Sunday, February 20, 2011

ٽي ڪوڙا ۽ سڪو - الطاف شيخ

ٽي ڪوڙا ۽ سڪو
الطاف شيخ 

گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ تجنگ بدارا ۾ ٽي ڄڻا ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. هلندي هلندي هو هڪ موڙ وٽ پهتا جتي هنن کي هڪ سڪو نظر آيو. مزي جي ڳالهه اها ته ٽنهي کي اهو سڪو هڪ ئي وقت نظر آيو. پهرين هنن اهو فيصلو ڪيو ته اهو سڪو پنهنجو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. يعني ان جون ٽي  پتيون ڪري هر هڪ کي هڪ جيتري پتي ڏني ويندي پر پوءِ هنن کي خيال آيو ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو به ڪو خاص ڀلو نه ٿيندو. ان ڪري هنن اهو فيصلو ڪيو ته اسان ۾ جيڪو وڏو ڪوڙ ڳالهائيندو، هن کي اهو سڪو ڏبو.


پرين همراه چيو؛ ”منهنجو چاچو مسجد ۾ امام آهي. آئون رات هن سان ملڻ ويو هوس. جڏهن اسان سمهڻ لاءِ ليٽياسين ته اهڙي زبردست جهڪ ۽ طوفان لڳو جو ٿوري دير ۾ شهر جون مڙيئي مسجدون، گهر، دڪان، وڻ ٽڻ، کوهه جانور اڏامڻ لڳا ۽ طوفان کين اڏائي ٽي سؤ ميل پري ڪئالا ڪنگسار شهر ۾ کڻي ويو. پر ڪمال جي ڳالهه اها ٿي ته جڏهن اسان صبح جو ننڊ مان اٿياسين ته پنهنجن پنهنجن هنڌن ۾ ئي هئاسين ۽ ڪابه شيءِ پنهنجي جاءِ تان چري پري نه هئي. کٽ تان اٿي آئون مسجد جي مينار تي چڙهيس ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳس. اوچتو منهنجي نظر ان موڙ تي پيئي ۽ اتي هن سڪي کي ڏسي ورتم. ان ڪري هاڻ اهو سڪو منهنجو ٿيو.“
”هاڻ ڀائرو ٻڌو منهنجي به ٻڌو.“ ٻئي همراهه چيو، ”منهنجو ڏاڏو ڪئالا لنگي ڳوٺ ۾ مهاڻو آهي. آئون ڪالهه هن سان ملڻ ويس. اتي مون هڪ وڏي مڇي ڏٺي جنهن کي منهنجي ڏاڏي اڄ کان ڏهه ڏينهن اڳ ڦاسايو هو ۽ انهن ڏهن ڏينهن ۾ هن ان مڇيءَ کي ڪيترائي ڪم سيکاري ورتا جهڙوڪ: ماني پچائڻ، صفائي ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، شهر مان وڃي سودو سلف خريد ڪري اچڻ ۽ ڪمال ته اهو ته هن کي راڳ ڳائڻ به سيکاري ڇڏيو.
”منجهند جي مانيءَ کان پوءِ جڏهن مڇي مٿي ڇت ٿي ويئي ته هن اتان هيءَ جاءِ ڏسي ورتي ۽ ان سان گڏ اهو سڪو پڻ. هن مونکي اشارن سان سٺو رستو سمجهايو ۽ چيو ته جلدي اهو سڪو وڃي کڻ. ان ڪري سائين، هي سڪو منهنجو آهي.“
”نه. نه اهو سڪو تنهنجو ٿي نٿو سگهي.“ ٽئي همراهه چيو، ”تو تمام وڏو ڪوڙ ڳالهايو آهي پر ڪجهه منهنجو به احوال ٻڌو. منهنجو پيءَ سوداگر آهي. هڪ ڏينهن هو هڪ بيضو خريد ڪري آيو ۽ ان کي ڇٻڙيءَ ۾ رکيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ بيضي مان هڪ ڪڪڙ نڪتو. اهو ڪڪڙ ايڏو وڏو ٿيو جو منهنجو پيءُ پنهنجو سامان ان تي ڍوئي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندو هو.
”هڪ ڏينهن ڪڪڙ جي چيلهه چٻي ٿي پيئي. حڪيمن بابي کي اها صلاح ڏني ته هن جي چيلهه تي کجيءَ جي وڻ جو ملم لڳايو وڃي. بابا ائين ئي ڪيو. پر هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو ملم سان گڏ جارکن جي هڪ ککڙي به هن جي چيلهه سان ٻڌجي وئي. پوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن هن پٽي کولي ته هن جي چيلهه تي کجيءَ جو وڻ ڦٽي پيو هو. ڪجهه ڏينهن بعد ان وڻ ۾ کجور به ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ جڏهن وڻ ميوي سان ڀرجي ٽٻ ٿي ويو ته پاڙي وارن کجي پٽڻ لاءِ پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو. پٿر لڳڻ سان کجيءَ جي ککڙي وڻ تي ئي رهجي وئي ٿي ۽ ڳر هيٺ ڪري پئي ٿي. اهڙي طرح وڻ تي ککڙين جو ايڏو وڏو ڍير ٿي ويو جو هڪ جبل بنجي ويو.
منهنجي پيءُ ان جبل جي کوٽائي ڪري ليول ڪئي. پوءِ ان تي هر هلائي ڪدوءَ جا ٻج پوکيا. جڏهن ڪدو ڦٽيا ته مون هڪ ڪدو کنيو ۽ ان کي وڍڻ لڳس. اڃا هن کي ڇري سان چيهڪ مس ڏنم ته ڇري منهنجي هٿ مان ڇڏائجي ڪدوءَ اندر هلي وئي. مون جلدي جلدي چيلهه سان رسو ٻڌي ڪدوءَ اندر لهي ويس جيئن ان ۾ ڪريل ڇري ڪڍي سگهان. جڏهن آئون اندر گهڙيس ته اتي مون کي ٽي ماڻهو مليا. هنن جا اٺ گم ٿي ويا هئا ۽ هو اهي ڳولي رهيا هئا. مون هنن کي ٻڌايو ته منهنجي هن ريت ڇري هن ڪدوءَ ۾ڪري پئي آهي ۽ آئون ان جي ڳولا ۾ آهيان. هنن وراڻيو ته خدا جا بندا جڏهن اسان کي اٺ نٿا ملن ته پوءِ توکي ڇري ڪٿان ملي سگهندي. ها هڪ ڳالهه آهي ته هتان کان ڪجهه فاصلي تي، هڪ جاءِ تي هڪ سڪو پيو آهي. اهو وڃي تون کڻ ۽ ان جي نئين ڇري خريد ڪر. سو سائين، هاڻ آئون پنهنجو سڪو کڻڻ آيو آهيان. اميد آهي ته توهان مون کي هن سڪي مان نئين ڇري وٺڻ جي اجازت ڏينداؤ.  ”هي سڪو کڻي سگهين ٿو. توجهڙو ڪوڙن جو بادشاهه ٻيو ڪونه ٿي سگهندو. تو واقعي کٽيو ۽ اسان هارايو.“ هن جي ساٿين هڪ ئي زبان ۾ چيو.



No comments:

Post a Comment