Sunday, February 20, 2011

ڪڪڙ جي صلاح - الطاف شيخ


ڪڪڙ جي صلاح
الطاف شيخ 

گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته  ملائيشيا ۾ هڪ سلطان رهندو هو. هو بيحد مهربان ۽ شريف انسان هو. سندس رعيت کيس تمام گهڻو پيار ڪيو ٿي. هر هڪ هن جي وڏي ڄمار ۽ خوشي لاءِ دعا گهري ٿي. ڪجهه سال راڄ ڪرڻ بعد هن هڪ تمام سهڻي شهزادي سان شادي ڪئي، جيڪا تئان پتري سڏبي هئي. هو پنهنجي زال کي تمام گهڻو چاهيندو هو. ايتريقدر جو جيڪي ڪجهه هوءَ چوندي هئي سو ضرور پورو ڪندو هو.
سلطان جي ان ڳالهه کان سندس وزير ۽ عملدار ڪجهه فڪر مند رهيا ٿي. پر ڪنهن به سلطان جي مخالفت ڪري کيس رنج نٿي ڪيو. ان ڪري هو فقط الله کان دعا گهري سگهيا ٿي ته شل تئان پتريءَ جو ناز نخرو رعيت جي ڪم ۾ رخنو نه وجهي.


هڪ ڏينهن شام جو سلطان پنهنجي باغ ۾ سير لاءِ نڪتو. هن پاڻ سان تلوار پڻ کنئي هئي. ٽيپهريءَ جي نماز اتي باغ ۾ ئي پڙهي پوءِ ڇٻر تي پسار ڪري رهيو هو ته هن کي هڪ وڏي پٿر هيٺان هڪ ڪارو ۽ هڪ اڇو نانگ گڏ گڏ نظر آيا. بنا ڪنهن هٻڪ جي هڪدم تلوار ٻاهر ڪڍي انهن نانگن تي حملو ڪيو. پهرين ئي ڌڪ ۾ ڪارو نانگ ته مري ويو. ٻئي ڌڪ ۾ اڇي نانگ جو رڳو پڇ وڍيو.
اڇو نانگ، پڇ ڪٽجڻ بعد تکو تکو پنهنجي سري غار ڏي غائب ٿي ويو. اتي پهچي هن نانگ مڙس کي ٻڌايو جيڪو نانگن جو پڻ راجا هو: ”منهنجا پيارا مڙس، سلطان جي باغ ۾ آئون کاڌي جي ڳولا ۾ چري رهي هيس ته سلطان پنهنجي تلوار سان منهنجو پڇ وڍي رکيو ۽ هاڻ آئون پڇ ڪٽيل ٿي پيئي آهيان.
پنهنجي زال نانگڻ جو اهو احوال ٻڌي نانگن جي راجا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”منهنجي پياري زال، تون فڪر نه ڪر.“ هن چيو، ”وڍيل پڇ سڄو ڪرڻ ته منهنجي وس ۾ ناهي، باقي اهو واعدو ڪريان ٿو ته ان ڏوهه جي سزا ان سلطان کي ضرور ڏيندس. ۽ هن پهاڪي موجب آئون ساڻس پير ڀريندس.
ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي سان ڏيڻ کپي.
خون جو بدلو خون سان
 ۽ زندگي جو بدلو زندگي سان.
”ان ڪري تون اجايو ڏک نه ڪر. تنهنجي پڇ جو بدلو آءٌ اڄ رات ئي وٺي ان بي عزتيءَ جو ٽڪو پنهنجي پيشانيءَ تان لاهيندس. هاڻ تون سمهي ننڊ ڪر. آئون سلطان جو ساهه ڪڍي اچان ٿو.“
اهو چوڻ بعد نانگن جو راجا پنهنجي زال کي اتي ئي ٻر ۾ ڇڏي، پاڻ آهستي آهستي ٿي سلطان جي محل وٽ آيو ۽ پوءِ خاموشي سان رڙهي ڪمري اندر داخل ٿيو. جنهن بستري تي سلطان سمهندو هو ان جي هيٺان هو لڪي ويٺو ۽ سلطان جو ننڊ ۾ ساهه ڪڍڻ جي ارادي سان هو اتي انتظار ڪرڻ لڳو.
سلطان ڪاري نانگ کي اڦٽ مارڻ ۽ اڇي نانگ جو پڇ وڍڻ بعد پنهنجي تلوار تان رت صاف ڪري واپس مياڻ ۾ وجهي محلات ۾ آيو ۽ نماز پڙهيائين. ان بعد بستري تي ليٽي پيو.
ٿوري ئي دير بعد سندس تئان پتري بيڊروم ۾ داخل ٿي. جڏهن تئان پتري، بستري تي ستي ته سلطان چيس ”اڄ شام جو، ٽيپهريءَ جي نماز کانپوءِ، آئون باغ جي سير لاءِ نڪتس. پسار ڪندي مون ڏٺو ته هڪ اڇو نانگ ڪنهن ڌارئي ڪاري نانگ سان پيار محبت جي دنيا ۾ مدهوش هو. مون پنهنجي تلوار ڪڍي هنن تي حملو ڪيو. ڪارونانگ ته پهرين ئي ڌڪ ۾ ڍير ٿي پيو. باقي اڇي نانگ جي ڪا قسمت سٺي هئي جو هن جو رڳو ٿورو پڇ ڪٽيو. اهڙيءَ طرح اڇو نانگ موت کان بچي ويو. ڪاري نانگ جو لاش ۽ اڇي رنگ جي نانگ جو پڇ، اڃا اتي باغ ۾ ئي پيو آهي.
نانگ جو راجا، جيڪو سلطان کي مارڻ لاءِ آيو هو، سلطان جي واتان هي ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويو. هن پنهنجو ارادو هڪدم بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو: ”هاڻ مون کي خبر پئي ته جنهن سلطان کي آئون مارڻ لاءِ نڪتو آهيان تنهن پاڻ مون تي وڏي مهرباني ڪئي آهي. هن منهنجي رقيب ۽ دشمن ڪاري نانگ کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏي. ۽ هاڻ، مون کي پنهنجي بدچلن زال يعني اڇي نانگ جي به خبر پيئي، جنهن تي مون کي. پروسو هو پر هاڻ مون کي خبر پيئي ته هوءَ بي شرم ڌارين سان لڪيو لڪيو ملندي وتي ٿي. چڱو جو تڪڙ ڪري مون سلطان کي نه ماريو جنهن لاءِ آءٌ گهران سوچي نڪتو هوس ته منهنجي زال کي بدشڪل بنائڻ ۾ هن جو هٿ آهي. آئون واعدو ڪري نڪتو هوس ته ڀلائي جو بدلو ڀلائي ۾ ڏيندس. ان ڪري هاڻ هن اعليَ صفت سلطان کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ٻڌائيندس. جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي ته اهو راز ٻڌائڻ بعد آئون مري ويندس پر ههڙي گڻائتي انسان جو ٿورو مڃڻ لاءِ اهو ڪجهه به نه آهي.“
اهو پڪو پهه ڪري نانگن جو راجا سلطان جي بيڊروم مان ٻاهر نڪتو ۽ آهستي آهستي ٿي سلطان جي باغ ۾ پهتو. ڇا ڏسي ته واقعي  سندس دشمن ڪاري نانگ جو لاش ۽ سندس زال جو پڇ اتي پيا آهن. اهو ڏسي هن کي پڪ ٿي ويئي ۽ سڌو پنهنجي غار ۾ پهتو. غار جي در وٽ سندس زال اهو معلوم ڪرڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺي هئي ته سندس مڙس- نانگ سلطان سان ڪهڙي ويڌن ڪئي.
نانگن  جي راجا پنهنجي زال کي ڏسي چيو” تون ڪيڏي ته بي وفا نانگڻ آهين. تون غير نانگ سان پيار رچائي منهنجي گهٽتائي ڪئي آهي ۽ پنهنجو ڏوهه لڪائڻ ڪارڻ هڪ نيڪ سلطان تي الزام مڙهيو. اهو ته ڀاڳ ڀلا سلطان جا چئبا جو مون تڪڙ ڪري کيس چڪ نه هنيو ۽ هو بچي ويو. هاڻ توکي تنهنجي ڏوهه جي سزا ڏيڻ لاءِ توکي اڦٽ ماري ڇڏيندس. ۽ هاڻ نانگن جي راجا جو ڏنگ چکڻ لاءِ تيار ٿي وڃ.“ اهو چئي نانگن جي راجا پنهنجي زال کي اهڙو ته ڏنگ هنيو جو ڦهڪو ڪري ڪري پيئي.
اتي آڌيءَ رات به گذري ويئي. ڪڪڙن ٻانگون ڏيڻ شروع ڪيون. نانگن جي راجا ڪڪڙن جو دس ٻڌي هلڻ جي تياري ڪئي ۽ فجر کان گهڻو اڳ اچي سلطان جي محلات وٽ پهتو. هن کي خبر هئي ته سلطان روز صبح جو وهنجڻ لاءِ نديءَ تي ويندو آهي. سو محلات جي ڏاڪڻن وٽ سندس انتظار ڪرڻ لڳو. جيئن ئي پرهه ڦٽيءَجو وقت اٿيو. اٿڻ سان وهنجڻ لاءِ هو سڌو محلات جي در ڏي وڌيو. صبح جو ڌنڌ ۾ محلات جي ڏاڪن وٽ واسينگ نانگ کي ڦڻ ڪڍي ويٺل ڏسي سلطان ڏڪي ويو ۽ آخر ڏاڪي وٽ پهچي بيهي رهيو.
نانگ جي راجا جڏهن ڏٺو ته سلطان هڪ هنڌ بيهي رهيو آهي ته پوءِ هن ڦڻ هيٺ ڪئي ۽ نهايت نيزاريءَ مان چيو:
”سائين منهنجا! آئون ان ڪري تو وٽ سوير آيو آهيان جيئن توهان سان اڪيلائيءَ ۾ ملي سگهان ۽ ٻيو ڪير به نه هجي. آئون دل جي گهراين مان توهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ آيو آهيان جو توهان منهنجي دشمن ڪاري نانگ کي ماريو. ائين ڪرڻ سان مون کي ڪنڌ کڻي هلڻ جو موقعو ڏنو آهي.آئون نانگن جو راجا ۽ اڇي نانگ جو مڙس آهيان- جنهن جو توهان پڇ ڪپيو. پهرين مون سمجهيو توهان شايد منهنجي زال جو پڇ ڪپي مون کي تنگ ڪرڻ چاهيو ٿا. تنهن ڪري مون توهان کي مارڻ جو ارادو ڪيو. مون قسم کنيو ته:
”ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي سان ڏيڻ کپي.
خون جو بدلو خون سان
 ۽ زندگي جو بدلو زندگي سان“
سلطان واسينگ نانگ جي اها ڳالهه ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويو. نانگ وڌيڪ ٻڌايو: ”حقيقت ۾ آئون رات توهان جي بيڊروم ۾ گهڙي آيو هوس ۽ توهان جي بستري هيٺان توهان جي سمهڻ جو انتظار ڪندو رهيس. انتظار دوران توهان جو تئان پتريءَ کي ڏينهن وارو ٻڌايل واقعو ٻڌي ورتم ۽ مونکي احساس ٿيو ته دراصل توهان منهنجي دشمن ۽ بي وفا زال کي سزا ڏيئي مون تي ٿورو ڪيو آهي. آئون سمجهي ويس ته ڪنهن جو ڏوهه آهي. ان ڪري اتان پوءِ سڌو گهر ويس ۽ پنهنجي بي وفا زال کي ماري ڇڏيم.“
”۽ هينئر آئون توهان جو ٿورو مڃڻ لاءِ هتي آيو آهيان ۽ ساڳي وقت توهان کي پکين ۽ جانورن جي زبان سمجهڻ جو علم ڏيڻ چاهيان ٿو. مون کي خبر آهي ته اهو علم ڏيڻ بعد آئون پاڻ هڪ ڏينهن اندر مري ويندس. پر آئون ڀلائي سان ڏيڻ چاهيان ٿو، پوءِ ڀلي ان بعد مون کي موت ملي. آئون توهان کي اهو عرض ڪندس ته ان علم بابت ڪنهن کي به نه ٻڌائجو. ويندي توهان پنهنجي پياري زال تئان پتريءَ کي به نه ٻڌائجو. ڇو جو ان بابت توهان ڪنهن کي به ٻڌائيندؤ توهان به مون وانگر مري ويندؤ.
ڏينهن ٿيڻ کان اڳ، نانگن جي راجا کان سلطان پکين ۽ جانورن جي ٻولين سمجهڻ جو راز هٿ ڪري ورتو. ڪجهه وقت کانپوءِ سلطان نه فقط پکين ۽ جانورن جون ٻوليون سمجهڻ لڳو پر انهن سان ڳالهائڻ پڻ سکي ويو. ان بعد نانگن جو راجا اتان هڪدم غائب ٿي ويو.
شام جو سلطان ۽ سندس پرميشوري (تئان پتري) باغ جي سير لاءِ گڏ گڏ نڪتا. هو هڪ ڏوليءَ ۾ ٿي ويٺا جيڪا گڏهه بڪي ٿي. رستي تي سلطان هڪ ڍڳي گاڏي ايندي ڏٺي جيڪا سڄي ٻارڻ جي ڪاٺين ۽ ڇوڏن سان ڀريل هئي. سلطان پنهنجي گڏهه جون واڳون ڇڪي هڪ هنڌ بيهاريوجيئن ڍڳي گاڏي سولائي سان سوڙهي رستي تان لنگهي وڃي.
سلطان ڏوليءَ وٽان لنگهندي ڍڳي گڏهه کي چيو ”واهه گڏهه واهه! تون خوب مزن ۾ آهين. منهنجو ته هر زور بار وڌندو وڃي ٿو ۽ اهو جيڪڏهن گهٽجڻ بدران ائين وڌندو رهيو ته هڪ ڏينهن آئون ته مري ويندس. گهڻي باري ڪري جڏهن آئون تکو نٿو هلان ته مالڪ مون کي چهبڪ سان ايترو ته ماري ٿو جو کل تي ڦٽ ٿيو پون. توکي جي يقين نه اچي ته ڏسي سگهين ٿو. منهنجي ڀيٽ ۾ تون وڏي لئه ۾ آهين. جيتوڻيڪ بار به گهڻو نٿوکڻين ته به تنهنجي هر گهرج پوري ڪئي وڃي ٿي. توکي کاڌو پيتو پڻ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ملي ٿو. مون ته توکي چهبڪ جو پاڇو به کائيندي نه ڏٺو آهي. ڪم پوري ڪرڻ بعد مون کي ٻين ڍڳن سان گڏ هڪڙي بند جاءِ تي رکيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو دونهين به نٿي دکائي وڃي. نتيجي ۾ ڇتيون مکيون ۽ مڇر سڄي رات پٽيو وڃن.“
ڍڳي جون دانهون ڪوڪون ٻڌي، گڏهه چيس: ”تون ته ڪو بيحد بيوقوف جانور آهين.“ شايد انهيءَ ڪري تو بابت ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته .اهڙو بيوقوف جهڙو ڍڳو.“ توکي کپي ته بيماري جو بهانو ڪري ليٽي پئه ۽ ظاهر آهي بيماريءَ جي حالت ۾ توکي هڪ ته سٺو کاڌو ملندو  ۽ ٻيو ته ڪم ڪرڻ کان به بچي ويندين.“
سلطان گڏهه ۽ ڍڳي جي مزيدار ڳالهه ٻڌي پنهنجي منهن کليو. مڙس کي ائين بنا ڪنهن سبب جي مرڪندو ۽ کلندو ڏسي تئان پتريءَ پڇيس: ”سرڪار اڄ توهان بنا ڪنهن سبب جي کلو پيا.“
سلطان وراڻيو: ”گڏهه ۽ ڍڳي جي گفتگو ٻڌي مون کي کل آئي آهي.“
تئان پتريءَ معلوم ڪرڻ چاهيو: ”ته پوءِ مهرباني ڪري مونکي به سيکاريو ته ڪيئن پکين ۽ جانورن جي زبان سمجهڻ کپي.“
سلطان مرڪندي وراڻيو: ”ان لاءِ مون کي معافي وٺڻي پوندي. آءُ توکي اهو راز ٻڌائي نٿو سگهان، پياري. جيڪڏهن آئون توکي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز سيکاريندس ته آئون پاڻ مري ويندس.“
ڪجهه وقت کانپوءِ سلطان پنهنجي گاڏي محلات ڏي موڙي. واٽ تي تئان پتريءَ سلطان کي وري منٿون ڪرڻ لڳي ته هن کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز سيکاريوو ڃي.
هوڏانهن گڏهه جي صلاح سان ڍڳو بيماريءَ جو بهانو ڪري سمهي رهيو. ڪاٺير ڍڳي جي اها حالت ڏسي ڏاڍو ملول ٿيو. ٻئي ڏينهن ڪاٺير ڪم تي وڃي نه سگهيو ۽ سلطان کي ڍڳي جي بيماري جو ٻڌايو.
سلطان وڏي صبر سان ڪاٺير جي ڪهاڻي ٻڌي. هن پنهنجي منهن سوچيو: ’هي سڀ ڪجهه گڏهه جي ڪري ٿيو. ڍڳي گڏهه جي صلاح تي عمل ڪيو آهي. پر هاڻي گڏهه کي ڪجهه سبق ملڻ کپي جيئن هو آئيندي ٻين جانورن کي ابتيون سبتيون صلاحون ڏيئي ڪم تان نه کاري.‘ ۽ پوءِ ڪاٺير چيو: ”جيڪڏهن ڍڳو بيمار آهي ۽ ڪم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ان بدران مون واري گڏهه کان کڻي گاڏو ڇڪراءِ.“
ڪاٺير هٿ ادب جا ٻڌي، جهڪي چيو: ”سرڪار جو شل شان مٿانهون هجي. توهان جي حڪم جي پوئواري ڪئي ويندي.“ ان بعد ڪاٺير گڏهه ڏي ويو جيڪو پنهنجي مستقبل کان بي خبر وڏي سڪون سان چارو چٻي رهيو هو. ڪاٺير کيس ڳچي ۾ رسو ٻڌي آڻي پنهنجي گاڏي سان جوٽيو جيئن ڪاٺين ۽ ڇوڏن جو ڳرو بار گهلي.
سڄو ڏينهن ڳرو بار گهلي گڏهه جي حالت خراب ٿي ويئي. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هن کي ايڏو سخت پورهيو ڪرڻو پوندو. پر هاڻ ڇا ٿي ڪري سگهيو. ڍڳو ته سندس ئي صلاح سان بيمار ٿي آرام ڪري رهيو هو.
رات جو چهبڪن جي ڌڪن ڪري ٿيل زخم چٽيندي گڏهه پنهنجي منهن سوچيو، ”ڏٺو وڃي ته هي سڀ ڪجهه منهنجي پنهنجي بيوقوفيءَ ڪري ٿيو. ڍڳي کي جيڪڏهن آئون چالاڪي نه سيکاريان ها ته منهنجو هي حشر هرگز نه ٿئي ها. منهنجي وات جي ٻڙ ٻڙ ڪري منهنجي جسم جي هيءَ حالت ٿي آهي. آئيندي هاڻ ڪڏهن به ائين نه ڪندس. نه فقط آئون پر پنهنجي اولاد کي به خبردار ڪندس ته هو ڪڏهن به ٻين جي ڳالهين ۾ پاڻ کي نه آڻين.
ٻئي ڏينهن گڏهه صبح ساڻ ڍڳي وٽ ويو، ”منهنجا دوست هاڻ تون وڌيڪ بيماري جو بهانو نه ڪر. مون هينئر هينئر سلطان جي واتان اهو حڪم ٻڌو آهي ته جيڪڏهن تون چاق چڱو ڀلو نه ٿيندي ته توکي ڪهي ڇڏيندا. ان ڪري منهنجي صلاح وٺين ته مکر ڇڏي وري پهرين وانگر کڙو ٿي وڃ.
ڍڳي اها ڊپ جهڙي ڳالهه ٻڌي وراڻيو: ”يار، وڏي مهرباني، تنهنجا لک ٿورا منهنجا گڏهه دوست! جيڪڏهن سلطان جو اهو ارادو آهي ته پوءِ مون کي هڪ پل به وڌيڪ بيمار ٿيڻ نه کپي. منهنجي خيال ۾ آئون وڏو ڀاڳ وارو آهيان جو تو مونکي ان بابت اچي ٻڌايو آهي نه ته آئون هروڀرو ڪسجي وڃان ها.“ اهو چئي ڍڳو اٿي کڙو ٿيو ۽ گڏهه شڪر جو ساهه کنيو.
ڪاٺير پنهنجي ڍڳي کي وري چاق ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ان ڏينهن کانپوءِ ڍڳو بنا ڪنهن بيماريءَ جي ڪاٺين جو گاڏو گهليندو رهيو ۽ گڏهه جي ان پورهئي کان جان ڇٽي ويئي.
ڏهاڙيءَ وانگر، هڪ رات، ماني کانپوءِ تئان پتري بيڊروم ۾ داخل  ٿي. مٿي ۾ ڏونگهين جو خوشبوءِ وارو تيل هڻي، وارن کي ڦڻي ڏني ۽ پوءِ پنهنجي بستري تي ويٺي ته جهٽ سلطان به آيو. هن پنهنجي مٿي ۾ ڏونگهين جو تيل هڻي ڦڻي ڏني ته ٻه ڪاڪروچ، زال مڙس بيڊ روم ۾ داخل ٿيا. سلطان جيئن ئي ڦڻي ڏيئي پري ٿيو ته ٻئي ڪاڪروچ تيل جي وٽيءَ وٽ تيل جا بچيل ڦڙا چٽڻ لڳا. مڙس ڪاڪروچ چيو: ”پنهنجو سلطان ڏاڍو مهربان آهي. مٿي کي تيل هڻن بعد به هو ڪيترو تيل پنهنجي پيئڻ لاءِ بچايو ڇڏي. جيڪڏهن تئان پتري سلطان بعد تيل هڻي ها ته هڪ ڦڙو به نه بچائي ها. اچ ته سلطان جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهرون.“
مڙس جا اهي لفظ ٻڌي ڪاڪروچ چيو: ”سلطان ۽ تئان پتريءَ لاءِ جيڪي ڪجهه تو چيو اهو نسورو ئي سچ آهي.“
سلطان ٻنهي ڪاڪروچن جي اها گفتگو ٻڌي ورتي. کيس هنن جي ڳالهين تي کل پڻ آئي. تئان پتريءَ جڏهن پنهنجي مڙس سلطان کي پاڻ مرادو کلندو ڏٺو ته هن پڇيس:
”سرڪار توهان ڇو هروڀرو پنهنجي منهن کلندا رهو ٿا؟“ سلطان وراڻيس، ”هنن ڪاڪروچن جي مزيدار ڳالهه ٻڌي مون کان کل نڪري ويئي.“
تئان پتريءَ کي ان ڳالهه هيڪاندو پريشان ڪري وڌو ته پکين ۽ جانورن جي ٻولي سمجهڻ جو راز معلوم ڪرڻ کپي.
”منهنجا سرتاج، جيڪڏهن تون مون کي واقعي چاهين ٿو،“ هن سلطان کي عرض ڪيو، ”ته تون مون کي ڪنهن به صورت ۾ پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ضرور ٻڌاءِ.“
تئان پتريءَ جون آزيون نيزاريون ٻڌي سلطان وراڻيس: ”افسوس جو آئون توکي اها ڳالهه سيکاري نٿو سگهان، منهنجي پياري. جنهن دم آئون توکي اهو راز ٻڌائيندس ته آئون مري ويندس. ان ڪري، مهرباني ڪري،مون کان اهو راز نه پڇ.“
تئان پتريءَ اڃا به وڌيڪ پريشان ٿي ويئي. راز معلوم ڪرڻ جي هورا کورا هن کي بي چين ڪري رکيو. ”منهنجا سردار! مهرباني ڪري مون کي اهو راز ٻڌاءِ. نه ته آئون پڪ مري ويندس.“
سلطان چيو: ”جيڪڏهن تون مون کي هروڀرو تنگ ٿي ڪرين ته آئون توکي راز ٻڌايان ٿو پر مون کي گهٽ ۾ گهٽ چاليهن ڏينهن جي مهلت ڏي جيئن ان ۾ آئون مذهبي دعائون وظيفا پورا ڪري وٺان جيئن خير سان ٻئي جهان ڏي روانو ٿي وڃان. ڇو جو اهو راز ٻڌائڻ بعد آئون هڪ ڏينهن به وڌيڪ هن دنيا ۾ رهي نه سگهندس.“
ان ڏينهن بعد سلطان پنهنجي مرڻ جي تياري خاطر ڏينهن رات عبادت ڪرڻ لڳو. نماز وظيفي مان جيڪو وقت بچندو هوس ان ۾ هو اهوئي سوچيندو هو ته تئان پتريءَکي سندس ان ضد تان ڪيئن لاهجي ۽ کيس پکين ۽ جانورن جي ٻولين سکڻ جي راز ٻڌائڻ کان نٽائجي.
۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي باقي ست ڏينهن وڃي بچيا. جنهن بعد هن کي وعدي موجب تئان پتري کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ٻڌائڻو هو. ان ڏينهن سلطان پنهنجي باغ ۾ ويو. هن اڳين ۽ ٻپهريءَ جي نماز پڻ اتي پڙهي. نماز بعد هو باغ جي ڪنڊ تائين سير پسار ڪندو وڃي نڪتو. اتي واهه جي ڪناري وٽ هڪ ٻڪر ۽ ٻڪري بيٺي هئي. ٻڪري ڍُڪيل هئي. واهه جي ٻئي ڪپر تي ڪنول جا گل هئا. ٻڪري ۽ ٻڪر انهن گلن جو مکڙيءَ مان ٽري گل ٿي جھڻ وارو نظارو پئي ڏٺو. ٻڪري ڪنول جا گل کائڻ لاءِ اتي هئي. هن ٻڪر کي ٻي پار وڃي اهي آڻڻ لاءِ چيو: ”پيارا ٻڪر! مهرباني ڪر اهي گل مون لاءِ کڻي اچ جو منهنجي دل انهن کي کائڻ لاءِ ماندي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن تون آڻي نه ڏيندين ته آئون مري ويندس.“
ٻڪر جڏهن پنهنجي محبوبا ٻڪريءَ جو اهو عرض ٻڌو ته هن هڪدم کڻي واهه ۾ٽپ ڏنو ۽ ٻيءَ ڀر وڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر پاڻيءَ جو وهڪرو ايترو تکو هو جو هو ٻيءَ ڀر تائين تري نه سگهيو ۽ ڪنول جا گل آڻڻ بنا واپس موٽي آيو. ٻڪريءَ وري منٿون ڪيس؛ ”مهرباني ڪري مون کي گل آڻي ڏي. مون کي گل آڻي ڏي. نه ته آئون مري ويندس.“
ٻڪر هڪ دفعو وري واهه ۾ ٽپو ڏنو پر سخت وهڪري جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ هڪ دفعو وري بنا  گلن جي هو ٻڪريءَ ڏي موٽيو. ٻڪريءَ کي ٻڌايائين ته پاڻيءَ جو وهڪرو ايڏو تکو آهي جو هن لاءِ ٽپڻ ناممڪن آهي.
ٻڪريءَ منهن سڄائي چيو؛ ”تون ڪهڙو منهنجو مڙس آهين جو توکان اهو به نٿي پڄي جو کڻي مون لاءِ گل آڻين. هن وقت منهنجي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آهي ۽ آئون هلڻ کان هلاڪ آهيان. مون کي گل کائڻ جي سڌ ٿي آهي پر تون منهنجي اها سڌ ئي پوري نٿو ڪرين. گل ڪي ايترو پري به ته نه آهن. جيڪڏهن تون گل نٿو آڻي سگهين ته آئون به ٻار سوڌي مريو ٿي وڃان.“
ٻڪر پنهنجي محبوب ٻڪريءَ جون اهي آهون پڪارون ٻڌي ڏاڍو غم کين ٿيو ۽ هڪ دفعو وري ڪوشش ڪيائين. پر ڪنهن به صورت ۾ ٻيءَ ڀر پهچي نه سگهيو. هن دفعي ماڳهين ٻڏو ٿي سو واپس ٻڪريءَ کي اچي ٻڌايو ته ڇا به ٿي پوي مون کان هي ڪم ٿي نه سگهندو. تون مرين ٿي ڀلي وڃي مر. آئون ڪنهن ٻيءَ ٻڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏيندس. ڇوجو تنهنجي لاءِ گل آڻڻ جي چڪر ۾ جي آئون ٻڏي ويس ته پڪ تون ڪنهن ٻئي ٻڪر سان وڃي شادي ڪندينءَ. ان کان بهتر آهي تون وڃي مر ته آئون ڪنهن ٻي ٻڪريءَ سان شادي ڪريان.ا هو چئي هو اتان هليو ويو. ٿوري دير بعد ٻڪري جيڪا ٿوري دير اڳ تائين رٺي ويٺي هئي سان ڦڪي ٿي هن کي پرچائڻ لاءِ رواني ٿي.
ڏينهن ٻن بعد، منجهند جي ماني بعد سلطان ٽيبل تي ويٺوهو ته هن جون ٻه ٻليون ان ٽيبل هيٺ اچي ويٺيون. انهن ۾ هڪ ٻلو هو ۽ ٻي ٻلي. ٻليءَ پنهنجي مڙس ٻلي کي چيو: ”لڳي ٿو ته پنهنجي لاءِ ڏکيا ڏينهن تمام ويجهو پهچي ويا آهن. تئان پتريءَ پنهنجي مڙس سلطان کان پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز معلوم ڪرڻ جو ضد ڪيو آهي ۽ سلطان سندس اهو ضد پوروڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. جنهن بعد ظاهر آهي ته سلطان مري ويندو ۽ جيڪڏهن سلطان مري ويو ته پاڻ به بک وگهي مري وينداسين جو سندس راڻي تئان پتري ايتري ڪنجوس آهي جو ڪنهن کي به کائڻ لاءِ پورو نه ڏيندي. پنهنجو سلطان سخي مڙس آهي ماني کائڻ بعد هو پاڻ لاءِ به تمام گهڻو گوشت بچائي ٿو. پر تئان پتري جيڪي پاڻ کي هڏا بچائي ڏيندي ان تي ذرو به گوشت جو نه ڇڏيندي.“
ٻليءَ جڏهن ڳالهائي بس ڪيو ته ٻلي چيو: ”دراصل مسئلو سڄوسلطان جي ڪمزريءَ ڪري پيدا ٿيو آهي. هو پنهنجي زال جو هر حڪم ۽ سَڌَ شوق پورو ڪندو وتي ٿو. حقيقت ۾، جيڪڏهن هو اهو راز پنهنجي زال کي ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ته سڀ صحيح ٿي ويندو. جنهن ڳالهه جو ڊپ اٿس ته راڻي پاڻ کي ماري ڇڏيندي، ائين هرگز نه ٿيندو.“
اهو ٻڌي سلطان جي چپن تي مرڪ تري آئي. تئان پتريءَ جڏهن سلطان کي مرڪندو ڏٺوته چيو: ” منهنجا سرتاج،مهرباني ڪري مون کي هينئر ئي پکين ۽جانورن جي ٻولي ڄاڻڻ جو راز ٻڌاءِ جو آئون هاڻ وڌيڪ انتظار ڪري نٿي سگهان.“
”منهنجي پياري، جتي تو هيڏو انتظار ڪيو آهي ته وڌيڪ ٻه ڏينهن انتظار ڪرڻ ۾ ڪو نقصان ناهي. ان ڪري، ان ڏينهن جو انتظار ڪر، جنهن لاءِ مون توسان واعدو ڪيو آهي. آخرڪار آئون ڪو هتان ڀڄي ڪونه ٿو وڃان. فقط ٻه ڏينهن ته وڃي بچيا آهن.“
تئان پتري اهو ٻڌي چپ ٿي ويئي.
ان رات، جڏهن ٻئي ڏينهن سلطان کي راز ٻڌائڻو هو، رات جي مانيءَ بعد، سلطان ۽ تئان پتري ٽيبل تي ئي ويٺا رهيا. اتي ٻه چچيون مٿان ڇت تان هيٺ لهي ٿنڀ تي آيون. مادي چچيءَ نر کي چيو: ”سڀاڻي آخري ڏينهن آهي جو سلطان تئان پتريءَ کي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز ٻڌائيندو ان بعد افسوس جو هو پاڻ مري ويندو. هن جي مرڻ بعد زندگي ڪيتري ته ڏکي ٿي پوندي.  هينئر پاڻ کي کائڻ پيئڻ لاءِ جام مليو وڃي. پوءِ ڳالهه ئي ٻي ٿي ويندي.
اهو ٻڌي نر چچيءَ چيو:  ”ڳالهه اها آهي ته پنهنجي سلطان کي کپي ته هو راز ٻڌائڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏي. راڻي تئان پتري، ڪجهه به نه ڪندي. جيڪڏهن اسان کي عورت جي هٿن ۾ ان حد تائين رانديڪو ٿي رهڻو آهي ته پوءِ اسان کي مرد سڏائڻ ۾ فخر نه ڪرڻ کپي.“
چچين جي اها ڳالهه ٻڌي، سلطان دل ۾ سوچيو: ”حقيقت ۾ جيڪي ڪجهه چچين چيو اهو سڀ سهي آهي. لڳي ٿو ته هنن چچين جي به ساڳي سوچ آهي جيڪا ٻلين ۽ ٻڪرين جي هئي. ان ڪري مون کي به ڪو اهڙو نمونو ڪرڻ کپي جيئن راڻيءَ کي راز ٻڌائڻ کان بچي وڃان.“ ان بعد هن مرڪيو ۽ پوءِ زور زور سان کليو.
”سرڪار خير ته آهي. توهان ڪڏهن به ايڏو زور سان نه کليا آهيو؟“ تئان پتري پڇيو.
سلطان وراڻيو: ”آئون چچين جي ڳالهه تان کلي رهيو آهيان. انهن چيو پئي ته پاڻ فقط اڄ رات هڪ ٻئي سان گڏ هونداسين. سڀاڻي راز ٻڌائڻ بعد آئون مري ويندس. ان بعد تون هن دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويندينءَ. چچيون اهو ڪجهه چئي رهيون هيون.“
ان بعد سلطان ۽ تئان پتري مانيءَ جي ٽيبل تان اٿي بيڊروم ۾ سمهڻ لاءِ آيا.
صبح ساڻ سلطان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺو هو. هو سوچڻ لڳو ته هو پنهنجي ضدي زال کي ڪيئن سرچائي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته اڱڻ ۾ هڪ ڪڪڙ پنهنجين ڪڪڙين کي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙائي رهيو آهي. انهن پٺيان ڊوڙڻ مهل، پنهنجي پر ڦڙڪائي ٻانهون به ڏئي رهيو هو.
ڪڪڙ کي ائين خوشيءَ مان ٻانگون ڏيندو ۽ کيڏندو ڪڏندو ڏسي سلطان جي ڪتي چيس: ”لڳي ٿو ته تون بيحد نمڪ حرام جانور آهين. اڄ پنهنجي سلطان جي مرڻ جو ڏينهن آهي پر تون آهين جو ائين خوش خوش پيو ڊوڙين. مهرباني ڪري پنهنجي سلطان جو سوچ جنهنجي زندگي هن وقت خطري ۾ آهي.“
ڪڪڙ ڪتي جي ڳالهه ٻڌي ڊوڙڻ بند ڪيو ۽ ڪتي جي اڳيان اچي چيو: ”لڳي ٿو ته تون به پنهنجي سلطان وانگر سخت احمق آهين. مون ڏي ٿورو ڏس. مون کي چاليهه کن زالون آهن پر مجال آهي جو ڪا هڪ به منهنجي خلاف وڃي. سلطان کي جيڪڏهن ٿورو به عقل آهي ته هن کي کپي ته هو هڪڙو لڪڻ رکي. تئان پتري جيئن ئي پکين ۽ جانورن جي ٻولين معلوم ڪرڻ جو راز پڇڻ جو ڪري ته ان لڪڻ سان کيس ورائي وڃي ۽ موچڙا هڻڻ مهل اهو چويس ته رن مرڻو اٿئي ته ڀلي مر. هو پاڻ ٻي وڃي شادي ڪندو. ائين هڪ ئي دفعو ڪرڻ سان تئان پتري وري ساڳي ڳالهه لاءِ مٿو نه کائينديس.“
ڪڪڙ جي ڳالهه ٻڌي ڪتو ڏاڍو خوش ٿيو: ”جيڪا تون ڳالهه ڪرين ٿو اها بلڪل صحيح آهي. سلطان کي تنهنجي صلاح تي هلڻ کپي.“
سلطان ڪڪڙجي پڻ اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو. ان ئي وقت اٿي گڏهه وارو چهبڪ کڻي اچي پنهنجي ڀر ۾ رکيو. ڪجهه دير بعد تئان پتري سلطان وٽ آئي. سلطان جي ويجهو پهچي هن چيو: “منهنجا سائين: هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي. توهان کي کپي ته مونکي پکين ۽ جانورن جي ٻولين ڄاڻڻ جو راز هڪدم ٻڌايو. نه ته آئون پاڻ کي ماري ڇڏينديس.“
تئان پتريءِ جو ائين چوڻ سلطان اٿي بيٺو ۽ چهبڪ کڻي تئان پتري جي پٺ تي وهائي ڪڍيو. ”جيڪڏهن تون مرڻ چاهين ٿي ته وڃي مر، باقي پکين ۽ جانورن جي ٻولين جو راز توکي هرگز نه ٻڌائيندس. جيڪڏهن تون مري وئين ته مڙيئي خير آهي. آئون ڪنهن ٻيءَ سان وڃي شادي ڪندس. جيڪڏهن آئون مرندس ته تون به ڪنهن ٻي سان وڃي شادي ڪندينءَ.آئون مران، ان کان بهتر آهي ته تون وڃي مر. ”اهو چئي سلطان هڪ ٻيو چهبڪ به کيس وهائي ڪڍيو.
تئان پتري سورکان رڙيون ڪرڻ لڳي. ۽ پوءِ يڪدم سلطان جي پيرن تي ڪري معافي وٺڻ لڳي. ان بعد تئان پتري هر وقت پنهنجي مڙس سلطان جي چئي ۽ ادب ۾ رهڻ لڳي ۽ ٻئي خوش خوش زندگي گذارڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment