Thursday, February 17, 2011

شڪست -امر جليل

شڪست
امر جليل

صبح جا يارهن ٿيا هئا.
بسنت هال ۾ پير رکڻ جي جاءِ نه هئي. سمورو هال عورتن، مردن ۽ ٻارن سان سٿيو پيو هو. جن کي اندر جاءِ نه ملي هئي، سي هال جي ٻاهران ورانڊي، ڏاڪڻ، اڱڻ ۽ اڱڻ جي ڀتين تي ويٺا ۽ بيٺا هئا. ڪجهه ماڻهو وڻن جي ٽارين تي چڙهي ويا هئا.
گذريل هڪ ڪلاڪ کان جيڪو جتي هو، اُتي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو. ڪن جون اکيون اچرج ۾ ڇنڀڻ وساري ويٺيون هيون ۽ ڪن جون ڄاڙيون حيرت کان لٽڪي پيون هيون. ڪي وات ڦاڙي ۽ ڪي گاڏين هيٺان هٿ ڏيئي پروفيسر ڪريم جو اندر مان اُڀرندڙ آواز ۽ آواز ۾ سندس بين الاقوامي اڀياس ٻڌي رهيا هئا. سندس آواز اونهو، لفظ چٽا ۽ لهجو گنڀير هو. هو جملن جوڙڻ جو جادوگر هو.


پروفيسر ڪريم وچولي قد جو هو. سندس عمر چاليهه کن سال هئي. مٿي جا وار لوندڙين وٽان اڇا ٿي ويا هئس. سندس نڪ سنهو هو. نڪ جي مٿان نرڙ تي لاڳيتو سوچڻ سبب گُنڊ پئجي ويو هوس. سندس اکيون وڏيون، ذهين ۽ مقناطيسي ڪشش رکندڙ هيون. سندس منهن تي ميڪسم گورڪيءَ وانگر گهاٽيون ۽ واڇن وٽان وريل مُڇون هيون. رنگ سانورو هوس. بدن پورو پُنو ۽ هاٺي ويڪري هئس. لاڳيتو هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهائڻ ڪري ٿڪل ٿڪل ٿي ڏٺو.
پروفيسر ڪريم هڪ هٿ مائيڪرو فون ۾ وجهندي ڪجهه اڳتي سُري آيو. ٿورڙو جهُڪي، نوڙي ڳوڙهي آواز ۾ چيائين، “دوستو، انساني وهنوار جا قدر وقت جي کوري ۾ کامندي، پڄرندي ۽ سڙندي بدلجندا رهيا آهن. پر صدين گذرڻ کانپوءِ به، انسان ذات جي هڪ ٻئي ڏانهن نفرت ۽ حقارت، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جا بنيادي سبب ساڳيا رهيا آهن.”
هُن آواز روڪي، جملو اڻپورو ڇڏي، هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻڌندڙن تي اُڏامندڙ نگاهه وجهي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
آهستي آهستي اکيون کوليندي، هن چيو “نئين منزل جا همسفر رفيقو، ساٿيو، ازل کان اڄ تائين نفرت جي واگهه نک مان ٽمي، ڌرتيءَ جي دامن کي داغدار ڪندڙ انساني رت، انصاف جي عدالت ۾ مذهبي جنون، نسلي برتري ۽ نظرياتي ڪشمڪش تي شاهدي ڏيڻ لاءِ آلو آهي ۽ قيامت تائين آلو رهندو.”
هڪ نگاهه بسنت هال جي گرڊرن تي وجهندي چيائين، “ظلم هر دور ۾، هر حال ۾ ساڳيو رهيو آهي، فقط مظلوم بدلجي ويو آهي. زهر جو پيالو ساڳيو آهي، فقط سقراط بدلجي ويو آهي. صليب ساڳيو آهي، پر عيسيٰ بدلجي ويو آهي، ڪربلا جو ميدان ساڳيو آهي، پر حسين ابن علي بدلجي ويو آهي.”
ٻئي ٻانهون بلند ڪندي، جذباتي لهجي ۾ چيائين، “انسانيت جا محافظو! اچو ته اڄ هٿ هٿ ۾ ملائي عالمي امن ۽ پيار کي پنهنجي دائري ۾ پناهه ڏيون. اچو ته اڄ اسين مظلوم ۽ ڏتڙيل حال انسان عهد ڪريون ته اسين هن ڌرتيءَ لاءِ نئون آدرش ٿينداسين. اسين مذهبي جنون، نسلي برتري جي احساس ۽ نظرياتي ڪشمڪش جي آدم خور آڏو هماليه وانگر اٽل ٿي بيهنداسين ۽ ڏتڙيل انسانيت جي حفاظت ڪنداسين.”
پروفيسر ڪريم ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
سڄو هال تاڙين جي ڦهڪي سان ڦاٽڻ لڳو. جيڪي ڪرسين تي ويٺا هئا، سي اُٿي بيٺا. جيڪي ماڻهو ورانڊي ۽ ڏاڪڻ وٽ بيٺا هئا، سي هال ۾ ڌوڪڻ لڳا. وڻن ۽ ڀتين تان هر ڪو هيٺ لهڻ لڳو. ائين پي ڏٺو، ڄڻ ماڻهن جو سيلاب هو ۽ بند ڀڃي اندر هال ۾ ڪاهيندو پي آيو.
پروفيسر ڪريم ٽيبل تان پاڻيءَ جو گلاس کڻي ٻه ڍڪ مس ڀريا هوندا جو عقيدتمندن جو بي پناهه هجوم کيس وڪوڙي ويو. هن گلاس ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ايڏي گوڙ گهمسان ۾ ڪوبه لفظ، ڪوبه جملو چٽو نه هو. آواز جو سمنڊ هو.
منتظمين جون وايون بتال ٿي ويون. هو هجوم کي پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳا.
جلسي جو سيڪريٽري، پروفيسر ڪريم وٽ آيو. چيائين، “سائين، پوئين در کان نڪري هلو.”
پروفيسر ڪريم اٿي بيٺو. اڃا اتيئي بيٺو هو، جو ڪجهه شاگرد پيهه کي چيريندا هئا، واٽ ڪندا وٽس اچي نڪتا. کين هٿن ۾ آٽو گراف بُڪ هئا. هر هڪ پنهنجو پنهنجو آٽو گراف بڪ اڳتي وڌائڻ لڳو. پروفيسر کانئن آٽو گراف بُڪ وٺي پنهنجي صحيحيءَ سان گڏ ڪهن عالم جو قول، ڪو بيت ۽ ڪا نصيحت لکي بُڪ موٽائيندو ويو. ائين ڪندي، ڪي چاليهه آٽو گراف بڪ صحيحي ڪري ويو. انتظاميه جو سيڪريٽري فڪرمند ٿيڻ لڳو. سوين ماڻهو ڪاغذ، نوٽ، نوٽبڪ، آٽو گراف بڪ ۽ جيڪا به لکڻ لائق ڪا شئي هٿ لڳن، کڻي، پروفيسر ڪريم کي وڪوڙي ويا.
سيڪريٽريءَ پروفيسر ڪريم کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، “سائين، نڪري هلو، نه ته چيڀاٽجي وينداسين.”
پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏٺو ۽ ڪلها لوڏي ڪنڌ سان ماڻهن ڏانهن اشارو ڪيائين.
سيڪريٽري نوجوان هو ۽ هڪ مقامي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. جلسي جو انتظام “ٿنڪرس فورم” طرفان هن ئي ڪرايو هو. کيس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته پروفيسر ڪريم ڪو ايتريقدر مقبول هوندو هو جو سندس تقرير ٻڌڻ ۽ کيس ڏسڻ جي شوق ۾ حيدرآباد جو سارو شهر اُٿلي پوندو. هن ساڳئي بسنت هال ۾ ملڪ جي مشهور مفڪرن کي خالي ڪرسيون ڏسي فڪر مند ٿيندي ڏٺو هو. هن هال ۾ وڏن وڏن عالمن جون تقريرون هلندي ٻڌندڙن کي اوٻاسيون ڏيندي ۽ هال مان کسڪندي ڏٺو هو. پنهنجي ان تجربي جي آڌار  تي هن اڌو گابرو انتظام ڪيو هو. ٿنڪرس فورم جي ڪن ميمبرن کيس خبردار به ڪيو هو، پر هن سندس ڳالهه رد ڪندي کين چيو هو، “ميان، پروفيسر ڪريم  ڀل يورپ، مشرق بعيد ۽ وچ مشرق ۾ مشهور هجي، پر هتي خير ڪو سڃاڻيس. وڏي ڳالهه ته اڄ ڏهن سالن کانپوءِ پنهنجي وطن وريو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو اچن ته شڪر ڪجو.”
پر اُن ڏينهن صبح جو جڏهن پروفيسر ڪريم کي عالمي امن تي ڳالهائڻ لاءِ حيدرآباد گهرايو  ويو، تڏهن سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ سوين نه، پر هزارين شهري اڳواٽ بسنت هال ۾ پهچي ويا. سيڪريٽريءَ جي اک به تڏهن کُلي، جڏهن يونيورسٽيءَ ۽ ڪاليجن جي پروفيسرن، ليڪچرارن، عالمن، اديبن ۽ صحافين کي هال ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. خلق ۾ وڏو تعداد شاگردن جو هو.  سيڪريٽريءَ ڦڪائي لاهڻ لاءِ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کي چيو هو، “يار، مون کي خبر نه هئي ته اڄوڪو نسل امن لاءِ ايترو آتو آهي!”
اڄوڪو نسل امن لاءِ ڪيتري قدر آتو آهي! اها خبر سيڪريٽريءَ کي تڏهن پيئي جڏهن پروفيسر ڪريم پنهنجي تقرير پوري ڪئي.
هڪڙي غيرملڪي اخباري نمائندي پنهنجي ڊڪٽافون جو مائيڪ پروفيسر ڪريم ڏانهن وڌائيندي سوال ڪيو، “عالمي امن نظرياتي ڇڪتاڻ ۾  ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي. پر اوهان نظرياتي ڪشمڪش سان گڏ مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي امن لاءِ هاڃيڪار آهن. مهرباني ڪري وضاحت ڪندا.”
پروفيسر ڪريم بدران، سيڪريٽريءَ اخباري نمائندي کي جواب ڏنو، “پروفيسر ڪريم شام جو پريس ڪانفرنس سڏائي آهي. هن وقت کانئن ڪجهه پڇڻ مناسب ناهي.”
“مان پروفيسر ڪريم کي يورپ کان وٺي رڪارڊ ڪري رهيو آهيان.” اخباري نمائندي چيو، “هن وقت دنيا ۾ فقط ٽي مفڪر آهن جيڪي هزارن جي هجوم ۾ به حواس قائم رکي اخباري نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندا آهن ۽ انهن مان هڪ پروفيسر ڪريم آهي.”
“جئڪ” پروفيسر ڪريم غيرملڪي نمائندي کي چيو، “تو مذهبي جنون ۽ نسلي امتياز جي باري ۾ پڇيو آهي نه؟”
“ها سائين.”
پروفيسر ڪريم جي چوگرد بيٺل ماڻهو خاموش ٿي ويا.
هن چيو، “جئڪ، ابراهام لنڪن ۽ مهاتما گانڌي جيئرا آهن.”
“جيئرا آهن!” اخباري نمائندي جئڪ کان ڇرڪ نڪري ويو.
“ها، جيئرا آهن.” پروفيسر ڪريم وراڻيو، “جڏهن کان کين شهيد ڪيو ويو آهي، تڏهن کان ٻئي ڄڻا انسانيت جي عدالت ۾ نسلي امتياز ۽ مذهبي وحشيپڻي تي شاهد ٿيا بيٺا آهن.”
“مارٽن لوٿرڪنگ جي باري ۾ توهان جو ڇاخيال آهي؟”
“هو دنيا جي عظيم انسانن منجهان هڪ آهي.”
“ڇا هو آمريڪا جي شيدين کي اڇي آدمشماريءَ خلاف نه پيو ڀڙڪائي؟”
“هرگز نه،” پروفيسر ڪريم جي نرڙ تي گُنڊ ظاهر ٿي پيو. چيائين “مارٽر لوٿر ڪنگ جي چوڻ موجب آمريڪا ۾ ڪارن ماڻهن جي اڇن ماڻهن خلاف جدوجهد نه آهي، بلڪه مظلوم جي ظلم خلاف، ڏتڙيل جي بي انصافيءَ خلاف ۽ روشنيءَ جي اوندهه خلاف جدوجهد آهي. پر تون ڏسندين جئڪ، ته مارٽن لوٿر ڪنگ کي حق جي راهه ۾ پنهنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوندو.”
هڪڙي اردو روزاني اخبار جي نمائندي وچ مان پڇيو،  ”ان لحاظ کان توهين سمجهو ٿا ته پاڪستان ڇُٽو پيو آهي.”
“نه.”
“ڪيئن.”
“1947 کان 1958 تائين، پاڪستان جا پهريان يارهن سال افراتفريءَ ۾ گذري ويا. 1958 کانپوءِ هتان جي عوام تي جيڪا فوجي ۽ ڪاموري آمريت مڙهي ويئي آهي، تنهن سندن حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان سنڌي، پنجابي، بنگالي، پٺاڻ ۽ مهاجر جي ڇڪتاڻ ۾ ولوڙجي ويندو.”
سيڪريٽريءَ چيو، “سائين پيهه سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي. خدارا نڪري هلو.”
“جئڪ.” پروفيسر ڪريم چيو، “پاڻ وڌيڪ شام جو ڳالهائينداسين.”
“شام جو مان نه اچي سگهندس.” جئڪ چيو، “اڄ شام جو مونکي ڪراچيءَ ۾ پريزيڊنٽ ايوب خان جي پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو آهي. توهين مهرباني ڪري منهنجي سوال جي پوئين حصي تي پنهنجو رايو ڏيو.”
“تنهنجي سوال جي پوئين حصي جي جواب ۾ دنيا جون اُهي جنگيون آهن، جيڪي مذهب جي نالي ۾ وڙهيون ويون آهن. يا اُهي ملڪ جيڪي مذهب جي نالي ۾ ٺاهيا ويا آهن، يا ورتا ويا آهن.”
“مثال طور؟”
“اسرائيل ۽-” پروفيسر ڪريم هڪدم جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
نوجوان سيڪريٽريءَ ٽيڏي اک سان سي – آءِ – ڊي وارن ڏانهن ڏٺو ۽ سندس ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
پروفيسر ڪريم ڊائس تان هيٺ لٿو. هال جي پوئين در وٽ ٻيهر ماڻهو کيس ورائي ويا. ٿنڪرس فورم جي ميمبرن کيس پنهنجي گهيري ۾ آڻي، ماڻهن کان بچائي ٻاهر آندو.
ڪار تائين پهچڻ کان اڳ هڪ نوجوان سندس سامهون اچي بيٺو. عقيدت جي شدت کان کيس ڳالهائڻ لاءِ لفظ نٿي مليا. هن هٻڪندي چيو، “سائين مان فرينچ لٽريچر جو شاگرد آهيان.”
پروفيسر خوش ٿي ساڻس هٿ ملايو.
نوجوان چيو، “سائين، اخبارن ۾ پڙهيو هيم ته البرڪاموءَ جي ايڪسيڊنٽ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين توهين وٽس هئا.”
پروفيسر ڪريم جي منهن تي ڏک جو پاڇولو تري آيو ۽ موٽي ويو.
“سائين” نوجوان چيو، “مان البرڪاموءَ جو مداح آهيان، يا کڻي ائين سمجهو ته مان ڪاموءَ جو عشق آهيان.”
سيڪريٽريءَ نوجوان کي چيو، “پروفيسر ڪريم صاحب کي آرام جي سخت ضرورت آهي. کين شام جو پريس رپورٽرن سان ملڻو آهي ۽ ان کانپوءِ پڪي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو اٿن.”
“مون کي بس هڪڙي ڳالهه پڇڻ ڏيو.” نوجوان عرض ڪيو، “سائين، البرڪامو مرڻ کان اڳ ڪجهه چيو هو.”
“ها.” پروفيسر ڪريم ماڻهن جي وچ ۾ هوندي به پنهنجن خيالن  ۾ گم ٿي ويو. چيائين، “البرڪاموءَ مرڻ کان اڳ چيو هو، ته اڄوڪي انسان کي ٻٽي جنگ لڙڻي آهي. هڪ ظلم جي ظاهري قوتن سان ۽ ٻي پنهنجي اندر ۾ لڪل وحشي جذبن سان.”
“بس سائين، مهرباني،” نوجوان، پروفيسر ڪريم جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليو ۽ سندس اکيون ڀرجي آيون.
سيڪريٽري ۽ ٿنڪرس فورم جي ميمبرن دائرو ٺاهي پروفيسر ڪريم کي پيهه کان جدا ڪري ڇڏيو. هو آهستي آهستي موٽر ڏانهن وڌڻ لڳا. موٽر جي در وٽ ڪجهه ماڻهن کيس آٽو گراف بڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انتظاميه جي ميمبرن کين روڪي ڇڏيو. هڪ ميمبر موٽر جو در کولي بيٺو. پروفيسر ڪريم موٽر ۾ وڃي ويٺو. ميمبر در بند ڪري ڇڏيو.
هڪ اٺن – ڏهن سالن جو ٻار گلدستو کڻي موٽر ڏانهن وڌندو پي آيو. ماڻهن کي ڌڪيندو، پيهه مان واٽون ڪندو، ڌڪا ڏيندو ۽ ڌڪا کائيندو هو موٽر وٽ اچي پهتو. اُن وقت موٽر آهستي آهستي چُرڻ شروع ڪيو. ٻار ڊُڪ پاتي. پير وچڙيس. ٿاٻو کائي سڙڪ تي ڪري پيو. گلدستو هٿن مان نڪري ويس. هن نماڻا نيڻ کڻي موٽر ڏانهن ڏٺو.
پروفيسر ڪريم منهن ورائي ٻارڙي ڏانهن ڏٺو ۽ ڊرائيور  جي ڪلهي تي هٿ رکيو. ڊرائيور موٽر بيهاري ڇڏي.
هو موٽر مان لهي آيو. هن ٻار کي ٻانهن کان وٺي سڙڪ تان کڻي ورتو. ڪپڙا ڇنڊيندي، سندس نگاهه ٻار جي رهڙيل ٺونٺ تي پيئي جنهن مان رت ٽمي رهيو هو. هن هڪدم رومال ڪڍي ٻار جي زخم تي رکيو.
اهو سڀ اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو. ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ۽ ميمبر وائڙن  وانگر پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ ڪجهه ٻيا ماڻهو به ميڙ ڪري بيٺا.
پروفيسر ڪريم  ٻار جي نرڙ تان وار پري ڪري سندس منهن ۾ نهاريو. ڪجهه دير هو ٻار جي منهن ۾ ڏسندو رهيو. سندس گنڀير منهن مان کن پل لاءِ حيرت ليئو پائي ورتو. ٻار سڙڪ تان گلدستو کڻي ڏانهس وڌايو. هن گلدستو وٺندي ٻار کي وارن تي مِٺي ڏني ۽ موٽي وڃي موٽر ۾ ويٺو.
موٽر بسنت هال وٽان هلي جيستائين جنرل پوسٽ آفيس تائين پهتي، تيستائين هو ٻار ڏانهن ڏسندو رهيو.
سيڪريٽريءَ اهڙي نوع ۾ ڳالهايو، ڄڻ پروفيسر ڪريم جي معلومات ۾ واڌارو ڪرڻ پي چاهيو. چيائين، “اهو ڇوڪرو پکراج جو پٽ آهي. حرامي ٻار آهي.”
پروفيسر ڪريم کيس جواب نه ڏنو.
موٽر جي پوئين سيٽ تي پروفيسر ڪريم ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري ويٺا هئا ۽ اڳينءَ تي ڊرائيور جي ڀرسان فورم جا ٻه ميمبر ويٺا هئا.
سيڪريٽريءَ چيو، “پکراج  حيدرآباد جي مشهور Prostitute آهي.”
هن رنڊيءَ بدران لفظ پراسٽيٽيوٽ استعمال ڪندي پنهنجي پَرَ ۾ لفظ جي زهر کي ڪيپسول ۾ وجهي ڇڏيو.
موٽر جي اڳين سيٽ تي ويٺل هڪ ميمبر منهن ورائيندي چيو، “سائين، وڏا وڏا واپاري، زميندار ۽ سرڪاري آفيسر قدردان اٿس. سندس هڪ اشاري تي سرڪاري نظام جي ڪايا پلٽجي سگهي ٿي.”
پروفيسر ڪريم جي نڪ مٿان نرڙ تي گنڊ جو نشان ظاهر ٿي پيو.
سيڪريٽريءَ ڳالهه بدلائڻ لاءِ چيو، “ارنيسٽ هيمنگوي جي مرڻ تي توهان جيڪو تبصرو ڪيو هو، سو پاڪستان جي گهڻن ئي عالمن کي پسند نه آيو.”
“۽ توهان کي؟” پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڏسڻ بنا پڇيو.
سيڪريٽريءَ  جا حواس خطا ٿي ويا. سندس ٻنهي ساٿين اڳينءَ سيٽ تان منهن ورائي ڏانهس ڏٺو ۽ سندس بيڪسي ڏسي منهن ڦيرائي ويهي رهيا.
“هيمنگوي دنيا کي گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ دنيا کان گهڻو ڪجهه ورتو.” پروفيسر ڪريم چيو، “هن ڀرپور زندگي گذاري. جڏهن پاڻ کي ڪارائتو نه ڀانئيائين، تڏهن خودڪشي ڪيائين. سندس اهو عمل عظيم هو. مان پاڪستاني عالمن ۽ مُلن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجو رايو نه مٽائيندس.”
موٽر يونيورسٽيءَ وٽان ٿڌي سڙڪ ڏانهن ڦري ويئي. ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سُسي ويو.
اڳينءَ سيٽ تان هڪڙي ميمبر منهن  ورائيندي آهستي چيو، “سائين، اجازت هجي ته ڪجهه پڇان؟”
پروفيسر ڪريم هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ميمبر چيو، “اوهان جي تقرير مان ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ اوهين مذهب جي خلاف آهيو؟”
“مان ڪير ٿيندو آهيان مذهب جي خلاف ٿيڻ وارو.” پروفيسر ڪريم چيو، “مذهب مان منهنجو مطلب فقط اسلام نه آهي. مذهب جي لفظي اصطلاح ۾ اسلام، هندو ڌرم، عيسائي، جين ۽ ٻيا مذهب اچي وڃن ٿا. جهڙيون حالتون رونما ٿي رهيون آهن، تنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته مذهب هن صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين، يا ايندڙ صديءَ جي شروعات ۾ پنهنجو موت پاڻ مري ويندو. مذهب جي جاءِ معاشي ۽ اقتصادي برابريءَ جون قوتون والارينديون.”
هوٽل انڊس تائين ڪنهن نه ڳالهايو.
موٽر  هوٽل انڊس جي حد ۾ داخل ٿي ۽ در جي سامهون وڃي بيٺي.
پروفيسر ڪريم در کولي ٻاهر نڪري آيو. سيڪريٽري ۽ فورم جا ٻه ميمبر به موٽر مان لهي آيا. پروفيسر ڪريم ڪنڌ جهڪائي هوٽل جي ورانڊي ڏانهن هليو ويو. هو ٽيئي سندس پٺيان هلڻ لڳا.
پروفيسر ڪريم لاءِ ٻه ڪمرا مخصوص ڪرايا ويا هئا. هڪ سندس ذاتي استعمال لاءِ ۽ ٻيو ملاقاتين سان ملڻ لاءِ.
بيرو اڳواٽ ئي سندس ڪمري جو در کولي ادب سان بيٺو هو. هو چاريئي ڪمري ۾ داخل ٿيا. سيڪريٽريءَ پروفيسر ڪريم کي هڪ ڪارڊ ڏيندي چيو، “هن تي شهر جا اهم ٽيليفون نمبر لکيل آهن. اسين به هر وقت حاضر آهيون.”
پروفيسر ڪريم آرام ڪرسيءَ تي ويهندي چيو، “مان ڪجهه دير لاءِ بلڪل اڪيلو رهڻ چاهيان ٿو.”
سيڪريٽريءَ چيو، “اسين هوٽل جي انتظاميه  کي هدايت ڪري ڇڏيون ٿا ته اخباري نمائندن جي ڪانفرنس کان اڳ توهان کي تڪليف نه ڏين.”
“مهرباني.” هن اکيون بند ڪري، مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان لڳائي ڇڏيو.
هو ٽيئي ڪمري مان نڪري ويا. بيري آهستگيءَ سان در ٻيڪڙي ڇڏيو.
ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽريءَ  ۽ ٻه ميمبر رات جي جلسي لاءِ بندوبست ڪرائڻ ۽ جلسي ۾ انتظام رکائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ڏانهن هليا ويا. ويندي ويندي هوٽل جي رسيپشنسٽ کي تاڪيد ڪري ويا ته شام واري پريس ڪانفرنس کان اڳ ڪنهن کي به پروفيسر ڪريم سان ملڻ نه ڏي.
رسيپشنسٽ ٽيليفون تي پروفيسر ڪريم کان پڇيو، “سر،  لنچ تيار آهي.”
ان هڪ جملي کان وڌيڪ هُن ڪجهه نه ڳالهايو. رسيور ٽيليفون تي رکندي بيري کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڪيائين. بيرو ڊوڙندو آيو.
بيري کي چيائين، “پروفيسر ڪريم لنچ نه کائيندا، فقط ڪافيءَ جو ڪوپ پيئندا.”
“يس سر” بيرو هليو ويو.
پروفيسر ڪريم ڪافيءَ جا ٻه ڍُڪ ڀري، ڪوپ ٽيبل تي رکي، آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيو. سندس منهن مان ٿڪ ظاهر ٿي رهيو هو. هن اکيون کولي، هٿ وڌائي ٽيبل تان ڪافيءَ جو ڪوپ کڻي ورتو ۽ سپ سپ ڪري ڪافي پيئڻ لڳو. ڪافي پيئندي، ٽيبل تي رکيل اخبارن جون اهم خبرون  نظرن مان ڪڍندو ويو. ملڪ جون ذري گهٽ سموريون اخبارون سامهون رکيل هئس. سڀني اخبارن جون اهم خبرون پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان جي باري ۾ هيون. پريزيڊنٽ ايوب خان وڻ پوکيو – پريزيڊنٽ ايوب خان هڪ هوٽل جو افتتاح ڪيو. پريزيڊنٽ فيلڊ مارشل ايوب خان بنيادي جمهوريت جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. پريزيڊنٽ ايوب جيڪي ڪينيڊيءَ کي هڪ گهوڙو تحفي طور ڏنو. پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب – پريزيڊنٽ ايوب ۽ پريزيڊنٽ ايوب.
هن خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي، ڪال بيل وڄائي.
بيرو ادب سان ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻڻ لڳو.
پروفيسر ڪريم جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو، “هي اخبارون کڻي وڃ.”
بيري ٽيبل تان اخبارون کڻي ورتيون ۽ ڪمري مان نڪري ويو.
بيري جي وڃڻ کانپوءِ هو آرام ڪرسيءَ تان اُٿيو. ڪوٽ لاهي ڪليءَ تي ٽنگيائين. پاسي ۾ رکيل ڊريسنگ ٽيبل تان ڦڻي کڻي وارن کي جائيتو ڪيائين. ڦڻي رکندي، آئيني جي عڪس ۾ سندس اکيون اٽڪي پيون. پنهنجين اکين ۾ اکيون وڌائين ته ڪجهه دير تائين پنڊ پهڻ ٿي ويو. سندس دل تي ان ٻارڙي جي ياد تري آئي، جيڪو بسنت هال وٽ موٽر جي ٻاهران گلدستي سميت سڙڪ تي ڪري پيو هو. ٻارڙي جي منهانڊن ۾ کيس پنهنجا منهانڊا نظر آيا هئا. آئيني جي آڏو کيس پنهنجي ننڍپڻ جو خيال آيو. سوچيائين، جڏهن پاڻ اٺن – ڏهن سالن جو هوندو، تڏهن ضرور ان ٻار جهڙو هوندو.
آئيني وٽان هٽي ويو. پلنگ تي وڃي ليٽيو. ويهاڻي تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪيائين ته اکين آڏو بسنت هال جو نظارو تري آيس. ڪنن ۾ تاڙين جا آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳس. تڏهن ازخود سندس آڱريون بند اکين جي پنبڻين سان وڃي لڳيون.
اکيون آليون هئس. بند اکين جي ڪُنڊن مان لڙڪ لڙي، ويهاڻي تي ڳڙي آيس. ايتري عزت ۽ ايتري ناموس هوندي به سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي. هڪ غم هو، غم جو احساس هو، جيڪو کوري وانگر سندس وجود ۾ کامي رهيو هو. جبل جيڏو بار ضمير جي مٿان اچي ڪريو هوس، جنهن جي ضرب ۾ هو روح تائين گهائل ٿي ويو هو. پنهنجي وجود ۾ کامندڙ کوري کي ٺارڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ ڌڪا کاڌا هئا. چٿيل چچريل ضمير تان ندامت جو بار لاهڻ لاءِ هزارين ڪتابن جي مطالعي جو بار کڻي ورتو هئائين. اندر واري انسان کي، جنهن کي پنهنجن هٿن سان سوريءَ تي لٽڪايو هئائين، تنهن کي سوريءَ تان لاهي ورتائين. کيس بچائي ورتائين، پر سندس خشڪ ۽ ڪومايل چپن کي مُرڪ موٽائي نه سگهيو. وطن وريو ته پاڻ سان عالمي شهرت کڻي آيو. نالو کڻي آيو، ناموس کڻي آيو؛ پر جنهن قلبي سڪون جي ڳولا ۾ نڪتو هو، سو نه آڻي سگهيو!
ٿڪل ذهن، سَنڌُ سنڌُ ساڻو – اک لڳي ويس.
اک کليس. واچ ۾ وقت ڏٺائين. شام جا پنج ٿيا هئا. ساڍي پنجين لڳي کيس اخباري نمائندن سان ملاقات ڪرڻي هئي. پلنگ تان اُٿي، ڪال بيل جي بٽڻ تي آڱر رکيائين. بيروڪمري ۾  داخل ٿيو. بيري کي چانهه آڻن جو چئي، غسلخاني ۾ هليو ويو.
غسلخاني مان نڪتو ته بيري اڳواٽ ئي چانهه جي ٽري ٽيبل تي آڻي رکي هئي. بيرو پرڀرو بيٺو هو. هٿ ۾ وزٽنگ ڪارڊ هئس.
“رک” هن ڏانهس ڏسڻ کانسواءِ چيو.
بيرو وزٽنگ ڪارڊ ميز تي رکي هليو ويو.
ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. چانهه جو ڪوپ ٺاهيندي وزٽنگ ڪارڊ ڏٺائين. ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن ۽ رسالن جي نمائندن جا ڪارڊ هئا.
واچ ۾ وقت ڏٺائين. سوا پنج ٿيا هئا. هن سپ سپ ڪري چانهه پي، خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي ڇڏيو. ڪپڙا مٽائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو.
بيرو اندر آيو. ادب سان چيائين، “سائين، پکراج اوهان سان ملڻ آئي آهي.”
پروفيسر بيري ڏانهن نهاريو.
بيري ادب سان چيو، “شهر جي مشهور طوائف آهي، مون ته”
بيري پنهنجو جملو پورو نه ڪيو، پروفيسر ڪريم جي منهن تي گُنڊ ڏسي خاموش ٿي ويو.
پروفيسر واچ ۾ وقت ڏسندي چيو، “چئينس، مون وٽ ملڻ لاءِ وقت ڪونهي.”
“مون ته اڳواٽ ئي چئي ڇڏيس.” بيري وراڻيو، “پر چوي ٿي فقط پنجن منٽن لاءِ ملندي.”
هن واچ ڏسندي پڇيو، “ڪٿي آهي؟”
“ملاقاتي ڪمري ۾.”
“۽ اخباري نمائندا؟”
“اُهي هوٽل جي لائونچ ۾ ويٺا آهن.”
“تون هل.” پروفيسر ڪريم چيو، “هينئر پنج لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن. مان پوري ساڍي پنجين لڳي لائونج ۾ ايندس.”
بيرو ڪمري جو در کولي بيٺو. پروفيسر ڪريم ڪمري مان نڪتو ۽ هن کانئس اڳ وڌي ملاقاتي ڪمري جو در کوليو. پروفيسر جڏهن اندر هليو ويو، تڏهن در بند ڪري ڇڏيائين.
ڪمري ۾ صوفا سيٽ جي ڪنڊ تي هڪ عورت پٺيري ويٺي هئي. سندس ڪلها گول ۽ ڀريل هئا. کيس گلابي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي.
“ڌيءَ.” پروفيسر ڪريم چيو، “مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن.”
هوءَ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺي، پر منهن نه ورايائين.
پروفيسر ڪريم پنهنجو جملو ورجايو، “مون وٽ فقط ڏهه منٽ آهن، ڌيءَ.”
“سر.” هن ڪنبندڙ آواز ۾ هڪ لفظ چيو. ڦيرو کائي، گهورُ ڪري نماڻين نگاهن سان پروفيسر ڪريم ڏانهن ڏسڻ لڳي.
پروفيسر ڪريم جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي. ماڻڪيون پٿر  ٿي ويس. ڀروون پاڻ ۾ ڳتجي ويس. ٽنگن مان ست نڪري ويس. ڪرڻ تي هو، جو پاڻ سنڀالي صوفا تي ويهي رهيو. ٻنهي هٿن سان منهن لڪائي ڇڏيائين.
پکراج ميز تي رکيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي پيٽي آئي.
“پيئو.” هن آهستي چيو.
هن هٿن مان منهن ڪڍي پکراج ڏانهن ڏٺو. پکراج هر حسين طوائف کان وڌيڪ حسين هئي. پروفيسر ڪريم سندس هٿن مان گلاس وٺي، يڪ ساهي سمورو پاڻي پي ويو. ڪجهه سامت۾ آيو. ڳالهائڻ لاءِ چپ چوريائين، ته فقط ايترو چئي سگهيو، “تون، نسيمه!”
“ها، سر.” هن ادب سان وراڻيو، “مان پکراج ٿي پيئي آهيان، سر.”
هو خاموش رهيو. ڳالهائڻ لاءِ لفظ ڳوليندو رهيو.
پکراج چيو، “اوهان هڪڙي دفعي هيمليٽ ۾  روح جي تشريح ڪندي، جوُڻ مٽائڻ جو ذڪر ڪيو هو نه.”
پروفيسر ڪريم ڏانهس ڏٺو.
هن چيو، “انسان فقط مرڻ  کانپوءِ جوڻ نه مٽائيندو آهي، سر. ڪجهه انسان پنهنجي حياتيءَ  ۾ جوڻ مٽائيندا آهن. جيئن مون.”
هو حيرت ۽ پيشمانيءَ مان ڏانهس نهاريندو رهيو.
“مان نسيمه مان پکراج ٿي پيئي آهيان،” هن چيو.
پروفيسر ڪريم ڳوري آواز ۾ ڳالهايو، “مان پاڻ کي معاف ڪري نه سگهيو آهيان، نسيمه.”
هن هڪدم وراڻيو، “مان ماضيءَ جو داستان دهرائڻ نه آئي آهيان، سر.”
“مون توکي دوکو ڏنو آهي،” پروفيسر ڪريم سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪندي چيو، “تنهنجو ڀرم ڀويو اٿم.”
پروفيسر ڪريم تعليم ۽ تحقيق جا تجربا حاصل ڪيا هئا، پر جيڪا سمجهه پکراج زماني جا ستم سهي حاصل ڪئي هئي، تنهن کيس ششدر ڪري ڇڏيو. هن ماٺيڻي آواز ۾ چيو، “توهان کي بدنام نه ڪنديس، سر.”
پروفيسر ڪريم جو ڪنڌ جهڪي ويو. پنهنجي ساءِ، ڄڻ پاڻ سان ڳالهايائين، “ضمير جو هڪ زخم ڀرڻ لاءِ مان ڌرتيءَ جي خاڪ اُڏائيندو رهيو آهيان. علم ۽ عالمن جي موجودگيءَ ۾ اندر جو چڀڪو وسارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. دل جي ميدان ۾ ملامت ۽ ندامت جي متضاد قوتن جي جنگ کان منهن موڙي عالمي امن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهيان. پر مان به ڪيترو نه ڀورڙو آهيان. ضمير جو زخم به ڪڏهن ڀريو آهي!”
“پر مونکي توهان سان ڪابه شڪايت نه آهي.” پکراج چٽي آواز ۾ آهستي چيو، “فخر اٿم ته توهان جي شاگردياڻي رهي چڪي آهيان.”
عذاب ۽ پشيمانيءَ جو احساس پروفيسر ڪريم جي وجود مان ڪوڙهه وانگر ڦاٽي نڪتو. لفظ لفظ ڪوريندو، کيس چيريندو رهيو. چيائين، “ڏهن سالن جو عرصو تمام طويل هوندو آهي، نسيم. پر اڄ جڏهن توکي ڏٺو اٿم، تڏهن ڏهن سالن جو عرصو ڏهن سيڪنڊن جي وڇوٽيءَ تي بيٺل ٿو ڀانئجي. انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي خدا کي وڃي ڪلهو هڻندو، پر ويل وقت جي واڳ ورائي نه سگهندو. نسيمه، الا ته اُهو وقت ٻيهر موٽي اچي جڏهن مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار هوس ۽ تون آنرس فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هئينءَ. اها گهڙي موٽي اچي جڏهن جنسي حوس جي راڪاس مون کي ماري مات ڪيو هو ۽ مون تنهنجو ڀرم ڀوري ڇڏيو هو. الا! اهو وقت موٽي اچي. اهو راڪاس موٽي اچي ته مان کانئس پهرين شڪست جو بدلو وٺان. کيس نهوڙي ناس ڪيان.”
پروفيسر ڪريم جذبن جي واچوڙن ۾ وڪوڙجي ويو. ڪو واڍو هو، جو وڍيندو پي ويس. ڪو رازو هو، جو مٿان غمن جو ڪوٽ اڏيندو پي ويس. هُن اهڙي لهجي ۾ ڳالهايو جنهن مان صدين جي پڇتاءُ جو پڙاڏو پي آيو. چيائين،  “مان اُن ڏينهن کي ملامت ڪندو آهيان نسيمه، جڏهن تنهنجي اعتبار جو آئينو چور چور ڪيو هوم. جڏهن تنهنجو اعتماد حوس جي باهه۾ ڀسم ڪيو هوم.”
هو صوفا تان اُٿي ويو. ڀت ڏانهن منهن ڪري بيٺو. اُتان چيائين، “مونکي تنهنجون اُهي وحشت ڀريل اکيون اڃا تائين ياد آهن نسيمه، جن سان تو گهائل ٿيڻ کانپوءِ مون ڏانهن ڏٺو هو.”
ڀت کي پٺي ڏيئي، پکراج ڏانهن منهن ڪندي چيائين، “جڏهن اندر ۾ امن نه آهي، تڏهن مان ڪهڙي عالمي امن جي تلاش ۾ سر گردان رهيو آهيان! منهنجي پنهنجي وجود ۾ گهمسان آهي.”
پکراج شروع کان جيئن پلنگ وٽ بيٺي هئي، تيئن بيٺي رهي. پنهنجي واچ ۾ وقت ڏسندي چيائين، “ڇهه ٿي رهيا آهن. مونکي مطلب جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. اخباري نمائندا اوهان جو انتظار ڪندا هوندا.”
پکراج جو آواز پروفيسر ڪريم جي ڪنن تائين ڄڻ پهچي نه سگهيو آهي. هو پکراج جي سامهون اچي بيٺو. پنهنجين اُداس ۽ اونهين اکين سان ڏانهنس نهاريندي چيائين، “مان توسان شادي ڪندس، نسيمه.”
هوءَ کانئس وک کن پري ٿي ويئي. وڏي اعتماد سان وراڻيائين، “اڄ توهين جنهن علم، عزت ۽ ناموس جا مالڪ آهيو، تنهن کي پنهنجي بڇڙي وجود سان داغدار نه ڪنديس.”
پکراج جو جملو ڀالو بڻجي روح مان پار ٿي ويس. ڦٿڪي پيو. چيائين، “مون اُن وقت به پڇتائيندي چرين وانگر توکي ڳوليو هو، پر تون ٽٽل تاري وانگر الاءِ ڪهڙين اونداهين ۾ گم ٿي ويئي هئينءَ.”
“مونکي گم ٿيڻو پيو هو، سر.” پکراج ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، “مون کي پنهنجي داغدار دامن کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ ۽ خاندان جي عزت جي اونو هو.” ڀريل آواز ۾ چيائين، “اڄ مان هنن لاءِ مئل آهيان.”
“نسيمه.” پروفيسر ڪريم چيو، “تون جيئن آهين، جهڙي آهين، مان توسان شادي ڪندس.”
“وساري ڇو نه ٿا ڇڏيو ان گناهه کي جنهن جو ڪوبه شاهد نه آهي. نه نسيمه، نه نسيمه جي اندر واري عورت.” ڏک وچان چيائين، “مان پکراج آهيان.”
هو ٻئي واڪا ڪندڙ خاموشيءَ جي خلائن ۾ ٻن بيچين روحن وانگر هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
خاموشي ٽوڙيندي پکراج چيو “هڪ عرض کڻي آئي آهيان.”
جذبن جو طوفان آيو، لنگهي ويو. دل جي ڌرتي احساسن جي زلزلي ۾ ڪنبي، وري ڄمي ويئي. اُميدن جو بتڪدو گهڙي کن لاءِ آباد ٿي، برباد ٿي ويو.
پروفيسر ڪريم چيو، “چئه.”
“اسد هينئر ڏهن سالن جو ٿيو آهي.”
“اسد؟”
“اسانجو اسد” پکراج ڇت ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
پروفيسر ڪريم حيرت ۽ شرمسار نگاهن سان ان عورت ڏانهن نهارڻ لڳو، جنهن سندس گناهه جي نشانيءَ کي پهرين پيار جو تحفو سمجهي سيني سان سانڍي رکيو هو.
“اسد کي پنهنجي ماحول کان ڌار ڪرڻ چاهيان ٿي.” هن دردناڪ آواز ۾ چيو، “کيس اسڪول ۾ داخلا به نٿي ملي.”
“ڇو؟”
“ڇو جو هڪ وئشيا جو پٽ آهي.”
“منهنجو به ته آهي،” پروفيسر ڪريم چيو.
“هرگز نه.” هن اعتراض ڪيو، “اهو داغ اوهانجي ناموس تي لڳڻ نه ڏيندس.”
هو ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
پکراج چيو، “توهين کيس يتيم سمجهي پاڻ سان وٺي وڃو.”
پروفيسر ڪريم جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
“کيس پڙهڻ ۽ اسڪول وڃڻ جو ڏاڍو شوق آهي.” پکراج چيو، “ان واعدي تي توهان سان رهڻ تي راضي ڪيو ٿي مانس، ته توهين کيس پڙهائيندا.”
پروفيسر ڪريم آلين اکين سان پکراج ڏانهن ڏسڻ لڳو. پڇيائين، “اسد ڪٿي آهي؟”
ٻاهر گاڏيءَ ۾ ويٺو آهي.” پکراج وراڻيو، “پر واعدو ڪريو ته زندگيءَ جي ڪنهن به دور ۾ کيس اصل حقيقت کان ڪڏهن به واقف نه ڪندا.”
“ڇو؟”
“ڇو جو کيس پيءُ جي نالي کان نفرت آهي.” چيائين، “پرائمري اسڪولن ۾ ٻار کيس چيڙائيندا رهيا آهن.”
پروفيسر ڪريم بيل وڄايو. بيرو ڪمري ۾ آيو. بيري کي چيائين، “ٻاهر گاڏيءَ ۾ هڪ ٻار ويٺو آهي. هن کي وٺي اچ.”
بيرو هليو ويو. جيستائين اسد نه آيو، هو ٻئي خاموش رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
بيرو اسد کي در وٽ ڇڏي ويو.
پروفيسر ڪريم اسد ڏانهن نهاريو. گهڙي کن لاءِ سندس نگاهن آڏو بسنت هال جي ٻاهران اسد جو ڪرڻ ۽ ڪري اُٿڻ وارو منظر اُڀري آيو. زماني جي نفرت سندس منهن مان معصوميت ڦري ورتي هئي. هو هوبهو پروفيسر ڪريم جهڙو هو، فقط اکيون ۽ وار ماءُ وانگر ڪڪا هئس. پروفيسر ڪريم جي دل ۾ پيار جو قدرتي جذبو جاڳي اُٿيو. کيس سيني سان لڳائي، پنهنجي ڀرسان ويهاري ڇڏيائين. ڏٺائين، ته اکين مان اُداسي پي بکيس. ٻانهن ورائي کيس پاڻ سان چهٽائيندي چيائين، “اڃان پيار جو سج نه اُڀريو آهي، پٽ. پر، يقين ڄاڻ ته صبح جو سوجهرو پري ناهي.”
پروفيسر ڪريم جو جملو اسد  لاءِ بيمعنيٰ هو. هن ڏانهس نهاريو. کيس ٻانهه تي رهڙ مٿان رومال ٻڌل هو.
پکراج وڌي اچي صوفه وٽ بيٺي. اسد کي مٿي تي مٺي ڏيئي، ٻانهن ۾ ڀيڪوڙيء ڇڏيائين. ڪجهه دير تائين کيس پاڻ کان ڌار نه ڪيائين. جڏهن لڙڪ لڪائي ڇڏيائين، تڏهن کيس ٻانهن مان ڪڍيائين. ڀريل آواز ۾ چيائين، “اسد کي پنهنجو ڪري توهان انسانيت جو ثبوت ڏنو آهي. مون کي اجازت ڏيو. خدا حافظ.”
اکين وسڻ جا ويس ڪَيسَ. ممتا جا موتي ڪارن ڪڪرن وانگر ڇپرن ۾ ڇُلي آيس. چپ ڀيڪوڙي ڪمري جي در تائين هلي ويئي. جڏهن در جي هٿيئي ۾ مٺ وڌائين، تڏهن اسد صوفه تان اٿي، ڊوڙ پائي ماءُ جي سيني ۾ وڃي منهن لڪايو ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو، “امان، مان جڏهن پڙهي رهندس تڏهن تو وٽ موٽي ايندس.”
پروفيسر ڪريم صوفه تان اُٿي ماءُ ۽ پٽ وٽ وڃي بيٺو. اسد کي وارن تي هٿ ڦيرائيندي  چيائين، “اسين ٻئي موٽي اينداسين، اسد، منهنجا پٽ – ان ڏينهن هيءَ دنيا نئين نور سان منور هوندي.”
پکراج در کولي ٻاهر هلي ويئي.
پروفيسر ڪريم اسد کي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. کيس پلنگ تي ويهاري، پاڻ منهن ڌوئڻ لاءِ غسلخاني ڏانهن هليو ويو. ٻاهر نڪتو ته بيرو ڪمري ۾ بيٺو هو.
“ڇو،” هن ٽوال سان منهن اُگهندي کانئس پڇيو.
“سائين.” بيري ادب سان جواب ڏنو، “سائين، اخباري نمائندا اعتراض ڪري هليا ويا آهن.”
پروفيسر ڪريم ٽيليفون تي رسيپشنسٽ سان ڳالهايو ۽ کيس ملاقاتي ڪمري ۾ اچڻ لاءِ چيو.
اسد کي پنهنجي ڪمري ۾ ڇڏي هو ملاقاتي ڪمري ۾ آيو. رسيپشنسٽ اڳواٽ موجود هو.
“ڇا ٿيو؟” پروفيسر ڪريم کانئس پڇيو، “هو ڇو هليا ويا؟”
“چيائون ته توهان هڪ طوائف کي مٿن ترجيح ڏني آهي.”
پروفيسر ڪريم کيس ڪو جواب نه ڏنو.
“هڪ ڪلاڪ ڏهه منٽ انتظار ڪرڻ کانپوءِ هو احتجاج طور هليا ويا.”
پروفيسر ڪريم سوچ ۾ٻڏي ويو. چيائين، “چڱو ٿيو جو هليا ويا. مان ڪجهه به ڳالهائڻ لاءِ ذهني طرح تيار نه آهيان.”
رسيپشنسٽ ادب سان بيٺو رهيو.
پروفيسر ڪريم پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي کيس چيو، “مان جلسي کان اڳ ڪنهن سان به نه ملندس. تون ٿنڪرس فورم جي سيڪريٽريءَ کي فون ڪري گهرائي وٺ. مون کي ساڻس ڳالهائڻو آهي.”
پروفيسر ڪريم ڪمري ۾ موٽي آيو. اسد پلنگ تي ننڊ پيو هو، پيرن ۾ بوٽ هوس ۽ سندس پير لٽڪي رهيا هئا. هن بوٽ لاهي، سندس ٽنگون مٿي ڪري، مٿانئس بلانڪيٽ وجهي ڇڏيو. پاڻ آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. آرام نه آيس ته اُٿيو. خطن لکڻ جو  پيڊ کڻي، اڌ ڪلاڪ ۾ ٽي – چار مختصر خط لکي لفافن ۾ وجهي ڇڏيائين.
ان وقت رات جا اٺ ٿيا هئا. کيس ساڍي اٺين لڳي قلعي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪرڻو هو ۽ کيس مٿي ۾ هلڪو هلڪو سور محسوس ٿي رهيو هو.
اوچتو سندس ڪمري جو در کليو ۽ ٿنڪرس فورم جو سيڪريٽري سهڪندو اندر آيو. ويڙهيل سيڙهيل ڪاغذ کوليندي چيائين، “سائين، غضب ٿي ويو.”
پروفيسر ڪريم جواب ڏيڻ بدران هٿ لکيل پوسٽر پڙهڻ لڳو، جنهن ۾ مٿس هڪ طوائف سان هڪ ڪلاڪ تائين هوٽل جي ڪمري ۾ عيش ڪرڻ جو الزام لڳايل هو.
“اها ڳالهه باهه وانگر ماڻهن ۾ پکڙجي ويئي آهي،” سيڪريٽريءَ چيو، “ماڻهن جلسي جي پنڊال کي باهه ڏيئي مٿس گند جا ڊهه اُڇلائي ڇڏيا آهن.”
پروفيسر ڪريم فڪرمند ٿي اسد ڏانهن نهاريو.
سيڪريٽريءَ اسد ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هجوم هيڏانهن اچي رهيو آهي. هن کي هتي ڏسي توهان ٻنهي کي ماري وجهندا.”
“ڇو، هن کي ڇاهي.” هن اسد جي وارن تي هٿ ڦيرائيندي پڇيو، “ڇا هيءُ دنيا جي ٻين ٻارن جهڙو ناهي؟”
“هيءُ حرامي ٻار آهي. هن جي پيءُ جو ڪو پتو ڪونهي.”  سيڪريٽريءَ چيو، “توهين دير نه ڪريو، هجوم جي اچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو.”
پروفيسر ڪريم سيڪريٽريءَ جي منهن ۾ نهاريندي چيو، “دنيا جي ڪيترن انسانن کي پڪ آهي ته جنهن کي هو پنهنجو پيءُ سمجهن ٿا، سو حقيقت ۾ سندن پيءُ آهي به، يا نه.”
“اهي ڳالهيون اجايون آهن. حرامي ٻار بهرحال حرامي آهي.” سيڪريٽريءَ واچ ڏسندي چيو، “وقت نه وڃايو. مون توهان لاءِ ٽيڪسي آندي آهي. هجوم جي پهچڻ کان اڳ هتان هليا وڃو. ڪوٽڙيءَ تان ڪانه ڪا ريل ملي ويندو.”
پروفيسر ڪريم اسد کي ننڊ مان جاڳايو. هو اکيون مهٽيندو پلنگ تي ويهي رهيو. کيس پنهنجي آڱر هٿ ۾ ڏيندي چيائين، “هل پٽ.”
“ڪيڏانهن؟” اسد حيرت مان پڇيو.
“جتي انصاف روايتن جو غلام نه هوندو” پروفيسر کيس پلنگ تان اُٿاريندي چيو.
۽ پوءِ جڏهن ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي جي ڪنڊ ۾ ويهي پروفيسر ڪريم ۽ ننڍڙو اسد ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن وڃي رهيا هئا، تڏهن هر طرف هيبتناڪ اوندهه ڇانئجي ويئي هئي.
پروفيسر ڪريم جي پريشان ذهن ۾ پکراج جو جملو کاٽ هڻندو رهيو ته “اسد کي پيءُ جي نالي کان به نفرت آهي. اسد کي پيءُ جي نالي کان به نفرت آهي.”هن ٻانهن ورائي اسد کي اهڙي نموني پاڻ سان چهٽائي ويهاريو ڄڻ ته  اسد کي ڪو کانئس ڇني ڌار ڪري رهيو هو. اسد منهن مٿي ڪري ڏانهس ڏٺو.
هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي ٻنهي دريءَ کان ٻاهر اوندهه جي پولار ۾ نهاريو.
ريل رڙيون ڪندي، گجندي ۽ گوڙ ڪندي اوندهه جو درياهه جهاڳيندي پئي ويئي.



No comments:

Post a Comment