Thursday, February 17, 2011

راهون جدا جدا- امر جليل

راهون جدا جدا


امر جليل

پريڊي اسٽريٽ ۽ ايلفيءَ جي چئو واٽي تي کتل سنگل ايلفيءَ طرف ڳاڙهو ٿي ويو.
ايلفيءَ تي ڊوڙندڙ ٽريفڪ بيهجي ويئي.
شام هئي.
شام جو ڪراچيءَ جي اڌ ٽريفڪ صدر ۾ هوندي آهي. جنهن رخ ڏانهن سنگل ڳاڙهو ٿيندو، ان طرف موٽرن، ٽيڪسين، آٽو رڪشائن ۽ اسڪوٽرن جو نه کٽندڙ سلسلو ڇپ ماري بيهي رهندو آهي. بيهڪ ۾ بيچيني هوندي آهي. سنگل سائو ٿيڻ شرط سمورو سلسلو چُرندو، ڪجهه ڪجهه اڳتي وڌندو ۽ ٻيهر سنگل ڳاڙهو ٿيندي ئي بيهي رهندو آهي.
ايلفيءَ تي ٽريفڪ جو سلسلو ترسي پيو هو. ڀانت ڀانت جي موٽرن ۾ اڇي مرسيڊيز ڪار به هئي،جنهن جي پوئين سيٽ تي هڪ چوويهن- پنجويهن سالن جي سانوري سهڻي عورت ويٺي هئي. ڪنڌ سيٽ جي ٽيڪ سان لڳائي ڇڏيو هئائين. ائين ئي، وقت ڪاٽڻ لاءِ دڪانن جا سائن بورڊ پڙهڻ لڳي، جيڪي اڳ ئي سندس ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل هئا. کيس خبر هئي ته ڪهڙي دڪاندار وٽ چالاڪ سيلزمين آهن. ڪهڙو دڪان جا اگهه مناسب ۽ ڪهڙي جا ڳاٽي ڀڳا آهن. ڪهڙي دڪان تي پاڪستاني ڪپڙي کي ولائتي ٺپو هڻي گراڪن کي ٺڳيو ويندو آهي. ڪهڙي دڪان تي سمگل ڪيل ڪا سميٽڪ، ڪراڪري ۽ سينگار جو سامان ملندو آهي. کيس صدر جي هڪ هڪ دڪان جي باري ۾ ايتريقدر مڪمل ڄاڻ هئي، جيتري ڪنهن قابل سرجن کي جسم جي عضوي عضوي  ۽ رڳ رڳ جي خبر هوندي آهي.
سنڌي اک پري کان پڌري. منجهس رڪ کي ڇڪ ڪرڻ جي ڪشش هوندي آهي. هوءَ ماڻڪين کي ڦيرائيندي رهي ۽ دڪانن جا سائن بورڊ ۽ شوڪيس به ڏسندي رهي.
زبي جئيلرز. 

نه. مون وٽ ڪافي زيور آهن. ڪافي ڇا، ضرورت کان به وڌيڪ آهن. اجهو گذريل مهيني ئي ته ربي جئيلز کان پکراج جو سيٽ ورتو اٿم. هڪ ٻن هنڌ پائي ويئي آهيان – هلندو اڃا ته پورو فيشن ۾ ئي نه آيو آهي! ارادو هوم ته نيلم جو سيٽ وٺان ها، پر هنن منع ڪري ڇڏي. چيائون ته نيلم تنهنجي لاءِ سٺو پٿر ناهي، توکي نه ڦرندو، اجايو پاڻ کي بيمار نه ڪري وجهين، پکراج جو سيٽ وٺ. ڪيترو نه منهنجو خيال رکندا آهن! ٻڌندي هيس ته دولتمند سنڌي عيش جا ڪوڏيا، بازاري عورتن جا قدردان ۽شراب جا شوقين هوندا آهن. غلط. ها، غلط ٻڌو هوم. هو اهڙا نه آهن. مون کي دل جي گهراين مان چاهيندا آهن. بيحد  مصروف رهندا آهن. حڪومت جا ٺيڪا کڻندا آهن دير سان گهر ايندا، ٿڪل هوندا پر اهڙو پيار ڏيندا، ٻه ٻول ڳالهائيندا جو دل وڃي سندن قدمن ۾ ڪرندي آهي.
ايلفيءَ طرف سنگل سائو ٿيو. ان وقت شاهراه عراق کان هڪ آٽو رڪشا ڦيرو کائي آئي ۽ مرسيڊيز ڪار جي سامهون اچي رستو ورتائين. ڪار چُري نه سگهي سنگل ڳاڙهو ٿي ويو ۽ موٽر هٿ کن به وڌي نه سگهي. هوءَ سوناري ربي جئيلرز جي شوڪيس ڏانهن نهاريندي رهي.
ربي جئيلرز جي شوڪيس ۾ تاج رکيو آهي.
وٺان؟
نه. مان ڇو راڻين سان ريس ڪيان؟ پر هو ته مون کي راڻي سڏيندا آهن. چوندا آهن، ناز تون منهنجي گهر جي راڻي آهين. ڀل چون. راڻي چون يا مهاراڻي، مان تاج مٿي تي رکي پنهنجن وارن جي سيٽنگ خراب نه ڪنديس ڪيڏي محنت ۽ مشڪل سان اُڀا وار ٺهندا آهن! هڪ دفعي منهنجي وارن کي اُڀي نموني قابو ٿيل ڏسي هنن جي ٻن جاهل مائٽياڻين حيرت مان چيو هو، اڙي ڪنوار، وارن ۾ لوٽو لڪائي رکيو ٿئي ڇا! هونهه. بي عقل بيوقوف، جاهل ڳوٺاڻيون.
سنگل سائو ٿيو.
ڦيٿاڦرڻ لڳا. ٽريفڪ جو سلسلو ڪجهه اڳتي وڌي، سنگل ڳاڙهو ٿيڻ شرط بيهي رهيو.
“ چيپ جان” اسٽور ٻاهران فٽپاٿ تي هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو ڪارو ميرو ۽ گدلو ڇوڪرو ٽانڊن تي پاپڙ پچائي رهيو هو. پاپڙ پچائيندو، سڳڙيءَ جي ڀرسان ٽوڪري ۾ رکندو پئي ويو. ڪيپيٽل سينيما واري گهٽيءَ مان ٻه چار نوجوان جن کي ڪراچي يونيورسٽي جا بليزرپيا هئا ۽ رانديگر پي ڏٺا، ڪيڪڙاٽيون ڪندا ٽرڙائي جي حد ٽپندا ، پاپڙن واري ڇو ڪري وٽ اچي بيٺا. منجهائن جيڪو وڌيڪ هلڪڙائي ڏيکاري رهيو هو، تنهن هٿ وڌائي هڪ پاپڙ کڻي ورتو ۽ چار ٽڪر ڪري دوستن ۾ وراهي ڇڏيائين. ٻئي نوجوان کيسي مان پنجويهه پئسن جو  سڪو ڪڍي پاپڙن واري ڇوڪري جي ٽڪڻ تي رکيو ۽ چار پاپڙ کڻي کلندو، پنهنجي چالاڪيءَ تي خوش ٿيندو اڳتي هليو ويو. ساٿي ڪڍ لڳس. پاپڙ وارو ڇوڪرو پاپڙ پچائيندو رهيو.
هوءَ کيس موٽر جي دريءَ مان ڏسي رهي هئي. ڪهڙو نه ڪنو آهي هي ڇورو. ميرو، ڏامر جهڙو ڪارو. ماڻهو ڪيئن ٿا هن سڪل سڙيل کان پاپڙ وٺي کائين! مان ته جيڪر چکيانس به نه. بيماري ٿو وڪڻي. قوم جي صحت جو ستيا ناس ٿو ڪري. هن ڇوري جي پاپڙن جي خبر وزيرِ صحت کي ملڻ گهرجي. اسان پاڪستان ان لاءِ ته نه گهريو هو جو هڪ پاپڙن وارو پاڪستانين کي بيمار ڪندو رهي. پر پاپڙن پچڻ جي سوادي خوشبو! هو مون کي شڪارپور کان پاپڙ گهرائي ڏيندا آهن، چوندا آهن اسان جي شڪارپور ٽن شين کان دنيا ۾ مشهور آهي” سُر هين جو آچار، ٺاڪرداس جي قلفي ۽ ڪورين جا پاپڙ. چوندا آهن، شڪارپوري کنڊ جا ٺهيل هوندا آهن، مٺائي جهڙا مٺا هوندا آهن. سچ چوندا آهن. پاڻ مون لاءِ مصري آهن.
ٽريفڪ ٻيهر چرڻ لڳي. ڪجهه تيزي سان وڌڻ لڳي. ڪيپيٽل سينيما جو ميٽني شو ختم ٿيو هو. هجوم فينٽومس فلم ڏسي نڪتو هو، تنهنڪري هر ڪو پراسرار نظر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. فٽ پاٿ تي پيهه وڌي ويئي ته ماڻهو سڙڪ تي ڪاهي پيا. ڳتيل موٽرون آڏو ڦيرا ڏيندا، رستو لنگهي بوري بازار ڏانهن ويندا رهيا.
ڊرائيور بريڪ تي زور ڏنو. هوءَ سيٽ جي هنج مان اُڇل کائي اڳتي وڌي ٻيهر سيٽ جي ڪونئري ڪشن ۾ قابو ٿي ويئي. پٺيان ايندڙ موٽرن، ٽيڪسين ۽ آٽو رڪشائن جي راهه روڪجي ويئي.
هن ويٺي ويٺي محسوس ڪيو، ڄڻ ڪو کيس لاڳيتو گهوري رهيو هو. هن ڪنڌ ورائي دري کان ٻاهر ڏٺو. پاسي ۾ هڪ اڇي رنگ جي جيپ بيٺي هئي جنهن مان ڪجهه نج سنڌي قسم جا مرد کيس کائي ڇڏڻ وارين نگاهن سان چٽي رهيا هئا. سندن شهپر ذري گهٽ ڪنن جي پاپڙين يا وڇون جي پُڇ وانگر وٽ کائي پنبڻين سان ٿي لڳا.
هن سندن نگاهو ن پنهنجي بدن ۾ چڀنديون محسوس ڪيون، منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين پر تڏهن به چڀڪي جو احساس کيس محسوس ٿيندو رهيو. هن سامهون سنگل ڏانهن نهاريو.
سنگل سائو ٿيو. ڦيٿا ڦرڻ لڳا. اڇي جيپ سندس گاڏيءَ کان اڳ نڪري ويئي. هن ٿڌو ساهه کڻي جيپ جي نمبر پليٽ ڏانهن ڏٺو. جيپ تي سنڌ جي نمبر پليٽ لڳل هئي، جنهن  تي ايم اين اي لکيل هو.
هونهه، اها به ڄڻ ڪالياقت ياقابليت آهي! ووٽ وٺن عوام کان ۽ چونڊجڻ کان پوءِ  رعب رکن عوام تي. ۽ هي سنڌي نمائينده.! ون يونٽ جا ڀرجهليا، ايوبي آمريت جا گماشتاٰ! سڄي سڄي رات ڪن عيش. صبح جو اجلاس ۾ کائن جهوٽا! سنڌ جو نصيب ئي ستل آهي.
ان جيپ مان ڪيئن ته مُڇر مون کي گهوري رهيا هئا! ڄڻ سڄي عمر ۾ عورت ئي نه ڏٺي هئائون. بيشرم .پنهنجين عورتن کي ڦٽو ڪري فصلن جو پئسو کڻي ڪراچي اچن ۽ هر عورت کي تاڙيندا رهن. رڳو مُڇ تي زور. ٺلهي آڪڙ. منهنجون غير سنڌي ساهيڙيون ته مرڳو ٺٺوليون ڪنديون آهن” چون، سنڌي مرد عورتن کي ائين گهوريندا آهن جيئن بکايل ڏاند وڏين وڏين اکين سان ڏاري ڏانهن ڏسندو آهي. پڇنديون آهن وڏيرا مُڇ تي طوطو ته نه ويهار يندا آهن. ٽريفڪ جڏهن تيزي سان هلڻ لڳي تڏهن به کيس جيپ وارن جي نظرن جو خيال ايندو رهيو. هن پاڻ کي پريشان ٿيندي محسوس ڪيو.
مڇن وارا ٺيڪ ماڻهو نه هوندا آهن. هنن جو به هڪ  سنگتي مُڇو آهي. منهنجي شادي کان اڳ جو سگنتي اٿن. سڀني کان گهاٽو ۽ ويجهو سنگتي اٿن هر وقت مدد علي مدد علي ڪندا رهندا آهن. هو به مدد علي سان اڏن تي ويندا ۽ هوٽلن تان ڪيبري ڊانسر ڇوڪريون کڻي راتيون گذاريندا هوندا! نه . نه مون کي وهم ڪرڻ نه گهرجي. هو اهڙا ڇڙواڳ نه آهن. پر رات جو اڪثر ٻاهر ڇو رهندا آهن؟ ڪم گهڻو هوندو اٿن ته ٻاهر رهي پوندا آهن. ٺيڪي جو ڪم جلدي پورو ڪري انجنيئرن ۽ اووسيئرن کي حصو ڏيئي موڙي ڇڏائڻي هوندي اٿن. اهو ڪم سولو ته ڪونهي ! رات ٻاهر ته رهڻي ئي پوندي اٿن.
پريڊي اسٽريٽ ڏانهن ڪار ڦرندي کيس هلڪو لوڏو آيو ۽ سوچ جا سلسلا ٽٽي پيس. دل ۾ وهم جي ڇيت ۽ شڪ جو  ڀڳل شيٽو چڀندو رهيس.
ڊرائيور احترام سان پڇيو، “ بيبي، گاڏي بيهاريان؟”
“ هون! نه . ايلفيءَ تي موٽي هل” هن جواب ڏنو ۽ جواب ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي جواب تي  سوچڻ لڳي.
وڪٽوريا روڊ تي صدر پوسٽ آفيس ٻاهران کيس ساڳي جيپ نظر آئي. ڪارين مڇن جا ڪارا عڪس سندس تصور کي ڪارو ڪرڻ لڳا. موٽر جڏهن پيراڊائيز سينيما وٽ پهتي تڏهن هن منهن وارئي پوئين شيشي مان جيپ ڏانهن ڏٺو.
بازاري عورتن جي تاڙ ۾آهن . وس پڄين ته جيڪر ملڪ جون سهڻيون عورتون کائي کپائي، ٻاهرين ملڪن جون عورتون در آمد (lmport) ڪن. پر سڀئي ته اهڙا نه هوندا. مدد علي به اهڙو بڇڙو نه هوندو. جيڪڏهن بداخلاق هجي ها ته هو هوند ساڻس دوستي نه رکن ها. مان به ڪهڙي نه بيوقوف آهيان. وهمي آهيان. شڪ ته عورت جي وجود لازمي حصو هوندا آهي  پر منهنجو شڪ ته بلڪل بي بنياد آهي. ڀلا ائين ڪيئن ٿي ٿو سگهي جو هڪ مرد جيڪو پنهنجي گهر واري سان خوش هجي اهڙي خوشي جو هر هر اظهار ڪندو هجي، سو ڪنهن ڌاري عورت وٽ ڪيئن آسود گي محسوس ڪري سگهندو ! ته پوءِ ته پوءِ هي جو هر رات عصمتن جا سودا ۽ جسمن جا واپار هلندا آهن؟ ڇا سڀئي مرد پنهنجي پنهنجي گهر واريءَ مان بيزار هوندا ! نه نه مون کي اهڙيون اُگهاڙيون ڳالهيون سوچڻ نه گهرجن. ڇو نه سوچڻ گهرجن؟ مان پڙهيل آهيان. ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي اٿم. سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترين پڙهيل عورتن مان هڪ آهيان. مان هر معاملي تي سوچينديس، ان جو مونکي حق آهي. مان ٻهراڙيءَ جي قديم، دقيانوسي ۽ جاهل عورت نه آهيان، جو هر آفت کي الاهي اُمر سمجهي شڪر ڪندي رهان. هي مون کي ڇا ٿيندو ٿو وڃي؟ مان ايتريقدر پريشان ڇو ٿي رهي آهيان؟
“ بيبي گاڏي روڪيان؟ ڊرائيور جي آواز تي کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
“ ها. ها گاڏي روڪ،” هن جواب سان پنهنجي پريشاني لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪار فٽ پاٿ سان لڳي بيٺي. ڊرائيور پنهنجي سيٽ تان اُٿي آيو. موٽر جو پويون در کولي، ادب سان بيهي رهيو. هوءَ خاموش ويٺي رهي.
مون کي وڌيڪ سوچڻ نه گهرجي. اجايو بلڊ پريشر وڌي ويندو. مون وٽ ڇا نه آهي! دنيا جي هر خوشي مون وٽ موجود آهي. پوءِ ڇو پاڻ کي پريشان ڪري رهي آهيان؟ ڇو سوچي رهي آهيان؟ مان پاڻ ته نه سوچي رهي آهيان بلڪ سوچ جا سلسلا خود به خود، پنهنجو پاڻ بيپاڙيءَ وانگر پيدا ٿي رهيا آهن ۽ وڻ ويڙهيءَ وانگر مون سان وچڙي رهيا آهن. مون کي خيال مٽائڻ گهرجي.
ڄڻ ڪنهن ڪار جي سيٽ سان چنبڙائي ڇڏيو هوس. هوءَ سٽ ڏيئي اڳتي کسڪي آئي ۽ پوءِ ساڙهي سنڀاليندي موٽر مان ٻاهر نڪري فٽ پاٿ تي قدم رکيائين.
ڊرائيور آهستي در بند ڪري ڇڏيو. فٽ پاٿ تان لنگهندڙن جون نگاهون ڦري گهري مٿس ٿي پيون.
هوءَ ماحول کان بي نياز هئي. جيئن ساڙهي سنڀاليندي موٽر مان ٻاهر نڪتي تيئن سامهون” ڪتاب محل” جا ٻه ڏاڪا چڙهي دڪان ۾ هلي ويئي.
جنهن وقت هوءَ دڪان ۾داخل ٿي تنهن وقت هڪ خوش پوش نوجوان دڪان مان ٻاهر نڪري رهيو هو. هن منهن ورائي ذري گهٽ اچرج سان اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو. اجنبيءَ دڪان مان ٻاهر نڪري ڦري مٿس هڪ نگاهه وجهي، اڳتي هليو ويو.
ڪيترو نه هنن سان ملي رهيو هو! قداور، پورو پنو، بدن اڇو ڪڻڪ مائل رنگ ڪلين شيو سنهڙو ڊگهو نڪ وار جائيتا ۽ اکيون وڏيون! بيخيالي ءَ ۾ اوپري کي پنهنجو سمجهي سڏي ويهان ها۽ پوءِ پڇتايان ها. مون کي پنهنجن ڇڙواڳ خيالن تي ضابطورکڻ گهرجي.ڪٿي ڪا اڙٻنگائي نه ڪري ويهان.
خيالن کي جائيتو ڪرڻ لاءِ هوءَ ريڪ مان ڪتاب ڪڍندي، ورق اٿلائيندي، ڪائونٽر تي اُڇلائيندي ويئي. هوءَ هميشه ائين ئي ڪندي هئي ۽ آخر ۾ پنجاهه ياسئو جا ڪتاب کڻي ويندي هئي. هميشه جڏهن به ڪتاب ريڪ مان ڪڍي ڪائونٽر تي اڇلائيندي ويندي هئي، تڏهن ڪتاب جي مواد تي دڪاندار سان بحث ضرور ڪندي هئي.
پراڄ مان خاموش آهيان. مون کي ڳالهائڻ گهرجي. ڇا ڳالهائڻ گهرجي؟ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڳالهائڻ گهرجي. پر ڪهڙي موضوع تي ڳالهايان؟ ڪنهن به موضوع تي. ڪنهن به مسئلي تي.
“ توهان وٽ Sixth sense تي ڪتاب آهي؟” هن ڪتابن جا ورق ورائيندي دڪاندار کان پڇيو.
توهين ته هميشه ناول ۽ افسانن جا مجموعو پسند ڪنديون آهيون!”
“ ڀلاتوهان ٻڌائي سگهندا ته Sixth sense۽ Intuition ۾ ڪهڙو فرق آهي. ٻئي لاشعور جي ساڳي پيداوار جا ٻه مختلف نالا ته نه آهن؟”
“ جي!” دڪاندار جا چپ ڌار ٿي ويا. حيرت اکين مان ليئا پائڻ لڳس.
Telepathy جي باري ۾ توهان جو ڇاخيال آهي؟” هن ٻيهر پڇيو. نگاهون مٿي ڪري دڪاندار ڏانهن ڏٺائين، جيڪو وائڙن وانگر ڏانهس ڏسي رهيو هو.
هن هڪدم پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ ڳالهه اڌ ۾ ختم ڪري ڇڏيائين. پشيمان ٿيڻ لڳي. پشيماني دور ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻيا ڪتاب ريڪ مان ڪڍي ڪائونٽر تي ڊهه ڪيائين. پوءِ پرس مان سئورپين جو نوٽ ڪڍي ڪائونٽرتي اُڇلائي دڪان مان ٻاهر نڪري ويئي.
دڪان جي در ٻاهران ڊرائيور بيٺو هو. اهو دستور هو.
هوءَ دڪان مان ڪتاب پسند ڪري ٻاهر ايندي هئي ۽ ڊرائيور ڪتاب کڻي موٽر ۾ آڻي رکندوهو.
دڪان مان ٻاهر ايندي ڊرائيور کي چيائين،” گاڏي سلڪ پئليس وٽ آڻي بيهار.”
۽ پوءِ پاڻ سلڪ پئليس ڏانهن وڌي ويئي.
مون کي دڪاندار سان اهڙي نموني ڳالهائڻ نه گهربو هو.
ڇاسوچيندو هوندو منهنجي باري ۾. مان ضرور پريشان آهيان. پر
پريشان ٿيڻ لاءِ جو خاص سبب به ته ڪونهي. ته پوءِ ڪنهن ڪنهن وقت انسان اوچتوئي اوچتو پريشان ڇو ٿيندو آهي! پريشان ٿيڻ لاءِ فقط سب جو هئڻ لازمي ناهي. پر مان، مان، ها منهنجي ذهن ۾ ۽ منهنجن خيالن تي مدد عليءَجي ڀيانڪ شخصيت جو بد روح ڇانئجي ويو آهي. مدد علي بڇڙو آهي ته پنهنجي لاءِ هوندو. هو اهڙا نه آهن جو مدد علي مُڇوءَ جي ڏسيل رستي تي اکيون پوري وڌي وڃن. اُف ڇا منجهان ڇا سوچي رهي آهيان! گهر موٽي وڃان؟ نه. گهر ۾ اڪيلائي ورائي ويندي. چئي ويا آهن دير سان موٽندا، ڪنهن انجنيئر کي ٺيڪو ڏيارڻ جي خوشيءَ ۾ ڪانٽينينٽل ۾ ڊنر ڏني اٿائون. الاءِ ڪڏهن موٽن. اهي مئا انجنيئر ٺيڪو ته ڏيندا آهن، پر ٺيڪي جي آمدنيءَ جو پنجهتر سيڪڙو پاڻ ۾ ناني ويڙهي ڪري ڇڏيندا آهن.ٺيڪيدارن کان ڊنرون کائيندا آهن. ڪيبري ڏسندا آهن، شراب ۽ ڪال گرل لاءِ فرمائشون ڪندا آهن ۽ مٿان هر هر احسان به جتائيندا آهن. اڄ رات به هڪ انجنيئر سان هوندا، جنهن کين سڙڪن ٺهرائڻ جو ٺيڪو وٺي ڏنو آهي. مدد علي به ساڻ ويو اٿن. مدد علي!مدد علي! مان مئي مدد علي مڇوءَ جو خيال دل مان ڪڍي ڇو نٿي سگهان! مان شايد ٿڪل آهيان. ها، بيحد ٿڪل آهيان. سلڪ پئليس مان ڪجهه ساڙيون وٺي گرانڊ ۾ وڃي ڪافي پيئنديس. ٿڪل آهيان، شايد تڏهن اجايا سجايا خيال پريشان ڪري رهيا آهن. هي سموري بيچيني ٿڪ سبب آهي، ٿڪ انسان جي عقل جو دشمن هوندو آهي.
سامهون ايندڙ ماڻهن ۾ هن هڪ شڪل کي ڄڻ سڃاتو.
ساڳئي نوجوان کي سامهون ايندي ڏٺائين، جنهن ڪتابن جي دڪان مان نڪرندي منهن ورائي ڏانهس ڏٺو هو ۽ جنهن جي شڪل سندس مڙس سان ملندڙ جلندڙ هئي. هو اڳ اڪيلو هو. هن دفعي هڪ چست ڪپڙن ۾ ڦاٿل ۽ ميڪ اپ سان ٿڦيل ڇوڪري ساڻس گڏهئي.
هيءَ ڇوڪري سندس زال ناهي. ڀيڻ به ناهيس. پر مون کي ڪهڙي خبر. مان نجومڻ نه آهيان. پوءِ ڇاهي، عورت ته آهيان. هڪ عورت ٻئي عورت کي هر رنگ روپ ۾ سڃاڻي وٺندي آهي. هيءَ ڇوڪري هن نوجوان جي زال ناهي. بوري بازار جي ڪنهن ڪنڊ تي، ياڪنهن هوٽل جي فيملي روم ۾ انتظار ڪندڙ ڇوڪري آهي. اک جي اشاري سان ڪڍ ايندڙ ڇوڪري آهي. مان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هيس تڏهن اسان جي گفتگو جو مو ضوع اهڙين انتظار ڪڍندڙ ڇوڪرين تي اچي پورو ٿيندو هو. هيءَ ڇوڪري به ڪال گرل آهي -  سڏ لاءِ منتظر ڇوڪري – هو به ائين ڪندا هو ندا. پر هو ته لڄارا آهن. عورتن سان لهه وچڙ ۾ ئي نه ايندا آهن.  پر ڪهڙي خبر! مدد علي مُڇو ڪنهن هوٽل جي ڪيبري ڊانسر. ڪا ڪال گرل، ڪا انتظار ڪڍندڙ ڇوڪري ڪٿان هٿ ڪري آڻيندو هوندو. هو به ساڻن گڏ هوندا. اُف! اوه! اجايو پاڻ کي پريشان ڪري رهي آهيان. چري آهيان جو مٿن شڪ ڪري رهي آهيان. ۽ مدد علي! کوهه ۾ پئي مئو مُڇو. هو مدد علي جي ٽيڪرن تي ڪنهن به ڌاري ۽ اجنبي عورت کي ويجهو اچڻ نه ڏيندا. مان سندن اخلاق جي قائل آهيان. مان اکيون پوري سندن شرافت جو قسم کڻي سگهان ٿي.
هوءَ سلڪ پئليس ۾ لنگهي ويئي. ڪائونٽر جي پٺيان ويٺل سيٺ صاحب، جنهن جي منهن تي ڇهه انچ کن ڏاڙهي هئي ۽ مڇون غائب هيون ۽ جنهن جو وات ۽ چپ پان جي پڪ ۾ ڳاڙها هئا، اٿي بيٺو. ڪاروباري مُرڪ چپن تي تري آيس. واڇون ڪنن جي پاپڙين سان وڃي لڳس. دڪان جا ٻه ٽي سيلزمين، جن وٽ گراهڪ نه هئا، سي به اڳتي وڌي آيا. هوءَ ان دڪان جي اهم خريدار هئي. هڪ سيلزمين پلاسٽڪ سان واڻيل ڪرسي ڏانهس وڌائيندي کيس ويهڻ جي آڇ ڪئي. هن پرس ڪائونٽر تي اُڇلايو ۽ ڪرسي تي ويهي رهي.
سيٺ صاحب پاڻ وٽس وڌي آيو. نيٺ لکوي انداز ۾ اول کانئس طبيعت، سندس مڙس جي طبيعت ۽ موسم جو حال پڇيائين. پوءِ ملڪ جي سياست، سوشلزم ۽ مهانگائي جو رئڻو رنائين. آخر ۾ سيلزمين کي خاص قسم جون ساڙهيون آڻڻ لاءِ حڪم ڪيائين. سيلزمين ڪائونٽر تي ساڙهين جو انبار ڪري ڇڏيو.
“ هيءَ هلڪي گلابي ساڙهي، خاص روايتي بنارسي ڪم تي ٺهيل آهي، لا جواب ۽ بيمثال آهي.” مولانا سيٺ ڳالهائيندو رهيو،”عام رواجي عورتون ته هيءَ ساڙهي ڏسي بيهوش ٿي وينديون.”
پوءِ هو اميرن، وزيرن، صنعتڪارن وغيره جي عورتن، جن اها ساڙهي ورتي هئي، تن جا اهڙي نموني حوالا ڏيئي ويو جيئن هوٽل جو بيرو ڪورما، ڪوفتا، مٽن برياني، چڪن برياني، مغزپايا وغيره چئي ويندو آهي.
“ هي رنگ مون کي پسند ناهي.” هن نيٺ ڳالهايو.
سيٺ حيرت مان وراڻيو، “ توهين ته خاص ڪري هلڪا رنگ پسند ڪنديون آهيو. ڀلاهيءَ بسڪ ڪلر جي ساڙهي ڏسو.”
“نه اهو رنگ به  ٺيڪ ناهي.”
“ ته پوءِ ڪهڙو رنگ توهين پسند ڪنديون؟” مولانا سيٺ پڇيو، “ توهين حڪم ڪريو. مون وٽ دنيا جي هر رنگ ۾ اعليٰ قسم جون ساڙهيون آهن.”
هوءَ منجهي پئي.
چيائين،” ڪجهه اهڙو رنگ هجي جيڪو تکو ناسي، ڳاڙهو ياڪرمچي يا، ڪاري رنگ سان ملندڙ جُلندڙ هجي.”
سيٺ عجب مان ڏانهس ڏٺو. اهڙي قسم جو رنگ هن پنجاهه سالن جي دڪانداريءَ ۾ به نه ڏٺو هو.
مون کي ڇا ٿي ويو آهي! ڪرمچي، ڪارو، ڳاڙهو، تکو ناسي! انهن رنگن جو ميل؟ اُف. هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. ڇا سوچيندو هوندو مولانا. ائين ته ناهي، ڪو لڪل غم جو پاڇو منهنجي پسند تي پئجي رهيو آهي. رنگن سان شخصيت جي نفسيات جو ڏس ملندو آهي. منهنجي لاشعور جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شايد شڪ ۽ انتقام جا جذبا پاڻ ۾ گنڊجي رهيا آهن. مان فلسفو ڇو سوچي رهي آهيان! ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. ڪجهه خاص به نه ٿيوآهي. شاديءَ جي هڪ  سال جي عرصي ۾ ڪجهه به غير معمولي نه ٿيو آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير سان يا ڪڏهن ڪڏهن  نه ايندا آهن. پر اهو  به تڏهن، جڏهن ڪم جو زور هوندو اٿن. پر مدد علي ڇو ساڻن پاڇي وانگر گڏ لڳو رهندو آهي. عمر ۾ به کانئن وڏو آهي. پڙهيل به ناهي. فقط زميندار آهي ته ڇا ٿيو؟ اها ڪا خوبي ته ناهي، رڳوقسمت جو چڪر آهي. پر سنڌي زميندارن جي باري ۾ ٻڌل ڪهاڻيون ڪوڙيون ناهن. شل نه رن رو ڳڙي ڏسن! ۽ مدد علي؟ ڪهڙي خبر، هو به لڪ ڇپ ۾ مدد عليءَ جي ڏسيل رستن تي هلندا هجن ديسي ڇوڪرين مان دل ڀرجي ويندي هوندن ته غير ملڪي ڇوڪرين کي هٿ ڪندا هوندا. شايد ڇوڪرين کي تحفا به وٺي ڏيندا اهوندا. ولايت ۾ ساڙهيءَ جو مان آهي.
“عابد صاحب جن ته نه آياهئا؟” هن مولانا کان پڇيو.
“ نه.” مولانا عجب مان وراڻيو، “ هو ڪڏهن ڪڏهن توهان سان گڏ ايندا آهن. اڄ تائين اڪيلا نه آيا آهن؟”
“ ويجهڙائي ۾ ڪا ساڙهي ته نه وٺي ويا آهن؟” هن پڇڻ ڪاڻ پڇي ورتو، پر خود ئي پنهنجي سوال تي پريشان ٿيڻ لڳي.
“ معاف ڪجو.” مولانا سيٺ چيو، “ توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟”
“ ها ها، ٺيڪ آهيان،” هن پريشاني لڪائڻ چاهي پر اندر ۾ اُٿيل گهمسان کيس ورائيندو ويو.
“ ڪوڪا ڪولا گهُر ايان؟” مولانا سيٺ پڇيو.
“ نه.”
“ ڪافي؟”
“ نه، مهرباني. “ هن پرس مان چيڪ بڪ ڪڍندي چيو، “ ڪيش ميمو ڏيو.”
“ پر توهان ته اڃا ڪا ساڙهي ئي پسند نه ڪئي آهي.”
مولانا حيرت مان وراڻيو، “ ڪيش ميمو ڇا جو ڏيان؟”
هن ڪاوڙ مان چيڪ بڪ ڪائونٽر تي وهائي ڪڍيو. پوءِ تڙ تڪڙ ۾ جيڪي ٻه چار ساڙهيون هٿ لڳس ڊهه مان ڇڪي ٻاهي ڪڍيائين.
مولانا کيس ڏسندو به ويو ۽ ڪيش ميمو تي رقم به لکندو ويو. ان وچ ۾ هن چيڪ تي مولانا جو نالو ۽ پنهنجي صحيح ڪري ڇڏي. سيٺ ڪيش ميمو ڪتاب مان ڦاڙي آڏو آڻي رکيس. هن رقم ڏسي چيڪ ۾ داخل ڪئي ۽ چيڪ ڪڍي، ڪائونٽر تي اُڇلي، دڪان مان ٻاهر نڪري ويئي.
ڊرائيور عادت ۽ حڪم مطابق دڪان ۾ هليو ويو.
هن سامهون بيٺل ڪار جو در کولي، اندر ويهندي زور سان در ڦهڪائي ڇڏيو.
ڊرائيور دڪان مان ساڙهيون کڻي ٻاهر آيو ۽ موٽر جي اڳئين سيٽ تي رکي پاڻ پنهنجي سيٽ تي وڃي ويٺو ۽ گاڏي اسٽارٽ ڪري هلڻ لاءِ حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ڪجهه دير تائين جڏهن کيس هلڻ جو حڪم نه مليو تڏهن آئيني مان پوئتي نهاريندي پڇيائين، “ بيبي هلان.”
هوءَ سيٽ جي ٽيڪ سان مٿولڳائي ويٺي هئي. اکيون هڪ جاءِ تي بلور وانگر  بيجان ٿي ويون هئس.
ڊرائيور ٻيهر پڇيو، “ ڪيڏانهن هلان بيبي؟”
هن ڇرڪ ڀري وائڙي ٿي، هيڏانهن هوڏانهن نهاريو.
“ گهر هلان بيبي؟”
“ ها ها، گهر هل، “ هن جواب ڏنو ۽ وري سيٽ جي ٽيڪ سان مٿو لڳائي ڇڏيائين.
ڪار ايلفيءَ جي پيهه مان ٻاهر نڪري ويئي.
 شڪ جو شيطان ڪهڙي ڪنڊ مان من جي مسجد ۾ گهڙي آيو آهي!کين جو خبر پوي مان مٿن شڪ ٿي ڪريان، ته ڪيڏو نه ڏک ٿئين جيڪر! نه نه. مون کي وهم دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. وهم دل مان ڪڍي ڇڏيان؟ها، وهم دل مان ڪڍي ڇڏيان. پر مدد عليءَ کي ڪيئن کانئن ڌار ڪريان؟ مدد علي سنڌي آهي. نج سنڌي زميندار آهي. سنڌين جي برتري ڌارين عورتن تي پيسو خرچ ڪرڻ ۽ کين حاصل ڪرڻ ۾هوندي آهي. بازاري عورتن تان لکين رپيا گهوري ڇڏڻ سنڌ جي تهذيب جو عظيم الشان ثبوت آهي. پر مان ته ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيل اٻوجهه عورت نه آهيان جومڙس جي ڪڌن ڪرتوتن جي خبر ٻڌي خوش ٿيان ۽ ساهڙين کي سندس سرتين جو تعداد ٻڌائي سندس مڙسي جا ڳڻ ڳايان. مان خود دار پڙهيل لکيل عورت آهيان. عورت لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو عذاب ڪونهي جو سندس مڙس ڪنهن ڌاري عورت ڏانهن اک کڻي ڏسي. مان کين ٻي عورت جي ٻانهن ۾ ڏسڻ کان اڳ خودڪشي ڪنديس مون کي آپگهات ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن کين ٻي عورت وٽ ڏٺو مان ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس ته منهنجي هوندي سوندي منهنجو مڙس ڌارين عورتن وٽ آسود گي تلاش ڪندو رهي! مونکي مرڻو پوندو.
هارن جي آواز تي سندس اُڌمن جي اُڇل ڍري ٿي ويئي.
ڪارملير ناڪي وٽان سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي پهرين رستي ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. رستي جي آخري وراڪي وٽ سندن بنگلو هو. سامهون کيس پنهنجو بنگلو نظر آيو.
بنگلي ٻاهران مدد علي جي جيپ بيٺي آهي. اُف مان مدد علي جي وجود کان ڪيتري نه نفرت ڪريان ٿي. وس پڄيم ته جيڪر ڪراچي اچڻ تي بندش وجهائي ڇڏيانس. پنهنجون زمينون نٿو سنڀالي! بس فصل لٿو مڙس موڙي کڻي ڀڳو. ڪراچيءَ ۾ پاڻ بازاري عورتن جي ڪڍ ۽ سندس عورتون هارين نارين جي حوالي. اسان کي ڄڻ خبر ئي ناهي ته عياش زميندارن جي غير موجود گيءَ ۾ سندن ڪوٽن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪلور ٿيندا آهن. مئو مڇو بيشرم. هن ڊرائيور کي موٽر پاسي واري بنگلي وٽ بيهارڻ لاچيو. ڊرائيور ڊاڪٽر شيخ جي بنگلي وٽ موٽر بيهاري ڇڏي. هوءَ موٽر مان لهي آئي. ڊرائيور کي پنهنجي پوئتان اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ڊرائيور سندس ڪڍ هلڻ لڳو.
پنهنجي بنگلي جو لوهي در لنگهي هوءَ گلن جي ٻارن وٽان ٿيندي ڇٻر تي پهتي. مالهيءَ ڦوهارو رکي کيس سلام ڪيو. هن جواب نه ڏنس. ڇٻر اڪري ٽيريس تي پهتي. ٽيريس وٽان کيس اوطاق جو در ۽ ٻه دريون بند نظر آيون. هن جو رت ٽهڪڻ لڳو. مغز جون رڳون ڌنوڻ لڳس، ڀانيائين ته پاڻ روڪي نه سگهندي. اڄ هن پڪ ڪارن روڳڙي آندي آهي اڄ مان سندن شرافت جو راز کولينديس. کين بڇڙو ڪنديس اهڙي تعدي ڪندي مان جو پڙهيل ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جو سڄو مزو ملي ويندون.
ورانڊي ۾ سندن پراڻو نوڪر گلو بيٺو هو جيڪو سندس مڙس جو سڀ کان وفادار نوڪر سمجهيو ويندو هو. گلوءَ کيس ٽيريس تان ورانڊي ڏانهن ايندي ڏٺو. هو ٿٿان پٿان ٿيڻ لڳو. اوطاق ڏانهن ڀڄڻ تي هو جو هن دٻيل دٻيل رڙڪري کيس بيهاريو.
“ بيبي توهين ايترو جلد موٽي آيون آهيو؟” هن ششدر ٿيندي ڳالهايو.
“ پنهنجي گهر ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ به وقت مقرر ڪرڻو پوندو ڇا؟” هن رکائيءَ سان جواب ڏنو “ صاحب ڪٿي آهي؟”
“ اوطاق ۾ ڪجهه ضروري نقشا تيار ڪري رهيا آهن.”
هن جواب ڏٺو، “ مان کين ٻڌايان ٿو ته توهين موٽي آيون آهيون.”
“ ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت ڪونهي.”
“ پر بيبي.”
“ خاموش.”
“ منهنجو عرض ته ٻڌو،” هن وڏي واڪ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ وات بند ڪر گلو.” هن کيس ڇڙٻ ڏني، “ مان ايس. پي دلاور حسين جي ڌيءَ آهيان. کل لاهرائي ڇڏيندي مانءِ.”
هن ڊرائيور کي چيو، “ تون هن ڌوتي کي ڪنڌ کان جهلي ٻاهر وٺي وڃ.”
ڊرائيور حيرت مان حڪم جي پيروي ڪئي. گلوءَ ٻاهرين در وٽان به منهن ورائي کيس هٿ ٻڌا. هن کيس ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو.
هوءَ ورانڊي جي ڀرسان سمهڻ وارن ٻن ڪمرن مان ٿيندي، ڊرائينگ روم ۾ پهتي. ڊرائينگ روم جو هڪ در اوطاق سان لاڳو هو. در اوطاق طرفان بندهو.
هوءَ پٻن تي هلندي در وٽ آئي. هڪ اک بند ڪري هڪ اک سان  در جي طاق ۾ ڪا چير، ڪا سير، ڪا وٿ تلاش ڪرڻ لڳي. ٻنهي طاقن جي ٻيڪڙ وٽ سندس نگاهه هڪوار جيتري وٿ تي ڄمي ويئي.
وٿ مان اوطاق جو جيترو حصو نظر آيس تنهن م کيس ڪوبه شخص ڏسڻ ۾ نه آيو. هن چڱي طرح چتائي ڏٺو. ناڪام رهي. سامهون ڀت وٽ نقشن ٺاهڻ ۽ لکپڙهه ڪرڻ لاءِ وڏي ميز رکي هئي.
ميز تي نقشو وڇايل نه هو. ميز وٽ ڪوبه نه هو.
ميز تي پاڻي ءَ جي اڌ ڀريل جگ، ٻه گلاس، ڪجهه چينيءَ جون پليٽون ۽ مروڙيل سروڙيل سڻڀيون اخبارون ٽڙيون پکڙيون پيون هيون. خالي پليٽن ۾ چوسيل ۽ چٻاڙيل هڏا پيا هئا.
ميز هيٺان هن پنهنجي مڙس جو بوٽ ڏٺو بوٽ جي ڀرسان سليپر جو هڪ پادر اونڌو پيو هو. ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي بلو ٽيٽران جي پتلون پيئي هئي.
منهنجو مغز ڀنواٽيون کائي رهيو آهي. ڊرائينگ روم جي هرڪا شي ڦيريون پائي رهي آهي. دل ڀڙڪندڙ باهه جو کورو ۽ روح ريگستان جي رڃ ۾ آهي. ڪرنگهي مان سور جون سٽون اُڀري رهيون آهن. اندر اوطاق ۾ ضرور ڪا عورت آهي! پر ڪٿي آهي؟ هتان ته نظر نٿي اچي. هتان ڪيئن نظر ايندي. پلنگ اوطاق جي پرئين ڪنڊ ۾ پيو آهي. هن وٿ مان نظر نه ايندو. ڏٺيئه نه چري ڀڳو نه تنهنجو ڀرم. نڪتو نه سچو تنهنجو وهم مرد حوسي جانور آهي ڪتو آهي. ڪميڻو آهي. مرد هڪ عورت سان ڪيئن نيبهه ڪندو! مرد فريبي آهي، دو کيباز ۽ مڪار آهي. مون کي مردن لاءِ نفرت آهي، بيپناهه ڌڪار آهي. عابد چوندو هو ناز خدا ٿو ڄاڻي تون منهنجي زندگي ۾ داخل ٿيل پهرين ۽ آخري عورت آهين. ناز، تو منهنجي ڇڙوڇڙ حياتي کي جائيتو ڪيو آهي، ٻيا مرد شادي کان پو پنهنجين زالن سان پيار نه ڪندا آهن فقط نڪاح جي ظاهري لڄ رکندا آهن- مان ناز توسان محبت ڪندو آهيان، تو کي چاهيندو آهيان، تو کي پيار ڪندو آهيان- بس خاموش ماضي جا پڙاڏا ڪوڙ جي ڌوڙ نه اُڏائين. منهنجن ڪنن تي تاڪيون چڙهنديون ٿيون وڃن. من ۾ مونجهه ۽ اندر ۾ آنڌ مانڌ محسوس ڪري رهي آهيان. هر طرف ٻوسٽ آهي. اوطاق ۾ ضرور ڪارن آهي. بازاري عورت آهي ڪال گرل آهي. اڄ مان عابد کي سڳ سوڌو جهلينديس- رن جي پاسي مان اُٿاري کڙو ڪنديس ڇا ٿو سمجهي مون کي! مان پرهيل ڳڙهيل ۽ حساس آهيان. هن عذاب تي مان طلاق کي ترجيح ڏينديس. منهنجي دل ڇو دفن ٿي رهي آهي؟ مون کي همت ڪرڻ گهرجي. اگهاڙين حقيقتن کي مڃڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. در کُڙڪايان؟ نه نه، ڪهڙو فائدو رن کي اوطاق جي اڳين در مان ڪڍي ڇڏيندو. ڇاڪريان؟ ڇا ڪريان! ڇا ڪريان.
هوءَ ڪتابن جي ڪٻٽ جو تالو لاهي آئي. اوطاق ۽ ڊرائينگ روم جي وچ واري در جو ڪڙو آهستي آهستي بندڪري ڪنبندڙ هٿن سان تالو لڳائي ڇڏيائين. پوءِ تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻندي ڊرائينگ روم مان نڪري سمهڻ وارن ٻن ڪمرن مان ٿيندي ورانڊي ۾ اچي بيٺي.
ورانڊي جي سامهون اوطاق جو ٻاهريون در هو ۽ دريون بند هيون. هوءَ ورانڊي ۾ اچ  وڃ ڪرڻ لڳي هٿن جون تريون مهٽڻ لڳي چپ چٻاڙڻ لڳي مٺيون ڀيڪوڙڻ لڳي. سندس ڳچيءَ جون رڳون اُڀري آيون. اکيون ڏرن ۾ پئجي ويس.
مان به ڏسنديس ته عابد ڪيئن ٿو پنهنجي دل گهريئي دوست ۽ رن کي وٺي اوطاق مان ٻاهر نڪري. سمجهيو هوندائين شاپنگ تي ويئي آهيان دير سان موٽنديس، عيش ڪري وٺون هونهه! رن سوڌو جڏهن اوطاق مان نڪري ندو، تڏهن مون سان اک ملائي سگهندو؟ ڏاڍي اشرافت ڏيکاريندو آهي! ڪوڙو فريبي.مدد علي مڇو جو مريد.
هوءَ ورانڊي ۾ وکون کڻندي رهي. ڪڏهن تڪڙيون، ڪڏهن ڍريون ڪنڌ ڪرنگهي جي سنوت ۾ شيڪجي ويو هوس. هلندي هلندي بيهي رهي. نظرون ورانڊي ۾ رکيل ڪونڊين تي ڄمائي ڇڏيائين. پوءِ هٿ وڌائي سورج مکيءَ جو گل ڇني آڱرين ۾ مهٽي ڇڏيائين.
ان وقت اوطاق جو در کليو. مدد علي مڇون وٽيندو ٻاهر آيو. هو وڃي پنهنجي جيپ ۾ ويٺو ۽ ڪيڏانهن هليو ويو مدد عليءَ جي سليپر جو چيڪاٽ ڪجهه دير تائين ماحول ۾ گونجندو رهيو. وس پڄيم ته جيڪر هن بيحيا کي سنگسار ڪرائي ڇڏيان. ڇا ٿو سمجهي مون کي؟ سمجهي ٿو ته منهنجي مڙس کي بدراهه ڪندو رهندو ۽ مان خاموش رهنديس! هر گز نه. منهنجي اندر ۾ علم آهي، علم نه فقط روشني آهي پر بغاوت جي باهه پڻ آهي. مان گهر جون ڪنگريون ڪيرائي ڇڏينديس ڀتيون ڀوري ڇڏينديس ڇت ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏينديس. مان هن گهر کي اٿينس جو آثار ڪري ڇڏينديس .
گهڙي کن کان پوءِ هن پنهنجي مڙس کي اوطاق مان ٻاهر ايندي ڏٺو.
هو اڪيلو هو. گڏ ڪابه عورت نه هئس. کيس بلو ٽيٽران جي پتلون ۽ اڇي قميص پهريل هئي. قميص جا سڀيئي بٽڻ کليل هئا. ٽاءِ ڪلهي تي رکي هئس.
هوءَ حيرت ۽ اچرج وچان اکيون ڦاڙي ڏانهس ڏسڻ لڳي.
هو کيس اجنبي ڏسڻ ۾ آيو. هميشه وانگر کڙو تڙو ۽ ڦڙت به نه هو. ٿڪل ٿڪل ٿي نظر آيو. سندس وار جيڪي برل ڪريم جي اشتهار واري وانگر چمڪڻا ۽ جائيتا هوندا هئا، وکريل هئا چهرو ڪومايل گلن وانگر ڦلڙو ٿي ويو هوس.
هن مڙس جي ڪومايل چهري تان نظرون هٽائي،آڱرين ۾ مهٽيل سورج مکي ڏانهن ڏٺو. مهٽيل گل تان نگاهون کڻي اوطاق جي کليل در ڏانهن ڏٺائين. اوطاق جي کليل در مان کيس ڪنڊ ۾ رکيل پلنگ نظر آيو.
پلنگ خالي هو.
پلنگ تي وڇايل چادر مروڙيل سروڙيل هئي. هوءَ پنهنجي جاءِ تي آزاديءَ جي مجسمي Statue of libertyوانگر پنڊ پهڻ ٿي ويئي.



No comments:

Post a Comment