Sunday, February 20, 2011

شهزادي سورج مکي - الطاف شيخ

شهزادي سورج مکي
الطاف شيخ 

هڪ بادشاهه جي ڌيءَ نهايت خوبصورت هئي. جڏهن هوءَ وڏي ٿي ته اوسي پاسي جي ڪيترن .ئي شهزادن هن لاءِ شاديءَ جو نياپو ڪيو پر شهزاديءَ ڪنهن کي به پسند نه ڪيو. ماءُ پيءَ تمام گهڻو سمجهايو پر شهزاديءَ هن جي ڳالهه نه مڃي. هن جو اهوئي ضد هو ته شادي ڪنديس ته سج سان ڪنديس. ٻئي ڪنهن سان هرگز نه.
آخر هڪ ڏينهن بادشاهه بيزار ٿي چيو: ”وڃ، وڃي سج سان شادي ڪر. هاڻ مون کي ڪڏهن به پنهنجي شڪل نه ڏيکارجانءِ.“ اهو چئي شهزاديءَ کي پنهنجي محلات مان ڪڍي ڇڏي.


شهزادي سج جي ڳولا ۾ نڪري پيئي. هوءَ اوڀر ۾ جبلن ڏي وئي. پوءِ جنگلن، بيابانن مان ٿيندي هڪ اهڙي جبل تي پهتي جنهن جي مٿان سج جو محلات هو. هوءَ محلات اندر گهڙي وئي. اتي هن کي سج جي پوڙهي ماءُ ملي.
”اي ڇوڪري، توکي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“ پوڙهي عورت پڇيو.
آئون سج کي ڳولي رهي آهيان. مون کي سج سان شادي ڪرڻي آهي. ”شهزاديءَ چيو.
”سج منهنجو پٽ آهي، آئون توکي هن جي ڪنوار بنائيندس. پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ. هن جي اکين ۾ اکيون وجهي هرگز نه ڏسجانءِ.“ پوڙهي عورت شهزاديءَ کي ٻڌايو.
شهزاديءَ واعدو ڪيو ۽ چڱي عرصي تائين پنهنجي واعدي تي قائم رهي. پر هن کي اها آنڌ مانڌ هئي ته هوءَ پنهنجي مڙس جي اکين سان اکيون ڇونه ملائي؟ آخر هڪ ڏينهن پوڙهي عورت کان هن پڇيو: ”تو مون کي سج ڏي منهن ڪري ڏسڻ کان ڇو جهليو آهي.“
”پٽ، آئون تنهنجي بيچيني سمجهان ٿي. تون هن کي جيڪڏهن ڏسڻ به چاهين ٿي ته هڪ گلاس پاڻيءَ جو پنهنجي مڙس جي سامهون رک ۽ ان پاڻيءَ ۾ هن جو اولڙو ڏسي وٺ. پر اهو ياد رکجانءِ، سج جي اولڙي کي جي گهڻي دير ڏسندينءَ ته توکي نقصان رسڻ جو خطرو آهي.“
ان شام جو جڏهن سج موٽيو ته شهزاديءَ پاڻيءَ جو گلاس هن جي سامهون رکيو ۽ هن جي منهن جو اولڙو ڏسڻ لڳي. هي اولڙو ايترو ته خوبصورت هو جو شهزاديءَ کان سج جي ماءُ جي نصيحت وسري وئي ۽ دير تائين هن کي ڏسندي رهي. ان تي سج کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن چيو:
”جيڪڏهن تون منهنجو چوڻ نٿي مڃين ته منهنجي محلات مان هڪدم هلي وڃ.“ ۽ هن شهزاديءَ کي هٿ کان جهلي پنهنجي محلات کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
شهزادي روئندي رڙندي جبل جي قدمن ۾لهي وئي. جڏهن هوءَ ماٿريءَ ۾ پهتي ته سج چمڪڻ لڳو ۽ سج جي روشنيءَ هن کي هڪ خوبصورت سورج مکيءَ جو گل بڻائي ڇڏيو. هاڻ هي گل هميشه ان طرف منهن رکي ٿو، جنهن طرف سج آهي. ان ڪري هن گل کي سورج مکي سڏين ٿا.



No comments:

Post a Comment