Sunday, February 20, 2011

شينهن ۽ ٻڪري - الطاف شيخ


شينهن ۽ ٻڪري
الطاف شيخ 

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ پوڙهي ٻڪري پنهنجي ڌڻ کان جدا ٿي وئي. شام ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ آهستي آهستي رات جي اونداهي ڇائنجي رهي هئي. ٻڪريءَ کي تمام پري هڪ ڏورانهين ڳوٺ ڏي وڃڻو هو پر هاڻ ههڙي اونداهه ۾ هوءَ اڪيلي سر وڃي نٿي سگهي. هن ڪٿي ويجهڙائيءَ ۾ ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
هوءَ ٿورو اڳتي هلي ته هن کي هڪ غار نظر آئي. ٻڪريءَ ان غار ۾ لڪي رات گذارڻ چاهي ٿي. هوءَ ان غار ۾ اندر هلي وئي.


ان غار ۾ هڪ خوفناڪ شينهن پڻ رهيو ٿي. شينهن کي ڏسي ٻڪريءَ جو ته ساهه ئي سڪي ويو. هوءَ نه ته ڀڄي سگهي ٿي ۽ نه وري شينهن سان وڙهي سگهي ٿي. ايتري ۾ هن جي دماغ ۾ هڪ اٽڪل اچي وئي. هن وڏي آڪڙ مان پنهنجو ڪنڌ اڀو ڪري، شينهن جي اکين ۾ اکيون ملائي هن کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳي.
شينهن جو اهو لقاءُ ڏٺو ته هن کي پنهنجين اکين تي يقين ئي نه آيو. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به جانور کي اها همت نه ٿي جو هن جي غار جي ٻاهران به لنگهي سگهي سو اڄ ٻڪريءَ جهڙي جانور رات جي وقت اندر غار ۾ گهڙي اچڻ جي همت ڪيئن ڪئي ۽ سو به وڏي رعب تاب سان. شينهن ڪا دير ته هن ٻڪريءَ کي وائڙن وانگر ڏسندو رهيو. پوءِ چيو:
”تون ڪير آهين ۽ هتي ڪيئن آئي آهين؟“
”آئون ٻڪرين جي راڻي آهيان. مون قسم کاڌو آهي ته هڪ سؤ چيتا، پنجويهه هاٿي ۽ ڏهه شينهن جيئرا چٻاڙي کائينديس. اڃا تائين مون سؤ چيتا۽ پنجويهه هاٿي ته کائي ورتا آهن. هاڻ ڏهه شينهن جي ڳولا ۾ آهيان.“
شينهن اهو ٻڌي ڊڄي ويو. هن سوچيو ته ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ٻڪري واقعي سچ چئي رهي هجي. شينهن ڏڪندي نئڙت مان چيو: ”آئون مرڻ کان اڳ درياهه ۾ وهنجڻ چاهيان ٿو.“
ٻڪريءَ وڏي رعب سان هن کي موڪل ڏيندي چيو: ”چڱو وڃ. جلدي وهنجي صاف سٿرو ٿي اچ.“ اهو ٻڌڻ سان شينهن گوليءَ وانگر غار مان ٻاهر نڪري ويو. رستي تي هن کي گدڙ مليو. گدڙ شينهن جا هي حال ڏسي پڇيس: ”اي جهنگل جا راجا، تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
شينهن وراڻيس؛ ”اڄ رات غار ۾ هڪ اهڙو جانور اچي نڪتو آهي جيڪو لڳي ته ٻڪريءَ جهڙو ٿو پر هو شينهن کي به کايو وڃي. آئون هن کان جان بچائي ڀڳو آهيان.“
ڏاهو گدڙ شنيهن  جي ڳالهه مان صحيح صورت جو اندازو لڳائي ورتو ۽ کلندي شينهن کي چيو: ”اي جهنگل جا بادشاهه توهان سان نسوروئي دوکو ٿيو آهي. آئون سمجهي ويو آهيان ته توکي بيوقوف بنايو ويو آهي. هاڻ هل ته واپس هلون ۽ شاندار دعوت جو مزو ماڻيون.“
غار ۾ پهچڻ تي ٻڪريءَ جهڙو ئي شينهن ۽ گدڙ کي ايندو ڏٺو ته هوءَ گهٻرائجي وئي ته هاڻ هن جو خير ناهي ۽ سندس اٽڪل جا پول پڌرا ٿي ويا آهن. پر ان هوندي به ٻڪريءَ همت نه هاري. هن ڪاوڙ واري منهن سان گدڙ کي سخت نفرت مان گهوري ڪڙڪ آواز ۾چيو: ”اي نادان گدڙ، مون توکي ڏهه شينهن آڻڻ لا چيو هو ۽ تو فقط هڪ ئي آندو آهي. آئون توکي ان نافرماني جي تمام وڏي سزا ڏيندس.“
اهو ٻڌي شينهن کي اهو خيال آيو ته گدِڙ هن سان دوکو ڪيو آهي ۽ گدڙ هن جو همدرد هجڻ بدران هن ٻڪريءَ سان مليل آهي. اهو سوچي شينهن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هڪ ئي ڇلانگ ۾ گدڙ جا ٻه ٽڪر ڪري ورتا ۽ پوءِ اهڙو وٺي ڀڳو جو پٺيان مڙي به نه ڏٺائين.
شينهن جي ٽرڻ کان پوءِ ٻڪريءَ آرام سان غار ۾ سمهي ننڊ ڪئي. هن جي دليري ۽ همت سندس جان بچائي ورتي نه ته ان رات هوءَ شينهن جي پيٽ ۾ هجي ها. شينهن ويچارو پنهنجي بيوقوفيءَ ۽ ڊڄڻپڻي ڪري سڄي رات جهنگل ۾ ڀٽڪندو رهيو.



No comments:

Post a Comment