Thursday, February 17, 2011

پڙلاءُ -امر جليل


پڙلاءُ
امر جليل
        هال خالي ٿي ويو. هال جون بتيون وسامي ويون ۽ در بند ٿي ويا. اسٽيج مئنيجر ڪجهه ضروري ۽ قيمتي سامان کڻائي ۽ اسٽيج تي آخري نگاهه وجهي، هليو ويو. اسٽيج - مئنيجر جي وڃڻ کانپوءِ، نه هال ۾ ۽ نه اسٽيج تي ڪو پاڇو رهيو ۽ نه ڪنهن آواز جو پڙلاءُ ٿيو. اڳ جتي زندگيءَ جي زهريلي وجود جو نقل ڪيو ويو هو، اُتي خاموشي هئي. آواز ڀتين سان مٿو هڻي ماٺ ٿي ويا هئا. زندگي موڪلائي ويئي هئي.
        ٿياسافيڪل هال جو ڪراڙو چوڪيدار، هال جا در بند ڪري، اسٽيج جا چار ڏاڪا چڙهي، پردو هٽائي اونداهي اسٽيج تي داخل ٿيو. گهگهه اوندهه ۾ هن ٽارچ بتي ٻاري اسٽيج جو جائزو ورتو. اسٽيج تي جهوپڙيءَ جو سيٽ لڳل هو. ٽارچ بتيءَ جا سڌا ڪرڻا دائرو ٺاهي، جهوپڙيءَ ۽ جهوپڙيءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل سامان جو جائزو وٺي، اسٽيج کان ٻاهر نڪري ويا.

 
        چوڪيدار ٽارچ جي روشنيءَ ۾ سامان کان بچندو، ڪاٺ جي اسٽيج تي پنهنجي لوڙهه سان آواز ڪندو، وِنگ مان نڪري، ميڪ اپ روم وٽ آيو. ميڪ اپ روم جو در کليل هو. هن ٽارچ جي روشني ميڪ اپ روم ۾ وڌي. ميڪ اپ روم جي پرينءَ ڪنڊ ۾ هڪ شخص آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. سندس پير سامهون رکيل پلاسٽڪ جي واڻيل ڪرسيءَ تي رکيا هئا. هن جون اکيون بند هيون. ڪنڌ جهڪيل هوس. کاڏي سيني سان لڳي رهي هيس. کيس معمولي قسم جا خاڪي ڪپڙا پيا هئا. پيرن ۾ سادو چمپل هوس، جيڪو هن لاٿو نه هو ۽ چمپل سوڌو پير ڪرسيءَ تي رکي ويٺو هو. چوڪيدار جي ٽارچ جا ڪرڻا جڏهن سندس منهن تي پيا، ته هن منهن مٿي ڪري، اکيون کولي، روشنيءَ ڏانهن نهاريو. سندس منهن تي جهريون هيون. اکيون وڏيون، غمناڪ ۽ ذهين هيس. سندس پيشاني ويڪري هئي ۽ اڇا -  ڪارا وار اچي پيانيءَ تي پيا هئس. سندس رنگ ڪڻڪ رنگو هو، ۽ جيتوڻيڪ ويٺو هو، پر تڏهن به قد - بت جو ڀريل ۽ طاقتور نظر اچي رهيو هو. سندس عمر پنجاهه - پنجونجاهه جي لڳ ڀڳ هئي.
        “ساجن بابو!”
        چوڪيدار جو آواز ٻڌي، ساجن ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ڪليءَ تان ڪوٽ لاهي، ڪلهي تي رکي، ميڪ اپ روم جي وڏي آئيني جي سامهون اچي بيٺو. اوندهه ۾ سندس اڻچٽو عڪس هن وانگر ئي مبهم ۽ گم سم هو.
        “سڀ وڃي چڪا آهن، ساجن بابو.”
        هن منهن ورائي ڪراڙي چوڪيدار ڏانهن ڏٺو. پوءِ ٿڪل ٻرانگهن سان ميڪ اپ روم مان نڪري، پنهنجي ساءِ ورجايائين. سڀ وڃي چڪا آهن. پوءِ در وٽ چوڪيدار جي ڪلهي تي هٿ رکندي، ڳوري آواز ۾ چيائين: “اسان به هليا وينداسين، لالا.”
        چوڪيدار ميڪ اپ روم جو در بند ڪري ڇڏيو. ساجن هٿ وڌائي فٽ لائيٽ جون بتيون ٻاري ڇڏيون ۽ اوچتو، سمورو اسٽيج روشن ٿي ويو. هو آهستي آهستي هلندو، وِنگ مان نڪري، اسٽيج تي تيز روشنين جي سامهون اچي بيٺو.
        چوڪيدار وِنگ مان ڏانهنس ڏسي رهيو هو.هن ڳوري ۽ ٿڪل آواز ۾ چوڪيدار  کي چيو: “پردو هٽائي ڇڏ، لالا.”
        چوڪيدار سئيچ - بورڊ وٽ پردي جي پليءَ کي ڦيرائي، اسٽيج جي آڏو پردو هٽائي ڇڏيو. ساجن ٻه - چار وکون کڻي، فٽ- لائيٽ جي عين مٿان وڃي بيٺو. پنهنجيءَ جاءِ تي ڄمي ويو. نگاهون هال جي وچين سيٽن تي کپائي ڇڏيائين. پوءِ ائين ئي، ڪيتريءَ دير تائين، هو پنهنجي جاءِ تي بيٺل رهيو- ڄڻ پٿر جو بت هو.
        “لالا.” ساجن اسٽيج تان ڳالهايو، پر منهن ورائي لالي ڏانهن نه ڏٺائين.
        لالو ونگ وٽ اچي بيهي رهيو.
        “اڄ هيرو کي زبردست اوويشن (Ovation) ملي هئي نه، لالا.”
        “ها، ساجن بابو.”
        ““ لالا.” هن اوچتو ڦيرو کاڌو. اکين ۾ غير معمولي ظهور هيس. آواز وڏو، گرجدار ۽ ڳورو ٿي ويس. چيائين: ““ ياد اٿئي، لالا، اڄ کان پنجويهه-ٽيهه سال اڳ جڏهن مان اسٽيج تي ايندو هوس، تڏهن اوويشن جو ڇا حال هوندو هو!”
        “هال تاڙين جي آواز سان ڦاٽڻ لڳندو هو.” چوڪيدار جي ڪراڙين اکين ۾ ماضيءَ جا پاڇا موٽڻ لڳا: “تڏهن، ساجن بابو، ماڻهو توهان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيچين رهندا هئا. ٻه - ٻه ڪلاڪ اڳ اچي اسٽيج جي پويان اوهان کي ڏسندا هئا. توهان سان هٿ ملائي، فخر محسوس ڪندا هئا.”
        “پر ڇا مليو؟ هڪ گهڙيءَ جي خوشي! هڪ لمحي جي خوشي! جر جو ڦوٽو .... لهر جو لوڏو.....” ساجن خالي سيٽن ڏانهن ڏسندي چيو: “پر تڏهن به، لالا، مان جڏهن به ماضيءَ ڏانهن نهاريندو آهيان، جڏهن به گذريل وقت کي ورجائيندو آهيان، تڏهن دل جي اوندهه ۾ روشنيءَ جو ڪو ڀٽڪيل ڪرڻو ڀلجي ايندو آهي ۽ موٽي ويندو آهي.”
        “هن اسٽيج تي مون هزارين ڊراما ڏٺا آهن، ساجن بابو.” چوڪيدار چيو: “پر جيڪو لطف پنجويهه - ٽيهه سال اڳ ايندو هو، اهو هينئر نه رهيو آهي.”
        “ڌرتيءَ جي اسٽيج تي اڄڪلهه هڪ هيبتناڪ ڊرامو هلي رهيو آهي، لالا.” ساجن وِنگ ڏانهن ڏسندي چيو: “موت، ظلم ۽ عذاب جو ڊرامو! فن ڪٿي آهي؟ فنڪار ڪٿي آهن؟ اڄ جو فن لاڪب ۾ آهي، جيل ۾ آهي، جنگ جي ميدان ۾ آهي.”
        ساجن جو آواز خالي هال ۾ گونجندو رهيو. ساجن پنهنجو اوپرو آواز ٻڌندو رهيو.
        “ساجن بابو.”
        “جي.”
        “مون کي اوهان جو اُهو ڊرامو به ياد آهي، جنهن ۾ توهان اسٽيج تي روئي پيا هئا.”
        “ها، لالا، مون کي به ياد آهي.” ساجن جو آواز ڀرجي ويو. “ان کان پوءِ مان ميڪ اپ روم ۾ اچي رنو هوس. ايترو رنو هوس، جو اڄ تائين ٻيهر روئي نه سگهيو آهيان.”
        خاموشي ڇانئجي ويئي.
        “لالا.”
        “جي.”
        “فٽ- لائيٽ جون بتيون وسائي ڇڏ، لالا.”
        لالي فٽ- لائيٽ جون بتيون وسائي ڇڏيون ۽ سمورو هال تاريڪيءَ ۽ خاموشيءِ ۾ گم ٿي ويو. اوندهه زمان ۽ مڪان جي احساس کي مٽائي ڇڏيو.
        سمورو هال تاڙين جي ڦهڪي سان لڏڻ لڳو. سوين هزارين آواز ۽ سوين آوازن جا پڙاڏا، سمنڊ وانگر بي انت، هوا وانگر اڻڏٺا پر چٽا، شعور جي وهڪري سان وهندا ويا. ساجن! ساجن! ساجن، توهان سان ڪا ڇوڪري ملڻ چاهي ٿي، چوي ٿي، توهان ۾ ڪم اٿس. نه نه. ساجن ڪنهن سان نه ملندو. تاڙيون! تاڙيون! ساڳي ڇوڪري ساجن سان ملڻ چاهي ٿي، چوي ٿي، کيس ساجن ۾ ضروري ڪم آهي ۽ سندس نالو الماس آهي. الماس! الماس. ها، ها. مان کيس ملندس. هيئن ڪر، الماس کي اسٽيج جي پويان، مئنيجر جي آفيس ۾ وٺي اچ. تاڙيون! تاڙيون! مهرباني، مهرباني، ڪيئن، ڊرامو پسند آيئه، الماس؟ ڊرامو توکي پسند آيو، ان کان وڌيڪ چئه. مون کي چاهين ٿو نه عزيز؟ ها الماس، منهنجي تقدير، منهنجو نصيب، منهنجي ڪاميابي تون آهين الماس، تون آهين. ته پوءِ اڄ توکي فيصلو ڪرڻو پوندو ته تون عزيز ٿي رهڻ چاهين ٿو، يا ساجن. الماس! ها عزيز. اڄ مون سان بابا، چاچا، اما ۽ اسان جي خاندان جا ڪيترائي ڀاتي ڊرامو ڏسڻ آيا آهن. بابا صفا چيو آهي ته جيستائين تون ڊراما لکندين ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندين، تيستائين تنهنجي ۽ منهنجي شادي ٿي نه سگهندي. الماس! مان مجبور آهيان. عزيز توکي اڄ ئي فيصلو ڪرڻو پوندو ته تون اڄ کان فقط عزيز ٿي رهندين، ساجن نه. اِن جو اعلان هينئر ئي ڪرڻو پوندو، اسٽيج تان، منهنجي خاندان جي ڀاتين آڏو. تون خاموش ڇو آهين، مون کي نٿو چاهين. مون سان محبت نه اٿئي. مان غريب آهيان الماس، ۽ تنهنجو خانبهادر پيءُ توکي مون کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿو. ائين ناهي، عزيز، ائين ناهي. تون هينئر ئي، جڏهن آئيڊنس آڏو پيش ٿيندين، چئي ڇڏ، ته تون ڊرامن ۾ ڪم نه ڪندين، اسٽيج کان دور رهندين، ۽ پوءِ ڏس، ته تنهنجي ۽ منهنجي جدائي فقط ڪجهه ڏينهن جي وڃي رهندي ۽ ان کانپوءِ، مان کهنبي وڳي ۾، هميشه لاءِ تنهنجي گهر هلي اينديس. جواب ڏي ساجن، تون خاموش ڇو آهين؟ ڇا، تون منهنجي لاءِ فقط عزيز نه رهندين، عزيز، جيڪو تنهنجو پنهنجو اصلي نالو آهي. جواب ڏي خاموش ڇو آهين.
        مان ساجن آهيان، مان ساجن ٿي زندگي گذاريندس ۽ ساجن ٿي مرندس. عزيز منهنجو ظاهر هو، ڪوڙ هو، ڏيک هو. ساجن سچ آهي، منهنجو باطن آهي، حقيقت آهي، مان ساجن رهندس. اسٽيج منهنجي زندگيءَ جو ازلي حصو آهي. الماس! تنهنجو پيءُ ڊرامو ڏسي تاڙيون وڄائي سگهي ٿو، پنهنجو نالو ڪڍڻ لاءِ انعام آڇي سگهي ٿو، ٽرافي رکي سگهي ٿو، پر کيس اسٽيج کان نفرت آهي. خبر اٿئي ڇو؟ ڇو جو تنهنجي پيءُ جي سيني ۾ نمرود جو آتشڪدو آهي. هو فن جو دشمن آهي. هلي وڃ الماس. هلي وڃ. مان تنهنجي جدائيءَ جو غم سهي ويندس. مان تنهنجو غم کڻي اسٽيج تي ايندو رهندس - الماس، مان تنهنجو آهيان، مان توکان سواءِ ڪنهن جو ٿي نه سگهندس.
        مون کي ڇڏي ڏيو.مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو. بند ڪريو ميڪ اپ روم جو در. مون کي اڪيلائي گهرجي. ساجن. ساجن. ماڻهو توکي ڏسڻ چاهين ٿا. سڀ تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. چئي ڇڏيون ته هو هليا وڃن. مان تماشو ناهيان جو مون کي ڏسن. مان “زو” جو باندر ناهيان، جو مون کي ڏسن ۽ ڪير ٿا ڏسڻ چاهين؟ اهي سيٺيون، جيڪي ٽڪيٽ خريد ڪري اسان تي احسان ڪن ٿا! اسان کي ڏند کوٽڻ جي تيلي سمجهن ٿا! سئيٽ ڊش سمجهن ٿا! چئون ته هليا وڃن. مون کي اڪيلائي گهرجي. اڪيلائي. ماٺ، خاموشي، پولار جي خاموشي.
        “مان ميڪ اپ روم جو در بند ڪري ايترو رنو هوس لالا، جو اڄ تائين ٻيهر روئي نه سگهيو آهيان.”
        ساجن ڪوٽ ڪلهي تي رکي، ونگ مان نڪري ورانڊو لتاڙي، ٿياسافيڪل هال جي پڌر ۾ پهتو، اُتان منهن ورائي هن لالي کي چيو: “در بند ڪري ڇڏ، لالا.”
        ساجن ٿياسافيڪل هال مان نڪري، بندر روڊ جي فٽ پاٿ تي اچي بيٺو. ٽرئفڪ جهڪي ٿي ويئي هئي. تاج محل سئنيما جو پويون شو ڪڏهانڪو ختم ٿي ويو هو. سئنيما جا پيداگير ۽ مڪراني سئنيما جي ڏاڪڻين تي الوٽ پيا هئا. رات جو ڳچ حصو گذري ويو هو.
        ساجن تاج مهل سئنيما ۽ ٿياسافيڪل هال جي وچ ۾ فٽ پاٿ تي بيٺل پپر جي گهاٽي وڻ هيٺان اچي بيٺو. جتي هو بيٺو هو، اُتي ٽيوب - لائيٽ جي روشني، پهچڻ کان اڳ، پنن ۽ ٽارين سان وچڙي ختم ٿي پيئي ويئي. ڪڏهن ڪو هوا جو جهوٽو پنن کي لوڏي ٿي ويو، تڏهن روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا ساجن تائين پهچي گم ٿي پي ويا. هر دفعي جڏهن ائين ٿيو پئي، هن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو پئي. پپر جو وڻ قديم هو. پنجويهه - ٽيهه سال اڳ جڏهن هو پهريون دفعو ڏڪندو ڪنبندو، هڪ ڊرامي جي ريهرسل ڪرڻ لاءِ ٿياسافيڪل هال ۾ داخل ٿيو هو، تڏهن به ساڳيو پپر جو وڻ پنهنجي جاءِ تي موجود هو. اُن وقت ايڏو گهاٽو نه هو. گذريل پنجويهن - ٽيهن سالن ۾ پپر گهاٽو نه هو. پپر جڏهن وڌندو نه آهي، تڏهن سندس ٽارين مان پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن حالتون  هڪ ذهين شخص کي زندگيءَ ۾ وڌڻ نه ڏينديون آهن، تڏهن ان شخص جي وجود مان ڪروڌ ۽ نفرت جون پاڙون ڦٽي نڪرنديون آهن، جيڪي محسوس ته ٿينديون آهن، پر ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن.
        ساجن. ساجن.
        ڪير آهي؟مون کي ڪير سڏي رهيو آهي؟ هي ڪنهن جو آواز آهي؟ ساجن. ساجن. تون پنهنجو آواز به سڃاڻي نٿو سگهين. هي تنهنجو پنهنجو آواز آهي ساجن. تنهنجو آواز تنهنجن ئي ڪنن لاءِ اوپرو ٿي ويو آهي! ساجن! ڇا مليو اٿئي اسٽيج تان. ڇا مليو اٿئي ڊرامن مان. جواب ڏي ساجن، ڇا مليو اٿئي اسٽيج تان. اوجاڳا؟ اڪيلائي؟ روح جا زخم؟ غمن جي ڪائنات؟ ڇا مليو اٿئي ساجن، ڇا مليو اٿئي؟ خاموش. مون کي پريشان نه ڪريو. مان نه فقط ساجن آهيان، پر عزيز به آهيان، عزيز، جنهن کان مون کي نفرت آهي، پر تڏهن به مان کيس پنهنجي وجود کان ڌار ڪري نه سگهيو آهيان. عزيز اڪائونٽس آفيسر آهي، جنهن کي صبح کان شام تائين ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪرڻو پوندو آهي. مون کي کانئس نفرت آهي. مان ساجن، عزيز کان نفرت ڪندو آهيان. پر نه. عزيز مون لاءِ روزي ڪمائيندو آهي. صبح کان شام تائين ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪري مون کي ماني کارائيندو آهي. عزيز ساجن جو پيٽ پاليندو آهي. بيوقوف، عزيز تنهنجو پيٽ پاليندو آهي. ها، ها، ها. پر مون کي عزيز کان نفرت آهي. نفرت! تو عزيز کان سندس محبت ڦري ورتي هئي. تو کيس الماس جو ٿيڻ نه ڏنو هو، تو مٿس ظلم ڪيو هو، پر تڏهن به عزيز توکان خفي نه ٿيو آهي، توکان ناراض نه ٿيو آهي. ۽ تون، جيڪو ساجن آهين، عزيز کي ڌڪارين ٿو! جيڪڏهن تون فقط ساجن هجين ها ته هوند اڄ بک مرين ها، بي گهر هجين ها، ٻين جو محتاج هجين ها. هت فنڪار جي نصيب ۾ گمنامي، بيروزگاري ۽ بک لکيل آهي. ڪئپيٽل سئنيما واري گهٽيءَ ۾ منروا موويٽون جو راجا ڏٺو اٿئي! هن کي چتائي ڏٺو اٿئي! سندس اکين ۾ مايوسيءَ ۽ برباديءَ جا کنڊر ڏٺا اٿئي! وڃ، ساجن وڃ. عزيز کي آرام ڪرڻ ڏي. صبح جو عزيز کي ٻه واڌو ٻه برابر چار ڪرڻو آهي. تنهنجي لاءِ کيس روزي ڪمائڻي آهي. وڃ ساجن وڃ.
        “ڊائريڪٽر-ليکڪ ساجن صاحب آهي؟”
        هڪ عورت، جنهن کي کير جهڙا اڇا ڪپڙا پاتل هئا ۽ جنهن جا وار به برف جهڙا اڇا هئا. ٿياسافيڪل هال جي در ٻاهران بيٺي هئي. فٽ پاٿ وٽ وڏي، چمڪندڙ ۽ اڇي رنگ جي بيوڪ ڪار بيٺي هئي. عورت ٿياسافيڪل هال جي چوڪيدار سان ڳالهائي رهي هئي.
        “مون کي ڊرامي جي ڊائريڪٽر، ساجن صاحب سان ملڻو آهي.”
        “هو هليو ويو.”
        “هليو ويو‍!”
        “ها. ٿوري دير اڳ هليو ويو.”
        عورت در وٽان هٽي ويئي. ڪار ڏانهن ويندي پنهنجي ساءِ چيائين: “مان جڏهن به کيس ڏسڻ آئي آهيان، هو ٿوري دير اڳ هليو ويندو آهي.”
        عورت هلي ويئي.
        ان وقت ساجن وڻ جي پاڇي مان نڪري ٽيوب - لائيٽ هيٺان اچي بيٺو.!
        “ساجن بابو! توهان اڃا گهر نه ويا آهيو.”
        “مان ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، لالا.”
        “الماس سلڪ ملز جي مالڪڻ اوهان کي ڏسڻ آئي آهي.” چوڪيدار لوهي در کولي ٻاهر فٽ پاٿ تي نڪري آيو. چيائين: “هوءَ اڳ به ڪيترائي دفعا توهان جي ڊرامن کانپوءِ توهان کي ڏسڻ آئي آهي. پر هر دفعي سندس اچڻ کان اڳ توهان هليا ويندا آهيو.”
        “مون کي خبر آهي لالا، مون کي خبر آهي.”
        ساجن ڪوٽ ڪلهي تي رکي، ڪنڌ جهڪائي ٿڪل ٿڪل قدمن سان بندر روڊ جي ٻئي پار هليو ويو.

No comments:

Post a Comment