪانو وانگر ٻه ٽنگو ڦاسي رهيو آهين، سچل سرمست.”
مونکي توهانجي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.” ٻنهي ٽهڪ ڏنو ۽ مون تان ٺٺولي ڪندي چيائون، “ ڪهڙو مذهب!”
صفا چٽ چيو، “تون ڄائي ڄم کان مذهب، مسجد، نمازن، پيرن ۽ بزرگن جي خلاف آهين، تون ڪميونسٽ آهين.”
مانگر مڇ هڪدم شعر پڙهيو:
“مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
پيرن بزرگن پنڊتن بيحد ڀُلايا،
ڪي نمازون نو ڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا، عقل  وارا عشق کي.”
صفا چٽ پڇيو، “ڇا اهو ملحدانه شعر تنهنجو ناهي؟”
وراڻيم، “ تيل جي ڪڙائي ۽ پڪوڙن جي گاڏي کانسواءِ هن دنيا ۾ منهنجو ڪجهه به ڪونهي.”
ڪجهه دير تائين ٻئي ٿلها خاموش رهيا.
“مسٽر سچل سرمست،” مانگر مڇ نيٺ ڳالهايو.
“سچل سرمست نه، مان سچل پڪوڙائي آهيان.”
o.k،” هن کلندي چيو، “ ڇا تون مسلمان آهين.”
“ها. پڪو.”
“توکي ڪنهن مسلمان ڪيو آهي؟”
“هان!”
“توکي ڪنهن مسلمان ڪيو هو؟”
“جي ! ڪنهن به نه.”
“ڪنهن به نه؟”
“منهنجو مطلب آهي،” مان سندس آڏي پڇا آڏو هٻڪڻ لڳس،
“منهنجو مطلب آهي، مان ڄائي ڄم کان مسلمان آهيان.”
“ڦاٿين،” مانگر مڇ ٽيبل تي مڪ وهائي ڪڍي. چيائين
“ٻيهر ڦاٿين، مسٽر سچل سرمست.”
صفا چٽ چيو، “ پنهنجو هڪ بيت ٻڌ-
ڪلمي مونکي ڪين ڪيو مُورئون مسلمان،
نڪو احمد موڪليو عرب کان ايمان،
سچو آهي سبحان، ماڻهن ليکي آدمي.”
مانگر مڇ چيو، “ جنهن ڳالهه جو اظهار هينئر ڪيو اٿئي، تنهن جو اقرار پنهنجي هن شعر ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهين.”
“ڇا تون اڃان به انڪار ٿو ڪرين ته تون باغي شاعر سچل سرمست ناهين؟” صفا چٽ پچيو.
“مان سچل سرمست ناهيان.” مون احتجاج ڪيو.
“اسان تون کي ٻيهر Catch ڪنداسين.”مانگر مڇ ڇيو،
“خبردار ٿيءُ”  ۽ هن ٻنهي هٿن جون ڀيڪوڙيل مُڪون ٽيبل تي هڻي ڪڍيون.
قلندر لعل شهباز جو چُو هو ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهيو. صفاچٽ پڇيو، “ اُردو ڄاڻين.”
“واهه،” وراڻيم، “ هزارين اڙدو فلمون ڏٺيون اٿم، اڃان به اڙدو نه ايندي ته قيامت ڏينهن ايندي.”
Good،” هن پڇيو، “ پنجابي ڄاڻين؟”
“ها،” وراڻيم، “ فردوس منهنجي پسنديده اداڪاره آهي. هوءَ پنجابڻ آهي. سندس پنجابي فلمون ڏسي ڏسي پنجابي سکي ويو آهيان.”
“يعني تون پنجابي به ڄاڻين.”
“ها.”
“سرائڪي ڄاڻين؟” صفا چٽ پڇيو.
“ثريا ملتانيڪر جون سرائڪي ڪافيون سمجهي ويندو آهيان.”
“يعني ته سرائڪي به ڄاڻين.”
“ها،”
“فارسي به ايندي اٿئي؟” پڇيائون .
“ها، پاڪستان جو قومي ترانو سمجهي ويندو آهيان،”
وراڻيم، “ ۽ مون کي اها به خبر آهي ته ڀوريءَ کي پارسيءَ ۾ عندليب چئبوآهي.”
“واهه واهه،” مانگر مڇ خوش ٿيندي چيو، “ ته تو کي فارسي به ايندي آهي.”
“ها. ڪجهه ڪجهه.”
“هندي، ڄاڻين؟”
“ها. لعل پشپ ۽ گني سامتاڻيءَ جا سنڌي افسانا سمجهي سگهندوآهيان.”
“۽ عربي؟”
“ڪلمي جي معني تشريح سان ايندي اٿم.”
“۽ سنڌي تنهنجي مادري ٻولي آهي؟” صفاچٽ پڇيو.
“ها.”
“ڦاٿين. سچل سرمست ڦاٿين.” مانگر مڇ ميز تي مڪون هڻندي چيو، “ تون هڪ ئي وقت اردو، پنجابي، سرائڪي فارسي، عربي، هندي ۽ سنڌي ڄاڻين ٿو. يعني تون ست ٻوليون ڄاڻين ٿو.”
صفا چٽ آڱر سان منهنجي منهن ۾ اشارو ڪندي چيو،
“تنهنجو ٻيو نالو شاعر هفت زبان به آهي. ڪيئن، سچل سرمست!”
مانگر مڇ اکيون ڦوٽاريندي پڇيو، “ ڇا ان کان وڌيڪ به تون ثبوت گهرين ٿو؟ تون سچل سرمست آهين. سو فيصدي، خالص ۽ نجو سچل سرمست آهين.”
مان منجهي پيس. ٻنهي ٿلهن جا ثبوت ٻڌي مونکي به ٿورو ٿورو شڪ ٿيڻ لڳو ته مان سچل پڪوڙائي نه، پر سچل سرمست هوس.
صفا چٽ چيو، “ تون سابق صوبه سنڌ* ڪفر، الحاد ۽ ڪميونزم جو پرچار ڪري رهيو آهين.”
“ڪميونزم جو پرچار!” چيم، “سائين، مان انبن جو اچار وجهي رهيو آهيان. توهان کي ڪنهن غلط خبر ڏني آهي.”
“اسان کان ڪوبه جديد شاعر بچي نه سگهندو،” مانگر مڇ چيو.صفا چٽ چيو، “ اڄ تون گرفتار ٿيو آهين. سڀاڻي کان هڪ ٻئي انقلابي شاعر جي ڳولا شروع ڪنداسين.”
پڇيم، “ اهو ڪير خوشنصيب آهي جيڪو توهان کان بچي ويو آهي؟”
“اوهه! ته تون پنهنجي ساٿي انقلابي شاعر کي سڃاڻڻ کان به انڪار ٿو ڪرين!”
“ساٿي! منهنجو ساٿي؟”
“ها، تنهنجو ساٿي، “ مانگر مڇ چيو، “ ڇا تون شاهه عبداللطيف ڀٽائي ءَ کي سڃاڻڻ کان به انڪار ٿو ڪرين.”
قلندر لعل شهباز جو چوهو اُٿي بيٺو ۽ حيرت مان ٿلهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو.
“ڪيئن! پنهنجي ساٿيءَ جو نالو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويئه نه؟”
صفا چٽ چيو،” اسان کان ڪوبه بچي نه سگهندو.”
مانگر مڇ چيو، “ اڄ سچل سرمست تون گرفتارٿيو آهين”
سڀاڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو  وارو آهي.”
اُن وقت قلندر لعل شهباز جو چوهو مٿو پٽيندو ڊوڙندو، ٻاڪڙا هوٽل مان ٻاهر نڪري ويو.

ڪن محاورن جي وضاحت:

©      دخل اها شيءِ آهي، جتي ڏوڪڙن جي ڏي-وٺ ٿيندي آهي. وڏين هوٽلن ۾ دخل کي ڪائونٽر چئبو آهي. دخل تي دخل ڏيڻ ڏوهه آهي.
©      ڪراچيءَ وارن جي محاوري ۾ رڪارڊ وڄائڻ کي رڪارڊنگ چئبو آهي.
©      عاشق علي آزاد جو پيءُ معشوق علي شاعر هو ۽ پاڻ کي “برباد” سڏائيندو هو. برباد سندس تخلص هو.
©      جيڪو  ماڻهو گراهڪن لاءِ چانهه کڻي ايندو آهي، تنهن کي ٻاڪڙن ۾ “ ٽيبل وارو” وڏين هوٽلن ۾ “ بيرو” اڃان به وڏين هوٽلن ۽ هوائي سفر ۾ “اسٽيورڊ” چئبو آهي.
©      عاشق آزاد جو نالو جڏهن به ڪنهن ريڊيو اسٽيشن جي فرمائشي پروگرام ۾ نشر ٿيندو آهي، تڏهن هو مٺائي ورهائيندو آهي.
©      سرڪاري گماشتا ون يونٽ جي خدا  کي خوش ڪرڻ لاءِ جيئري جاڳندي سنڌ کي سابق صوبه سنڌ سڏيندا هئا.

No comments:

Post a Comment