Sunday, February 20, 2011

نيڪدل ديو - الطاف شيخ

نيڪدل ديو
الطاف شيخ 

ڪنهن جبل تي هڪ ديو رهيو ٿي. هو تمام نيڪ هو ۽ غريبن جي تمام گهڻي مدد ڪندو هو. هو جڏهن شهر ڏي ايندو هو ته ڪونه ڪو ويس بدلائي ايندو هو. هڪ ڏينهن شڪاريءَ جي روپ ۾ گهوڙي تي سوار ٿي جهنگل مان گذري رهيو هو ته هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون ميڙيندو ڏٺائين. ديو پڇيو: ”ڀائو انهن ڪاٺين جو ڇا ڪندين؟“
”اڌ ته وڪڻي ڇڏينديس ۽ گهر جي ڀاتين لاءِ کائڻ جو سامان خريد ڪندس، باقي اڌ ٻارڻ لاءِ گهر کڻي ويندس.“ ماڻهو جواب ڏنو.


ديو پنهنجي گهوڙي تان لهندي چيو: ”تون هي منهنجو گهوڙو کڻ ۽ هن کي سوداگر وٽ وڪڻي اچ. پر هن کان پنجاهه ڊالرن کان هڪ پائي به گهٽ نه وٺجانءِ. هو توکي گهٽ پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. هو تمام ڪمينو ۽ لالچي آهي. هن جي ڳالهين ۾ هرگز نه اچجانءِ.“
هن ماڻهوءَ ديو جا ٿورا مڃيا ۽ گهوڙي تي چڙهي سوداگر وٽ پهتو. سوداگر کي گهوڙو تمام گهڻو پسند آيو. پر هن ان ماڻهوءَ کي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪيو. سوداگر نيٺ پنجاهه ڊالر ڪڍي اهو گهوڙو خريد ڪيو. پنجاهه رپين ۾ هي گهوڙو تمام سستو هو.
لالچي سوداگرسوچيو ته هي گهوڙو ڪنهن هاريءَ کي ٻيڻي قيمت تي ڏئي پئسا ڪمائجن. هن گهوڙي کي پنهنجي اصطبل ۾ ٻڌو ۽ گراهڪ جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪتو. جلدئي هن کي هڪ اٻوجهه هاري ملي ويو. سوداگر هن کي سؤ روپين ۾ گهوڙو وٺڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. پر جڏهن سوداگر هن غريب هاري کي اصطبل ۾ گهوڙو ڏيکارڻ لاءِ آيو ته گهوڙو اتان غائب ٿي چڪو هو. هو سمجهي ويو ته اها ديو جي لچائي آهي. هن کي ديو تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کان بدلو وٺڻ جو سوچيو.
هوڏانهن ديو سوداگر کي وڌيڪ ستائڻ جو طريقو سوچيو.  هو هڪ مزور جي روپ ۾ هن جي گهر آيو ۽ چوڻ لڳو: ”آئون هڪ غريب ماڻهو آهيان. مون وٽ رُکي ماني کائڻ لاءِ به پئسا نه آهن.مون کي ڪا مزدوري ڏي ته ڪم ڪريان.“
سوداگر هن کي چيو: ”هنن ڪاٺين کي ڪارائيءَ سان ڪٽي ننڍا ننڍا ٽڪر ڪر.“
”مون کي ان ڪم جا ڪيترا پئسا ملندا؟“ ديو پڇيو.
”تون انهن مان جيڪي به کڻي سگهين ته کڻي وڃجانءِ.“ سوداگر چيو.
ديو چند منٽن ۾ سڀ ڪاٺيون وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيون. ان کانپوءِ هُن سوداگر جي گهر جا دروازا، ڇتيون ۽ ڪاٺ جي هر شيءِ ڪٽي ورتي. ان کانپوءِ انهن سڀني ڪاٺين جي ٽڪرن کي پنهنجي پٺيءَ تي رکي غائب ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment