Thursday, February 17, 2011

سياح، گائيڊ ۽ ٽرانزسٽر- امر جليل




امر جليل

غير ملڪي سياح جي اکين ۾ اچرج تري آيو. هن منهن ورائي هر طرف ڏسڻ کان پوءِ مون کان پڇيو، “ گائيڊ.”
“ يس سر.”
“ توهان جي ملڪ جو هيءُ ڪهڙو حصو آهي؟”
“ هيءُ اسان جي ملڪ جو سرسبز، آباد ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ علائقو آهي.” کيس ٻڌايو، “ هتان جا ماڻهو مهمان نواز ۽ سٻاجها آهن.”
سياح جي منهن تي اچرج جا آثار ظاهر ٿيا. هن چيو، “ تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مهمان نواز ۽ سٻاجهيون قومون هڪ ٻن صدين کان وڌيڪ پنهنجي وجود کي برقرار رکي نه سگهنديون آهن.”
“ ڇو؟” مون کانئس پڇيو.

 
“ ڇو جو سٻاجهين ۽ مهمان نواز قومن وٽ اهڙا شاهينگ مهمان به اچي نازل ٿيندا آهن جيڪي سندن ونين ۽ ٻنين جا مالڪ ٿي ويهندا آهن.” سياح وراڻيو. “ڪمال آهي، هتان جا ماڻهو گذريل سٺ صدين کان هن ڌرتيءَ تي موجود آهن!”
“ هتان جا ماڻهو سخت امن پسند به آهن. ڄورون پالڻ سندن عادت آهي” ادب سان وراڻيم، “ هن علائقي ۾ ٻڪري شينهن جي ساهيڙي ۽ شينهن ڌوٻيءَ جي گڏهه جو دوست  هوندو آهي.”
هڪ هنڌ سڙيل ڳريل مريضن جو ميڙ ڏسي سياح بيهي رهيو.
 اسپتال جي لوهي در وٽ هڪ ڏنڊو مشٽنڊو چوڪيدار ڪاٺ جي اسٽول تي ويٺو هو ۽ نسوار جي دٻليءَ تي لڳل ٽڪ ۾ پنهنجو عڪس ڏسي، مُڇن کي مروٽي رهيو هو. جنهن مريض سندس تريءَ تي چار آنارکيا ٿي، تنهن کي لوهي در جي وٿ مان اسپتال ۾ اندر وڃڻ ٿي ڏنائين.
ماڻهن جو اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم ڏسي سياح ڏاڍو  خوش ٿيو. کيس ٻڌايم، “ هن علائقي جي ماڻهن کي الله سائين صبر جي توفيق عطا ڪئي آهي.”
پڇيائين، “ هي سڀ هتي ڳاهٽ ڇو ٿيا آهن؟”
وراڻيم، “هي اسان جي علائقي جي مشهور سئنيما -  سول سئنيما آهي، جتي سالن کان فلم. ڊاڪٽر ۽ نرس هلي رهي آهي ۽ جنهن جو هر شو هائوس فل ويندو آهي.”
سياح ڏاڍو متاثر ٿيو. وڌي وڃي هڪ هڪ ماڻهوءَ جي منهن ۾ ڏٺائين. موٽي آيو. چهري تي اچرج جاآثار هئس.
“ هتان جي ماڻهن کي اکيون آهن، پر ڏسي نٿا سگهن. زبان اٿن، پر ڳالهائي نٿا سگهن دماغ اٿن، پر سوچي نٿا سگهن”
سياح پڇيو، “ توهان جي ملڪ جو هيءُ ڪهڙو علائقو آهي؟ هن علائقي جو نالو ڇاهي؟”
وراڻيو، “ هن علائقي جو نالو مان پنهنجي زبان تي آڻي  نٿو سگهان.”
“ ڇو؟”
“ ڇو جو مان مجبور آهيان.”
سياح پڇيو، “ تون ڪير آهين؟”
“ مان گائيڊ آهيان، ۽ غير ملڪي سياحن کي پنهنجي ملڪ جو سير ڪيرائيندو آهيان.”
“ سا ته مون کي خبر آهي ته تون گائيڊ آهين.” سياح پڇيو، “ پر تنهنجو نالو ڇاهي؟”
وراڻيم، “ منهنجو نالو ٽرانزسٽر آهي، ۽ مان پگهار جي بيٽري سيل تي هلندو آهيان.”
پوءِ مون سياح کي ملڪ جي رهيل حصي جو به سير ڪرايو.

No comments:

Post a Comment