Sunday, February 20, 2011

آئون مرڻ چاهيان ٿو - الطاف شيخ

آئون مرڻ چاهيان ٿو
الطاف شيخ 

”هيڏانهن! او ڇوڪر! تون هن شهر ۾ رهين ٿو.“ اجنبيءَ پڇيو.
”هائو. ۽ تون ڪير آهين ۽ ڇا ٿو چاهين؟“ ڇوڪريءَ پڇيو.
”منهنجو نالو ڪارلو آهي. آئون بار سلونا (اسپين) کان آيو آهيان.“ اجنبي وراڻيو.
”بار سلونا؟ اهو ته تمام پري آهي. تمام پري.“


”ها. بلڪل صحيح ٿو چوين. آئون هڪ همراهه جي ڳولا ۾ هتي آيو آهيان. هو جهور پوڙهو آهي.“ ڪارلو چيو.
”هن ڳوٺ ۾ ته ڪيترائي پوڙها آهن.“ ڇوڪري چيو.
”هي پوڙهو سڀني کان وڌيڪ پوڙهو آهي. ماڻهو ٻڌائين ٿا ته هي هرگز نٿو مري. هو مري نٿو سگهي....“
”اها ڳالهه ڪر. هاڻ هن کي مون سڃاتو. هو هن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي رهي ٿو. هو سامهون هڪ ننڍڙو گهر ڏسين پيو؟ هائو.... اهوئي. ڏس. هڪ مائي ان گهر ۾ گهڙي رهي آهي.
”اها ڪير آهي؟“ ڪارلو پڇيو.
”اها هن ڳوٺ ۾ ئي رهي ٿي. هوءَ ان پوڙهي لاءِ روزانو ماني کڻي ويندي آهي. هو تمام گهڻو پوڙهو ۽ بيمار آهي. هن جي ڪابه زال، ٻار يا دوست نه آهن. اهي سڀ ڪڏهوڪو مري ويا. سڀ جا سڀ هاڻ ڪير نه رهيو آهي.“ ڳوٺ جي ڇوڪر ٻڌايو.
”مون کي هن وٽ ضرور وڃڻ کپي.“ ڪارلو چيو.
”نه. بهتر آهي ته هن وٽ نه وڃ، اجنبي!“ ڇوڪر ڇيو.
ڪارلو پٺيان مڙي ڇوڪر کي ڏٺو.
”ڇو ڀلا؟“
”ان لاءِ جو هي پوڙهو ماڻهو اسان وانگر ناهي. هو نه ته اسان وانگر ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه هن کي اسان جي ٻولي سمجهه ۾ اچي ٿي. هو اسان کي هر وقت ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اسان کي سندس اکر به سمجهه ۾ نٿو اچي. هو اها ساڳي ڳالهه ذري ذري ورجائيندو رهي ٿو.“
”مون کي هن سان ضرور ملڻ کپي، نوجوان ڇوڪرا.“ ڪارلو پڪي ارادي سان چيو.
ڪارلو ان ٽڪريءَ ڏي روانو ٿي ويو جتي هن پوڙهي ماڻهوءَ جو گهر هو. هن وٽ پهچڻ تي هن ڏٺو ته ان جو اڳيون در کليل هو سو هي اندر گهڙي ويو. اندر گهڙڻ سان سامهون کيس هڪ ماڻهو نظر آيو. هي بيحد پوڙهو، ڏٻرو ۽ بيمار نظر اچي رهيو هو.
”آئون توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو،“ ڪارلو چيس، ”آئون اندر اچي سگهان ٿو؟“
پوڙهي ماڻهوءَ ڪجهه ڳالهايو پر اهي لفظ ان اسپيني زبان جا نه هئا جيڪا بارسلونا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اهي هڪ تمام قديمي زبان جا هئا.
ڪارلو هن جي سامهون ٿي بيٺو ۽ پوءِ هن ساڳي پراڻي ٻوليءَ ۾ ’هيلو‘ چئي کيڪار ڪيس.
اهو ٻڌي پوڙهي ماڻهوءَ جي اکين مان خوشيءَ وچان ڳوڙها ڳڙي آيا.
”تون منهنجي زبان ڳالهائي سگهين ٿو! تون منهنجي ڳالهه سمجهي سگهين ٿو!“ پوڙهي پڇيو.
”هائو،“ ڪارلوس وراڻيس، ”آئون توکي سمجهي سگهان ٿو، ڇو جو تعليم دوران آئون جهونين زبانن جو شاگرد هوس، پر مون کي اهو ته ٻڌاءِ توکي اها زبان ڪيئن اچي ٿي. اها زبان ته ايڏي پراڻي آهي جو اڄڪلهه ان کي ڪير به نٿو ڳالهائي.“
”ان لاءِ توکي منهنجي ڪهاڻي ٻڌڻي پوندي.“ پوڙهي ماڻهوءَ جهيڻي آواز ۾ چيو.
”آئون پنهنجي وقت جو وڏو امير ماڻهو هوس. مون کي پنهنجي زندگيءَ سان ۽ دولت سان پيار هو. هڪ ڏينهن منهنجي گهر ۾ هڪ ماڻهو آيو.
’ٻاهر مينهن پيو پوي،‘ هن چيو، ’آئون سڄو پسي ويو آهيان ٿڌ ڪري ڏڪي به رهيو آهيان. آئون اندر اچي سگهان ٿو؟‘
’هائو،‘ مون وراڻيومانس ۽ ماڻهو اندر گهڙي آيو.
اندر اچي گهر جي هر هڪ خوبصورت شيءِ کي هن غور سان جانچيو.
’تون شاهوڪار ماڻهو آهين،‘هن چيو، ’تو وٽ دنيا جي هر شيءِ آهي.‘
’نه. نه‘ مون هن کي چيو. ’تون غلط آهين. هر شيءِ نه اٿم.‘
’ڇا ڀلا تو وٽ نه آهي؟’ هن پڇيو.
’مون کي وڏي ڄمار کپي. آئون هميشه لاءِ جيئڻ گهران ٿو. آئون مرڻ نٿو چاهيان.‘
’آئون توکي وڏي ڄمار ڏئي سگهان ٿو. پر ڇا توکي پڪ آهي ته حياتي ملڻ تي تون خوش رهي سگهندين؟ ڇا توکي واقعي ڊگهي حياتي کپي؟‘
’ها، مون کي بلڪل کپي‘، مون هن کي جواب ڏنو.
’آئون هن ڪتاب تي ڪجهه لفظ لکان ٿو. هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي. پر تون تيستائين جيئرو هوندين جيسين هيءَ منهنجي لکڻي ۽ ڪتاب سلامت هوندو. ان کان اڳ تون مري نه سگهندين. هاڻ هي ڪتاب ڪٿي پري سوگهو ڪري رک. اهو تنهنجي زندگي آهي.‘
آئون نوجوان هوس ۽ مون ان وقت سدائين لاءِ جيئڻ چاهيو ٿي. سو ان ڪتاب کي پري حفاظت سان ڪري رکيم. ۽ پوءِ آئون جيئرو رهيس.... سالن جا سال.... ۽ سال. ۽ هينئر تنهنجي سامهون آهيان- اڃا تائين جيئرو جاڳندو. منهنجا سڀ مٽ مائٽ ۽ دوست يار مري چڪا آهن. آئون ايڏو ته پوڙهو ٿي چڪو آهيان جو هاڻ نه ته هلي سگهان ٿو ۽ نه ڪرسيءَ تان اٿي سگهان ٿو. آئون هاڻ مرڻ چاهيان ٿو پر مري به نٿو سگهان. آئون ڳالهائڻ چاهيان ٿو پر جهوني جڳ جي ماڻهن مان اڄ ڪوبه جيئرو ناهي جيڪو منهنجي زبان سمجهي. ڪوبه مونسان ڳالهه نٿو ڪري سگهي، اڄ تو اچي ڳالهايو آهي. ڪوبه ماڻهو منهنجي مدد نٿو ڪري سگهي. آئون مرڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪر!“
”پر ڪهڙيءَ طرح؟“ ڪارلو چيو.
”اهو جهونو ڪتاب مون کي هڪدم آڻي ڏي. اهو ڪتاب باغيچي جي ڪنڊ واري ڪمري ۾ آهي. مهرباني ڪري اهو ڪتاب ان ڪمري جي ڪٻٽ مان کڻي اچ ۽ هينئر جو هينئر ان کي باهه ۾ وجهي ٻاري ساڙي ڇڏ.“
ڪارلو ان ڪمري ڏي هليو ويو ۽ ٿوري دير بعد اهو ڪتاب کڻي آيو. پوڙهي ماڻهوءَ هن کان ڪتاب وٺي باهه ۾ اڇلايو.
۽ پوءِ ٻئي ڄڻا ان ڪتاب کي باهه ۾ سڙندو ڏسڻ لڳا.
”ڏس ڪتاب سڙي رهيو آهي!“ ڪارلو چيو.
”هائو، هاڻ آئون بيحد خوش آهيان.“ پوڙهي ماڻهوءَ چيو.
”مهرباني تنهنجي،“ پوڙهي ماڻهوءَ ڊگهو ساهه کڻي ڪارلو کان موڪلايو، ”منهنجي ڊگهي زندگيءَ جي پڄاڻي ٿي رهي آهي ۽ آئون بيحد خوش آهيان.“



No comments:

Post a Comment