Monday, February 14, 2011

ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا - امر جليل

ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا
امر جليل
جنهن ڏينهن سندس عزت لٽي ھئائين، تنهن ڏينهن خواب خيال ۾ به نه ھئس، ته فقط ڪجھ مھينن کان پوءِ ھوءَ سندس جان جنجال ۾ وجھي ڇڏيندي، ۽ جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيندي.
ڳوٺ موٽيو ته سيراج ٻڌايس، ”شاھو، باليءَ جي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آھي!“
مسلسل خيالن جا سلسلا شاھوءَ جي دماغ کي وڪوڙي ويا. ھڪ غريب، مسڪين ۽ مفلس ڀيلياڻي ھن لاءِ مسئلو ٿي پيئي. ھڪ آزاد، بي پرواھ شخص جي پيرن ۾ ڄڻ زنجير پئجي وئي.
ھڪ ان ڏينهن کي ملامت ڪرڻ لڳو، جنهن ڏينهن ڀيلن جي ٽوليءَ روھڙي اسٽيشن ٻاھران گھانگھوٽي ميدان ۾ پنهنجا پکا ۽ جھڳيون اڏيون ھيون. منجھن بالي به ھئي، ميري، گدلي، جوئن واري بالي.
انهن ڏينهن ۾ شاھو وئڪيشن گذارڻ لاءِ ڳوٺ آيو ھو.

 جوانيءَ جي روانيءَ کي نه ذات پات روڪي، نه دين ڌرم ڌيرج ڏئيس. باليءَ جي ڇلڪندڙ جواني جھٽ روھڙي شھر جي نگاھن جو مرڪز ٿي پيئي. سندس بدمست جوڀن چتين لڳل ڪپڙن مان جھاتيون ٿي پاتيون. آواره ته بدنام ھوندا آھن. سندس عيش اکين جي الڪي ۽ ٻن چئن لذيذ لفظن تائين محدود ھوندو آھي، پر جن شريفن کي عطر ۽ سينٽ سان ھٻڪاريل جسم ميسر ھوندا آھن، سي به پنهنجون چمڪندڙ موٽرون ۽ ٽانگا ترسائي، باليءَ کي ڀنڀلائڻ لڳندا ھئا، پر ھوءَ جھنگلي گل ھئي. جنهن به ھٿ وڌايو، زخمي ٿي موٽ کاڌي. ھوءَ آدم کان حوا جو انتقام ھئي. سندس ڪم ھو صبح کان شام تائين کارا ٺاھڻ. شام جو جڏھن ٻه چار کارا کڻي وڪڻڻ لاءِ نڪرندي ھئي، تڏھن سڄي ڏينهن جو ٿڪ لاھڻ لاءِ ھوءَ پنهنجي جسم کي ڪاريھر جھڙا ڪر ڏيندي ھئي. ڀلا ڪير نه ڏنگجي!
ھوءَ ھئي به بيحد سلوڻي. پھرين ڏينهن باليءَ کي ڏسڻ شرط سراج شاھوءَ کي ڪن ۾ چيو، ”ڇوري نمڪين آھي.“
”قھر ڪندي بابل،“ شاھوءَ چپن تي زبان ڦيريندي چيو، ”روھڙيءَ کي اروڙ ڪري ڇڏيندي.“
”رڳن ۾ ڪنهن نيڪ خاندان جو خون اٿس.“
شاھوءَ ٽيڏيءَ اک سان سراج ڏانهن ڏٺو. ٽوڪ سھي ويو. چيائين، ”ڀيلن، مينگھواڙن ۽ اڇوتن جي جسم ۾ وڏن وڏن شريف خاندانن جو خون ھوندو آھي.“
بالي بهترين پيوند جو گل ھئي.
شاھو باليءَ لاءِ واجھائڻ لڳو.
شاھوءَ کان سواءِ سڀئي جوان پنهنجي پنهنجي قسمت آزمائي چڪا ھئا، پر ھر ڪنهن جو منهن وڃي ڀت سان لڳو. اميدوار جوانن مان فقط شاھو ئي بچيل ھو، جنهن سان باليءَ جي ڏي وٺ نه ٿي ھئي. شاھو پراڻو پاپي ھو. عورتن جي معاملي ۾ خبردار رھندو ھو. اٽڪلن کان واقف ھو. ڪاليج کان وٺي پاڙي جي جوان عورتن تائين، ڪابه سندس ڄار مان نڪري نه سگھندي ھئي. عورت کي ڦاسائڻ ۽ راضي ڪرڻ جا ھن کي پنهنجا طريقا ھئا. آزمايل نسخا ھئس. راھون سڃاتل ھيس.
اول ھن باليءَ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ڏانهنس اک کڻي به نه نهاريندو ھو. مٿس پنهنجي شرافت جو رعب ويھارڻ لاءِ مٿي تي ٽوپي رکي، سندس آڏو لنگھي مسجد ۾ ويندو ھو. مسجد جي در وٽ ترسي، اک ٽيٽ ڪري کيس ڏسندو ھو. باليءَ جون نگاھون اڪثر سندس تعاقب ۾ مسجد جي در تائين ھليون اينديون ھيون. ھو نماز پڙھڻ بنا، مسجد جي پوئين در مان نڪري جندل ڪاسائيءَ جي جوئا جي ٽڪريءَ تي وڃي پھچندو ھو.
سراج، شاھوءَ جي ڳجھين، اٽڪلن ۽ حرفتن کان واقف ھو. پر جيڪا چال ھن باليءَ سان چلڻ شروع ڪئي ھئي، تنهن سراج کي به اچرج ۾ وجھي ڇڏيو. ھڪ ڏينهن سراج شاھوءَ کي ڏوري ۾ چھنڊڙي پائيندي چيو، ”شھر جا چڪن تڪا کائي ايڏو ته ڍءُ ڪيو اٿئي، جو جھنگلي تتر کي ڪٿ ۾ ئي نٿو آڻين!“
شاھوءَ کنگھي نڙي صاف ڪئي. چيائين، ”ابابيلن جو شڪار تير ڪمان سان نه ڪبو آھي.“
ھڪڙي ڏينهن شاھوءَ باليءَ کان کارو خريد ڪيو. باليءَ سامھون رکيل کارو شاھوءَ ڏانهن وڌايو.
”نه نه، اھو نه. ھو، جيڪو پريان رکيو آھي.“ شاھوءَ ھڪ کاري ڏانهن اشارو ڪيو.
ھوءَ پنهنجي جاءِ تان اٿي. آرس موڙيائين. کارو کڻي آئي. شاھوءَ کارو جاچي ڏٺو. چيائين، ”ھن ۾ وڏيون وٿيون آھن.“
”شاجي لاءِ ٿو وٺين؟“
شاھوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. پاڻ سنڀالي باليءَ جي اکين ۾ نهاريائين. باليءَ جي چپن تي دل لڀائڻ جھڙي مرڪ ھئي. ٻيھر پڇيائين، ”شاجي لاءِ ٿو وٺين؟ انبن لاءِ، يا خارڪن لاءِ؟“
شاھوءَ پنهنجو ساھ آجو ٿيندو محسوس ڪيو. وراڻيائين،  ”کارڪن لاءِ.“
”ترس. خارڪن لاءِ خارو مان ٿي ڳولي ڏيانءِ.“ ھوءَ کارا ھيٺ مٿي ڪرڻ لڳي. ھڪ کارو ڳولي کڻي آئي. ”ھي خارو اٿئي خارڪن لاءِ.“
کارو وٺندي شاھوءَ سندس اکين ۾ جھاتي پاتي. ڀانيائين، سندس اکين جي اونهي ساگر ۾ ٻڏي ويندو.
ويندي ويندي چيائين، ”ھڪ سٺو کارو ٺاھي رکجانءِ. سڀاڻي کڻڻ ايندس.“ باليءَ ڏانهن پيسا وڌايائين.
”خارو کنرر ايندين، ته پيسا به سڀارين ڏجانءِ.“ ھن ڪنڌ کي خم ڏنو.
شاھوءَ جي دل وڃي ڪوڙڪيءَ ۾ اٽڪي.
ٻئي ڏينهن کارو وٺڻ ويو ته باليءَ چيس، ”ھي خارو تولاءِ ٺاھيو اٿم.“
”منهنجي لاءِ؟“
”ھائو.“ ھوءَ کارو کڻي آئي. کارو شاھوءَ ڏانهن وڌائيندي چيائين، ”کيال سان ٺاھيو اٿم.“
”سچ؟“
”ھائو.“
”ڇو؟“
بالي منجھي پيئي. جواب نه پئي سجھيس. نيٺ ڳيت ڏيندي چيائين، تون نماجي آھين نه، ان ڪري.“
شاھوءَ ٽھڪ ڏنو. کيس جواب نه ڏنائين.
باليءَ چيو، ”ھن خاري جا ٻه رپيا وٺندي مانءِ.“
”ڇو؟“
”کيال سان جو ٺاھيو ٿم.“ باليءَ ڪنڌ کي خم ڏنو ۽ شاھوءَ ڏانهن چتائي ڏٺائين.
شاھوءَ ساڻس اک ملائي نه سگھيو. کانئس پڇيائين، ”ڏينهن ۾ گھڻا کارا ٺاھي وٺندي آھين؟“
”ڪڏھن ٽي، ڪڏھن چار.“
”تڏھن ته ڪافي ڪمائي وٺندي ھوندينءَ!“
”سڀئي ته نه وڪامندا آھن. ڪڏھن ٻه، ڪڏھن ٽي.“
”پوءِ به تولاءِ کوڙ آھن.“
”مان ھيکلي ته نه آھيان. منهنجي ڪراري ماءُ آھي. انڌو پيءُ آھي.“ باليءَ عام رواجي نموني چيو.
”تنهنجو پيءُ انڌو آھي؟“ شاھوءَ جي چپن تي ٺٺولي ڪندڙ مرڪ ڦھلجي ويئي.
”ھا.“
”ڪيئن ٿي چوين.“ شاھوءَ جي منهن تي بدستور مرڪ مھڪندي رھي.
باليءَ حيرت مان ڏانهنس نهاريو. ھوءَ سندس سوالن جي ته تائين پھچي نه سگھي. تڏھن به چيائين، ”منهنجو پيءُ انڌو آھي. مان کيس پارين ڀرين ڏيندي آھيان. ھو ڏسي به نه سگھندو آھي.“
”سمجھيم، ته اھو انڌو شخص تنهنجو پيءُ آھي.“ شاھوءَ جي منهن تان مرڪ گم ٿي ويئي. چپن ۾ ڀڻڪيو، ”ويچارو.“
باليءَ جي حيرت دور نه ٿي. سندس ھٿ اڌ ٺيھل کاري وٽ بيھي رھيا. شاھوءَ ھڪ ئي سوال سان ماٺي پاڻيءَ جي اونهائي پرکي ورتي ھئي.
ڳالھ جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ چيائين، ”پاڻ ۾ گھڻا ڀاءُ ڀيڻ آھيو؟“
”ھڪ ڀاءُ ۽ ٻه ڀينرون.“
”ھو به کارا ٺاھيندا آھن؟“
”اون ھون،“ ھن کارو ٺاھيندي جواب ڏنو، ”منهنجو ڀاءُ گڏھن تي مٽي ڍوئيندو آھي.“
”۽ ڀينرون؟“
ھن ڪنڌ کڻي شاھوءَ ڏانهن ڏٺو. گھڙي کن شاھوءَ ڏانهن ڏسڻ کان پوءِ ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين. وراڻيائين، ”ٻئي ڌنڌو ڪنديون ھيون.“
”ڇا!“ شاھوءَ کان حيرت مان دانهن نڪري ويئي.
”ھلنديون ھيون،“ باليءَ جي چپن تي زھر آلود مرڪ تري آئي. ڄڻ ٻنهي تي ٺٺولي پئي ڪيائين.
”پوءِ؟“
”وڏي ھڪ پنجابي بدمعاش سان سادي ڪري ڀڄي وئي،،“ ھن کارو ڪشيندي چيو، ”۽ ھن وڃي بجار ۾ ويھاريس.“
ننڍي ڀيڻ جي باري ۾ شاھوءَ کانئس ڪجھ نه پڇيو، پر ھن پاڻ ئي کيس ٻڌايو، ”ننڍي ھڪ ٻروچ سان شڪارپور ڀڄي ويئي.“
ھوءَ اوچتو اداس ٿي ويئي. آواز ڀرجي آيس. اکين جي چمڪ اجھامي ويس. گھٽيل آواز سان چيائين، ”ڪجھ ڏينهن کان پوءِ منهنجي ڀير جو اگھارو لاس سنڌوءَ جي ڪپ تي پيو ھو.“
اکيون آليون ٿي ويس.
شاھوءَ جھيڻي آواز ۾ چيو، ”مرد بيحد ظالم ھوندو آھي، بالي“
”تون به ته مرد آھين.“
”مان باغي آھيان، بالي.“
ھن جواب نه ڏنو، خاموش رھي. نه وري شاھوءَ ئي ڪجھ ڳالھايو. ھن کارو کنيو ۽ ڪنڌ جھڪائي اڳتي نڪري ويو.
شاھو سامونڊي ڌاڙيل وانگر ھوا جي رخ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ھڪ ڏينهن مسجد ڏانهن ويندي، باليءَ وٽ کن لاءِ ترسندي چيائين، ”بالي، تو جھڙي محنتي ڇوڪري مون عمر ۾ نه ڏٺي آھي.“
ھن منهن مٿي ڪري، ڪارن ڪارن نيڻن سان شاھوءَ ڏانهن نهاريو. شاھوءَ سندس ذھن کي سوچڻ جي فرصت نه ڏني. چيائين، ”محنت عيب آھي نه پاپ. محنت عورت جو شان آھي، بالي.“
۽ جڏھن شاھو مسجد ڏانهن وڌي ويو، ته الاءِ ڪيتريءَ دير تائين ھوءَ پنهنجي رڏ مغز سان ڌڙڪندڙ دل کي سمجھائيندي رھي.
تتل منجھند کان پوءِ جيڪا ٻوسٽ واري شام آئي ھئي، تنهن ۾ ھوءَ شاھوءَ جي ڪمري جي دريءَ وٽان لنگھي ھئي. سانورو رنگ اس ۾ ٽامڻي ھڻي ويو ھئس. سھڪي رھي ھئي. شاھوءَ کيس سڏ ڪري بيھاريو. ھوءَ دڪيءَ تي کارا رکي، ھڪ ھٿ چيلھ کي ڏيئي بيھي رھي. ٻي ھٿ جي آڱرين سان نرڙ تان پگھر اگھيائين. شاھوءَ در کولي کيس اندر سڏ ڪيو، ”اندر اچ بالي. ٻاھر اس آھي.“
”نه نه. ٻاھر ٺيڪ آھيان.“
”مون کان ڊپ ٿو ٿيئي ڇا؟“
باليءَ جي منهن تي مرڪ اچي ويئي. جواب نه ڏنائين. کارا کڻي اندر ھلي ويئي. کارا فرش تي رکي اليڪٽرڪ پکي ھيٺان ٿي بيٺي. ٻانهون مٿي ڪري وار سلجھايائين ته ٺوٺين مان پگھر جا ڦڙا ٽمڻ لڳس. شاھو ريفريجريٽر مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي گلاس ڀري ڏنس. يخ جھڙو گلاس ھٿ ۾ جھلي ھوءَ گلاس جو پاڻي جاچڻ لڳي.
”ٻيو ڪجھ ته ناھي.“
”مون تي به شڪ اٿئي بالي!“
ساڳي مرڪ باليءَ جي چپن تي تري آئي. جواب نه ڏنائين. ڳيت ڏيئي، يڪ ساھي سمورو گلاس پي ويئي. شاھوءَ ٻيو گلاس ڀري ڏنس. ٻه چار ڍڪ ڀري، ٿڌو ساھ کڻي، ھوءَ غاليچي تي ويھي رھي. ساھ جائيتو ٿيس ته پڇيائين، ”تون ھت رھندو آھين، نماجي؟“
”منهنجو نالو نمازي ناھي،“ ھو کلي پيو، ”منهنجو نالو شاھ محمد آھي. مونکي شاھو سڏيندي ڪر.“
”ھت رھندو آھين؟“
”ھا، مان ھتي رھندو آھيان.“
ھن ڪمري ۾ چئني طرف پنهنجون نگاھون ڦيرايون.
نظرون پردن تان ترڪنديون شوڪيس تي وڃي کتس. اڳتي وڌي شوڪيس جي سامھون وڃي بيٺي. گوڏن تي ھٿ رکي جھڪي بيٺي.
”رانديڪا شو رکيا ٿئي؟“ ھن شاھوءَ ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”ٻار اٿئي شا؟“
”اڃا شادي نه ڪئي اٿم.“
”ته پوءِ رانديڪا شو رکيا ٿئي؟“
”اھو فيشن آھي، بالي.“
باليءَ کي شاھوءَ جو جواب سمجھ ۾ نه آيو. رانديڪا ڏسندي پڇيائين، ”ھي شاھي؟“
”رڇ.“
”رش ته ڪارو ٿيندو آھي.“
”ڪي رڇ اڇا به ٿيندا آھن.“
”۽ ھي ڀولڙو به رکيو ٿئي!“
”ھا ڀولڙن ۾ ھڪ خوبي ٿيندي آھي.“
”ڪھڙي؟“
”ڀولڙا بهترين نقل ڪري سگھندا آھن.“
ھوءَ ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي. پڇيائين، ”ھي سڀ رانديڪا ڪيتري جا ھوندا؟“
”فقط ھن اڇي رڇ جي قيمت ساڍا ٻارھن رپيا آھي.“
ھوءَ ڏندن ۾ آڱر ڏيئي ھڪدم شوڪيس وٽان ھٽي ويئي. وڃي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ بيٺي. ڪتابن جو ڪٻٽ قد ۾ کانئس ڊگھو ھو.
”ھي سڀ تو پرھيا آھن؟“
”ھا،“ شاھوءَ جو ڪنڌ آڪڙ ۾ سيٽجي ويو.
باليءَ تي شاھوءَ جي جواب ۾ ڪوبه اثر نه ٿيو. ھوءَ موٽي وڃي رانديڪن جي شوڪيس وٽ بيٺي. ڪجھ دير رانديڪا ڏسي، کارن وٽ اچي بيٺي، پڇيائين، ”خارو وٺندين؟“
”وڏا آندا اٿئي.“
”وڏو ئي کرين وٺ.“
”نه. وٺندس ته ننڍو. اڄ نه، ته سڀاڻي.“
”ته پوءِ سڀارين تنهنجي لاءِ ٺاھي کرين اينديس.“ ھوءَ کارا کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي.
”پر اچجانءِ جلد.“
”ھن مالھ نه؟“
”نه، ھن مھل مان نماز تي ويندو آھيان.“
”منجھند ڌاري اچان؟“
”ھا.“
ھوءَ دڪي لھي ويئي.
شاھو ايندڙ منجھند جي تات ۾ لڳي ويو. سندس ڪمري کان پوءِ اوطاق ھئي، ۽ اوطاق کان پوءِ ھئي حويلي. شاھوءَ کي اھا به ڄاڻ ھئي ته سنڌ جي اونهاري جي منجھند، سياري جي اڌ رات جھڙي ويران ھوندي آھي.
ٻئي ڏينهن جي منجھند روز کان وڌيڪ گرم ھئي. گھرن جون ڀتيون تپي لوھ ٿي ويون ھيون. ڏامر جا رستا نرم ٿي ويا ھئا. اليڪٽرڪ پکن مان اوٻر پئي نڪتو. شاھو منجھند جي ماني کائي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويٺو. جڏھن پاسي واري سنڌي اسڪول کي موڪل ملي ۽ ٻارڙا ٺينگ ٽپا ڏيندا، گھٽيءَ مان لنگھي ويا، تڏھن شاھوءَ ريفريجريٽر مان لنڊن بيئر جي بوتل ڪڍي ۽ پکي ھيٺان آرام ڪرسي وجھي ويھي رھيو. دريءَ وٽان سنڌي اسڪول جا ٻه ڪراڙا ماستر اچي لنگھيا، اس کان بچڻ لاءِ مٿي تي ٽوال وڌا ھئائون. شاھوءَ جي ڪمري جي کليل دري ڏسي کيس کيڪاريائون، ”ننڍا شاھ خوش ته آھين؟“
”توھان جون دعائون گھرجن،“ شاھوءَ رکائيءَ سان وراڻين.
”ڇو ٿو اسان امتي گنهگارن کي لڄارو ڪرين شاھ،“ ھڪ ماستر ذري گھٽ ٻاڏائيندي چيو، ”اسان جو ٻنهي جھانن ۾ آسرو توھان ئي ته آھيو.“
شاھوءَ سندس جواب ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيائين. ماستر اڳتي ھليا ويا. ھن بيئر گلاس ۾ پيٽيو. کن ۾ گلاس تي ٻاھران موتين جھڙا قطرا نمودار ٿيا.
ان وقت بالي، پگھر ۾ آلي، سھڪندي، کارا کڻي دڪيءَ تي اچي بيٺي. شاھوءَ جھٽ اٿي سندس لاءِ در کوليو. ھوءَ اندر گھڙڻ شرط کارا اڇلائي پکي جي ھوا ۾ ٿي بيٺي. گھڙي کن بيھي، ويھي رھي. شاھوءَ ٻئي گلاس ۾ بيئر وجھي ڏانهنس وڌايو. ٿڪل ھئي، اڃايل ھئي، ٻه چار ڍڪ لاڳيتا پي ويئي. ڪسارو لڳس ته پڇيائين، ”شاھي؟“
”نم جو شربت،“ شاھوءَ ٺھ پھ وراڻيو.
”گھرون ٿڌو آھي.“
”ھا.“
”ٻه ٽي ڍڪ ڀري چيائين، ”نم جي شانو به ٿڌي ھوندي آھي.“
”ھي شربت به ٿڌو آھي.“
”ھا،“ باليءَ لاپرواھيءَ سان وراڻيو، ”پر اسان گريب آھيون، فقط نموريون چوسيندا آھيون.“
شاھو خاموش رھيو.
ھن گھگھري سان منهن اگھندي چيو، ”ڏاڌو ٿڌو آھي.“
”ھڪ گلاس سان سڄي رگھ ختم، تراوت محسوس ڪندينءَ.“
ھن گلاس چپن سان لڳايو ۽ سپ سپ ڪري پيئڻ لڳي. شاھوءَ کان اڳ گلاس خالي ڪري ڇڏيائين. شاھوءَ لوڻيل باداميون ۽ کاڄا اڳيان آڻي رکيس ۽ گلاس ٻيھر ڀري ڇڏيائينس. ھن ٻه چار بادامن جا داڻا وات ۾ وجھي، بيئر جو ڍڪ ڀريو.
پڇيائين، ”ھي سربت تون روج پيئندو آھين، نماجي.“
”ڏس بالي،“ شاھوءَ سندس ٻانهن ۾ ھٿ وجھندي چيو، ”مون کي نمازي نه سڏيندي ڪر.“
”شو؟“ باليءَ لاڏ مان پڇيو.
”بس ائين ئي،“ شاھوءَ سندس ٻانهن ڇڏي ڏني.
”سڄي روھڙيءَ ۾ ھڪ تون ئي اسراف آھين.“ ھن ڍڪ ڀريو، ”ٻيا ته ڄرن– ڄرن-“ ھن جملو پورو نه ڪيو. ٽھڪ ڏيئي کلي پيئي.
شاھوءَ رستي ڏانهن کلندڙ دري بند ڪري ڇڏي.
”تون نماجي آھين.“ ھن کلندي کلندي بيئر جو ٻيو گلاس به خالي ڪري ڇڏيو. شاھوءَ سندس گلاس ٽمٽار ڪيو ۽ ڀر ۾ ويھي رھيس. باليءَ ٻه ڍڪ ڀريا ۽ ٻانهون ڪنڌ ھيٺان ڏيئي ليٽي پيئي.
شاھوءَ صبر جو دامن نه ڇڏيو. کيس خبر ھئي ته عورت کي الجھائڻ جو بهترين طريقو آھي سندس تعريف! ڀل ته عورت کڻي پڙھيل ھجي يا جاھل، سادي ھجي يا چالاڪ، گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتل ھجي يا پياسي؛ تعريف ۽ ساراھ جا ٻه ٻول سندس پيرن ۾ نيئر وجھي ڇڏيندا آھن.
”بالي تون ڪنهن ملڪ جي راڻي ھجين ھا.“
”شو ڀلا؟“ ھن البيلائيءَ سان پڇيو.
”بڌايانءِ؟“ شاھوءَ ٺونٺ غاليچي تي رکي ۽ ڏانهنس سري ويو.
”ھا نماجي، ٻڌاءِ،“ آواز وچڙيس. بيئر سندس اکين ۾ سرخي آڻي بيھاري ھئي.
”تون محنتي آھين، ايماندار آھين.“
”تون به ته ايماندار ۽ نماجي آھين،“ لفظ لھجي ۾ ڇڄندا رھيس.
”تو وٽ ھي ڪارا ڪارا نيڻ به ته آھن.“ شاھوءَ سندس ڳالھ اڻٻڌي ڪندي چيو.
”منهنجي ماءُ چوندي آھي- ملا کوڦناڪ ٿيندا آھن.“ لفظ ٽٽل مالھا جي موتين وانگر منتشر ٿيندا رھيا.
”۽ مان؟“ شاھوءَ سندس ڳل تي ھلڪي ٿڦڪي ڏني، ”مان ته خوفناڪ ناھيان نه؟“
”اون ھون.“
”تون اسان جي ملڪ جي راڻي ھجين ھا.“
”مان سچ پچ اھري آھيان؟“ باليءَ شاھوءَ جي اکين ۾ ڏٺو.
”ھا چري،“ شاھو سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو، ”سوچيان ٿو، منهنجي زال تو جھڙي ھجي.“
باليءَ ڪرڙيءَ وانگر شاھوءَ جي ٻانهن ۾ پاسو مٽايو. خماريل اکين سان شاھوءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيائين، ”۽ ڪارا ڪارا نير به ھجنس؟“
”ھا، بالي ھا،“ شاھوءَ واءُ جو رخ پرکي ورتو. ڪن جي پاپڙين تان آڱريون ترڪائيندو ڪنڌ تائين کڻي آيو. باليءَ جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو.
”اوھ، نماجي،“ باليءَ پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
شاھوءَ پنهنجو منهن باليءَ جي منهن ۾ ايترو ته ويجھو ڪيو، جو ٻنهي جا ساھ وچڙڻ لڳا. ھن سندس ڪن ۾ سرگوشي ڪئي، ”بالي.“
”ھون.“
”جيڪڏھن تون کارا ٺاھڻ ڇڏي ڏين، ته مان جيڪر توسان شادي ڪيان.“
”اوئي الا!“ باليءَ بند اکيون کولي شاھوءَ جي اکين ۾ چتائي ڏٺو.
”مان پنجابي بدمعاش نه آھيان، جنهن تنهنجي ڀيڻ کي وڃي بازار ۾ ويھاريو آھي.“
ھوءَ پٿر وانگر خاموش رھي.
شاھوءَ ڳالھايو، ”مان ٻروچ نه آھيان، جنهن تنهنجيءَ ٻيءَ ڀيڻ جو لاش سنڌوءَ جي ڪپ تي اڇلائي ڇڏيو ھو.“
باليءَ جي اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو.
شاھوءَ سندس ذھن کي سوچڻ جي مھلت نه ڏني. چيائين، ”سڀ مرد ھڪجھڙا نه ٿيندا آھن.“
باليءَ جو رڏ مغز لاجواب ٿي ويو. فقط ايترو چئي سگھي، ”چرچا ته نٿو ڪرين، نماجي.“
”نه بالي، نه،“ شاھوءَ ھڪدم وراڻيو. ”مان مڪار ۽ دغاباز نه آھيان بالي، جو مٺڙيون مٺڙيون ڳالھيون ڪري توکي لٽي ڇڏيان.“
بالي ھيڪلائيءَ جي دائرن ۾ غرق ٿيندي ويئي. اکر نٿي اڪليس. بيئير سندس ذھن ۾ پولار پيدا ڪري ڇڏيو.
شاھوءَ پنهنجي گرفت مضبوط ڪندي چيو، ”ڀلا ھڪ غريب ڇوڪريءَ جي عزت لٽڻ مان مون کي ڇا ملندو.“
ھڪ لمحي لاءِ باليءَ جي خماريل اکين ۾ روشنيءَ جا قنديل روشن ٿي، اجھامي ويا. نڙي خشڪ ٿي ويس. دل ۾ ھٻس محسوس ڪيائين. لفظ سندس ذھن ۾ وچڙيا پي. نيٺ چيائين، ”مان مشلمين به ته نه آھيان.“
”مان سيد آھيان، جنت جو حقدار آھيان،“ شاھوءَ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو، ”اسلام ۾ سڀ کان وڏو ثواب ڪنهن غير مسلم کي مسلمان ڪرڻ آھي. مان توکي مسلمان ڪندس.“
ھوءَ خيالن ۾ لڙھي ويئي.
”چئھ ته تون کارا ٺاھڻ ڇڏي ڏيندينءَ.“ شاھوءَ جذباتي آواز ۾ چيو، ”مان توسان شادي ڪندس. توکي پڙھائيندس. چڱي خاندان ۾ اٿڻ ويھڻ سيکاريندس.“
شاھو ڪجھ دير باليءَ جي جواب جو انتظار ڪندو رھيو. باليءَ آھستي آھستي پنهنجو منهن شاھوءَ جي ڇاتيءَ تي رکندي چيو، ”مان کارا ٺاھر شڏي ڏينديس.“
پوءِ بنا دير جي شاھوءَ باليءَ تي ائين لامارو ڏنو، جيئن باز جھرڪيءَ تي ڏيندو آھي. باليءَ کي ائين سوگھو ڪيائين، جيئن بگھڙ ڊنل ڇيليءَ کي سوگھو ڪندو آھي. جھنگلي گل کي ڪنڊن سميت چيڀاٽي ڇڏيائين. معصوميت جي مکڙي مھٽي ڇڏيائين. گھائل پنڇي پرڙا ھڻي ساڻو ٿي ڪري پيو.
تتل منجھند کان پوءِ جڏھن اداس ۽ ويران شام جا پاڇا پيا، تڏھن باليءَ پنهنجو پاڻ سنڀاليو. وکريل وار سنواريائين. اٿي بيٺي ته قدم ٿاٻڙيس. پاڻ سنڀالي وک وڌايائين. ھڪ ھٿ آرام ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي بيھي رھي. ڪنڌ مٿي ڪري ٿڌو ساھ کنيائين. گينڊيءَ وٽ وڃي، منهن تي ٻه چار ٻڪ پاڻيءَ جا ھڻي، منهن گنديءَ سان اگھي ڇڏيائين. سانورو رنگ ڳاڙھاڻ مائل ٿي ويو ھئس. شاھوءَ کان نظرون پي بچايائين. شاھو به ساڻس اک ملائي نه سگھيو. ڳالھائڻ لاءِ وٽس ڪجھ به نه ھو. باليءَ جي موجودگيءَ ۾ ککو پي ٿيو. مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين، ته لڳو ڄڻ روئي پوندو. شڪاريءَ جو ترڪش خالي ٿي چڪو ھو. ھن زندگيءَ ۾ ڪنهن به عورت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏي محنت نه ڪئي ھئي. ايترا سانگ اڳ ڪڏھن به نه رچايا ھئائين. ھن پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪيو.
باليءَ جو ڪنڌ جھڪيل ھو. منهن مان پريشاني پي بکيس. ھوءَ کارا کڻي در طرف وڌي ويئي. در جو بلٽ لاھي، طاق کولي، چائنٺ وٽ وک روڪي، منهن ورائي شاھوءَ ڏانهن ڏٺائين. ھوءَ وياڪل ھئي. ڄڻ ته ڪنهن مساڻ جي ويراڳڻ ھئي.
ڪجھ چوڻ لاءِ سندس چپ چريا، ”مان خارا ٺاھر شڏي ڏينديس.“
شاھوءَ کيس جواب نه ڏنو ۽ نه ئي ھن جواب جو انتظار ڪيو.
ھوءَ ٿڙندي ٿاٻڙندي دڪي لھي ويئي. شاھوءَ دريءَ جي شيخن مان ڏانهنس نهاريو. نانگڻ جا ڪر ڪمزور ٿي چڪا ھئا ۽ ھوءَ زخمي ڊمڻ وانگر چري رھي ھئي. شاھوءَ جون نگاھون سندس تعاقب ڪنديون رھيون، ۽ پوءِ جڏھن گھٽيءَ جي ڪنڊ وٽان ھوءَ بندر ڏانهن ڦري ويئي، تڏھن ھڪ فتح جو ٽھڪ، ڪامرانيءَ جو ٽھڪ شاھوءَ جي اندر مان ڦاٽ کائي نڪتو.
اھڙا لاتعداد ٽھڪ ھن موٽي وڃي ڪراچيءَ جي ھوٽلن ۽ ڪلبن ۾ ڏنا. ڪراچي بين الاقوامي شھر آھي، جتي لبنان، ايران ۽ يورپ جون حسين ساحرائون پاڪستاني پيسن ۾ وڪامنديون آھن. الاءِ ڪيترا رنگين لمحا، الاءِ ڪيتريون حسين راتيون شاھوءَ ديسي ۽ ولائتي عورتن جي آغوش ۾ ڪاٽي ڇڏيون.
ڪھنه مشق شڪار جو تعداد ياد نه رکندو آھي. شاھوءَ باليءَ کي وساري ڇڏيو.
پر ڪجھ مھينن کان پوءِ شاھو جڏھن ڳوٺ آيو ته، سراج کيس ٻڌايو، ”بالي جي پيٽ ۾ تنهنجو ٻار آھي.“
شاھوءَ سراج جي ڳالھ چرچي ۾ ٽارڻ چاھي، پر سراج کيس ٻانهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ”ھوءَ تنهنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آھي، شاھو.“
شاھوءَ پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڇڏي ڏنو. مٺيون ڀڪوڙي سڄيءَ قوت سان ڪرسيءَ جي ٻانهن تي وھائي ڪڍيائين.
”اڪيلي سر مال ھضم ڪرڻ چرچو ناھي، شاھ سائين، ”سراج مٿس کلندي چيو، ”يارن سان دغا ڪئي اٿئي.“
شاھوءَ ڏانهنس ڌيان نه ڏنو. سراج شاھوءَ ڏانهن چتائي ڏٺو. کيس گنڀير ڏٺائين ته پاڻ به گنڀير ٿي ويو. کيس اھا پڪ نه ھئي، ته شاھوءَ جھڙو آزاد مرد اھڙي معمولي مسئلي کي ايڏي اھميت ڏيندو، پر سندس ھڪ ئي جملي شاھوءَ جي پيرن ھيٺان ڌرتي ڪڍي ڇڏي. ھڪ ئي جملي دماغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باھ لڳائي ڇڏيس. اٽڪلن جي جنهن جبل کي ڍال سمجھيو ھئائين، سو آتش فشان نڪتس. دل جنڊ جي پڙن ۾ چچرجڻ لڳس. ميري، گدلي، جوئن واري ڀيلياڻي منهنجي ٻار جي ماءُ! نه نه. ھوءَ منهنجي ٻار جي ماءُ ٿيڻ لائق ڪونهي. لفظ سندس روح جي ويرانين ۾ پڙاڏا ڪندا رھيا. باليءَ جي پيٽ ۾ گناھ! پگھر جا ريلا نرڙ ۽ لوندڙين تان ڪندا، سندس منهن آلو ڪندا رھيا. سندس ڀڪوڙيل مٺيون ڍريون ٿيڻ لڳيون. اندر ۾ اٿيل طوفانس سندس جسم کي نستو ڪري ڇڏيو.
سراج سندس حالت ڏسندي چيو، ”سخت گيدي آھين شاھو.“
شاھو خاموش رھيو.
”الائي ڪيترن خاندانن جا ناجائز ٻار ڀيلن وٽ پلجي ڀيل ٿي ويندا آھن.“ سراج کيس دلداري ڏيڻ لاءِ چيو، ”تون ڇو ٿو پرواھ ڪرين.“
”مان سيد آھيان سراج.“ شاھوءَ تلخ لھجي ۾ وراڻيو.
ھو ڪرسيءَ تان اٿي ڀت ڏانهن منهن ڪري بيھي رھيو. ڪجھ دير ڪمري ۾ ماٺ ڇانيل رھي.
”دل ڇو لاٿي اٿئي؟“ سراج شاھوءَ جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ”تون انڪار ڪري ڇڏجانءِ، ته ٻار تنهنجو ناھي.“
ٻار جو نالو ٻڌنديئي شاھوءَ جي تن بدن ۾ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿيا. آٺريل من تي ميرو پاڻي پئجي ويس.
”کيس بدناميءَ جو ڀؤ ڪونهي؟“
”بدناميءَ جو ڀؤ ٿيندو آھي عزت وارن کي. ٽڪي جي گمنام ڀيلياڻيءَ جي ڪھڙي عزت!“
”پر ھوءَ گناھ ڇو پالي رھي آھي.“ شاھوءَ بيچين ٿي پڇيو.
”ڇوري ڏاڍي چالاڪ آھي.“ سراج سگريٽ دکائيندي وراڻيو، ”تو کان پيسا ڇڏائڻ جي چڪر ۾ آھي.“
”مان پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“
”توتي کل ٿي اچي يار،“ سراج کلندي چيو.
”مان چرچي لاءِ تيار ناھيان.“
”ته وڃي چوانس گناھ ختم ڪري ڇڏي؟“
”ھا، ھڪدم. پر سڄو ڪم ماٺ ۾ ٿيڻ گھرجي.“
”دلجاءِ ڪر. فرشتن کي به خبر نه پوندي.“
سراج ٻاھر وڃڻ لاءِ در ڏانهن وڌيو. شاھوءَ کيس روڪيو. ھو در وٽ  بيھي رھو، ”ڇو؟“
شاھوءَ ڳوري آواز ۾ چيو، ”ڪنهن اسپتال ۾ ھلڻ لاءِ راضي ٿئي ته چڱو ٿيندو. ڪجھ ڊاڪٽرياڻيون ۽ دايون منهنجون سڃاتل آھن. ھو ڪم ئي اھو ڪن.“
”يار تون ته صفا احمق آھين،“ سراج بيزار ٿيندي چيو، ”تون انڪار ڪري ڇڏ ته ٻار تنهنجو ناھي. ٽڪي جي رن، ڪھڙي وڃي جھانگيري انصاف جو گھنڊ لوڏيندي؟“
شاھو خاموش رھيو. خيال ڀٽڪڻ لڳس، ڇولين ۾ ڇلڻ لڳس.
سراج چيو، ”ڪھڙو ثبوت ڏيئي سگھندي ته ٻار تنهنجو آھي، چئھ آھي ڪو ثبوت.“
شاھوءَ کيس جواب نه ڏنو. سراج سامھون اچي بيٺس. سراج کيس سمجھائيندي چيو، ”ڪنهن جي به نرڙ تي لکيل ناھي ته ھو ڪير آھي، ڪنهن جو اولاد آھي ۽ جيڪڏھن ائين ھجي ھا، ته دنيا جي آدمشماريءَ ۾ اڌو اڌ ماڻھو حرامي سڏائين ھا. تون انڪار ڪري ڇڏ.“
”ڪيئن انڪار ڪيان! مان ڪيئن انڪار ڪيان. توکي خبر ناھي، ڇا مون کي خبر ناھي ته باليءَ جي پيٽ ۾ منهنجو ٻار آھي؟“
”ان مان ڇا ورندو؟“
“ڪجھ به نه،“ شاھوءَ گھٽيل آواز ۾ وراڻيو، ”پر مان پنهنجي ٻار کي ڀيلن جي ٽوليءَ ۾ ڀٽڪندو ڪيئن ڏسي سگھندس.“
”ڪجھ ڏينهن کان پوءِ بالي ٻار سميت ھتان ڌڪا کائي ھلي ويندي.“
”۽ مان ڀيلن جي ھر ٽوليءَ ۾ ھڪ ھڪ ٻار کي پنهنجو ٻار سمجھي سيني تي بڙڇيون کائيندو رھندس.“
”ٻار سان تنهنجو ڇا! ڀل پيو ڌڪا ٿاٻا کائي.“
”بيوقوف ته ناھين سراج،“ شاھوءَ خارن مان چيو، ”سيدن جو ٻار ڀيلن ۾ ڀٽڪندو رھي، اھا تنهنجي لاءِ ڪابه ڳالھ ڪونهي؟“
”ان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھجي؟“ سراج لاپراوھيءَ سان وراڻيو.
”باليءَ جي ٻار کي زنده جنم نه وٺڻ گھرجي. ڪنهن به حالت ۾،“ شاھوءَ فيصلو ڪري ڇڏيو.
سراج در ڦھڪائي ھليو ويو.
سراج جي وڃڻ کان پوءِ ڪمري جي خاموشي شاھوءَ کي ڏنگڻ آئي. در ۽ دريون ڄڻ ته ڏند ڪڍي مٿس کلڻ لڳا. ھو ٺٺولين جو تاب سھي نه سگھيو ۽ اونڌي منهن پلنگ تي ليٽي پيو. پاڻ کي ملامت ڪندي اک لڳي ويس. ذھن بيحد پريشان ھئس، تنهن ڪري ڀوائتا خواب پئي ڏٺائين. ڪڏھن وڇون ڏنگ ھڻي سيني تي ھلندا ڏٺائين، ته ڪڏھن ڪاريھرن جا ھار پئي پاتائين. باليءَ کي ڏٺائين. ھٿ ۾ ڀالو ھئس. ھوءَ سندس ئي تلاش ۾ ھئي. ھڪ بدصورت جلاد سندس سر لاھڻ لاءِ تلوار کنيو ٿي آيو. ڪڏھن ڀانيائين ته ڄڻ پلنگ کي باھ جا ڀنڀٽ وڪوڙي ويا. اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. باليءَ تي چڙ پئي آيس، جنهن سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو. سامھون ھجيس ھا ته جيڪر ريوالور جي گولين سان سينو پرڻ ڪري ڇڏيس ھا.
ان وقت در کڙڪيو. شاھوءَ پلنگ تي اٿي در کوليو. در ٻاھران بالي بيٺي ھئي. منهن تي تڪليف جا آثار ۽ چپن تي عجيب مرڪ ھئس. اکين ۾ اميد ڀري شاھوءَ ڏانهن ڏٺائين. شاھوءَ جي ٽنگن جون مشڪون سيٽجي ويون. قدم چانئٺ کي چنبڙي پيس.
باليءَ جا سڪل چپ ڪجھ چوڻ لاءِ ڦڙڪيا، پر ھوءَ ڪجھ چئي نه سگھي. شاھوءَ جي منهن ۾ ڏٺائين ته چپن تان مرڪ مري ويس. دل سيني ۾ سسي ويس. ھمت ڪري چيائين، ”ٻڌايائون ته تون آيو آھين.“
شاھوءَ پرس ڪڍندي چيو، ”گھڻن پيسن جي ضرورت اٿئي.“
”پيشا!“
”ھا پيسا.“ شاھوءَ کھري آواز ۾ چيو.
باليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. چيائين، ”مون خارا ٺاھر شڏي ڏنا آھن.“
”بڪواس بند ڪر،“ شاھوءَ دٻيل آواز ۾ رڙ ڪئي، ”ھن گناھ جي قيمت وٺڻ آئي آھين نه.“
”گناھ!“ باليءَ تي ڄڻ ٽھڪندڙ تيل پئجي ويو. اٻاڻڪي ٿي ويئي.
”ھا، گناھ،“ شاھوءَ پرس مان نوٽ ڪڍي، باليءَ جي منهن تي ھنيا.
ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر شاھوءَ ڏانهن ڏسڻ لڳي.
”ڏسين ڇا ٿي؟ کڻ ڪاغذ جا ٽڪر ۽ ھتان ھميشه لاءِ گم ٿي وڃ.“
باليءَ ان ننڍڙي ٻار وانگر شاھوءَ ڏانهن ڏٺو، جنهن جو رانديڪو ڀڄي پيو ھجي. ڏسنديئي ڏسندي ٻنهي ھٿن ۾ منهن لڪائي روئي پيئي.
سڏڪن ۾ چيائين، ”مون خارا ٺاھر شڏي ڏنا آھن.“
”ته مان ڇا ڪريان.“
”ٽوليءَ وارا به مون کي ڇڏي ھليا ويا آھن.“
”تون به ھي پيسا کڻ ۾ منهنجي جند ڇڏي ڏي.“
ھوءَ خاموش رھي. لڙڪ پي ويئي.
شاھوءَ سندس پيٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ھن دوزخ ۾ پلجندڙ گناھ کي به ختم ڪري ڇڏ.“
”ھيءُ گناھ ناھي،“ باليءَ ڪنڌ مٿي ڪندي چيو.
”ھيءُ گناھ آھي،“ شاھوءَ سخت لھجي ۾ وراڻيو.
”مان ايماندار آھيان،“ باليءَ پھريون دفعو پختي لھجي ۾ ڳالھايو، ”مان تنهنجي امانت ۾ کيانت نه ڪنديس. ھي گناھ ناھي.“
”مان توکي ريوالور جون ڇھ گوليون ھڻندس.“ شاھو لوھ جي ڀت وانگر سامھون وڃي بيٺس. ”مان ھن گناھ کي زنده جنم وٺڻ نه ڏيندس.“
”ھي گناھ ناھي، تنهنجو ٻار آھي.“
”ڪميڻي، ڪم ذات، تون ٽڪي جي ڀيلياڻي آھين،“ شاھوءَ کيس چوٽيءَ کان وٺي سٽ ڏيندي چيو، ”۽ خبر اٿئي، مان سيد آھيان، سيد.“
شاھوءَ جي اکين ۾ رت لھي آيو. ڀر ڪري باليءَ جي ڀريل پيٽ ۾ گوڏو ھنيائين. باليءَ جي وات مان فقط ھڪ ھلڪڙي آھ نڪتي. ڪرڻ تي ھئي، جو شاھوءَ کيس در وٽان ڌڪو ڏيئي، در بند ڪري ڇڏيو. چپ چٻاڙيندي چيائين، ”اسان جي امتين تي ئي اک نه ٿي ٻڏي ۽ ھيءَ ڪافر ڀيلياڻي آئي آ سيد سان پرڻجڻ.“
غريبن کي خوب دل ڀري گاريون ڏنائين. تکا تکا قدم کڻندو، ڀتين کي مڪون ھڻندو، اوطاق مان ٿيندو، حويليءَ ڏانهن ھليو ويو. ٻه ڀائٽيون ۽ ھڪ ڀائٽيو ڊوڙندا اچي سندس ٽنگن سان چنبڙيا، ”چاچا راند ڪيون.“
پريشان ھو. بيچيني دور ڪرڻ لاءِ چيائين، ”اچو ته اک- ٻوٽ راند ڪيون.“
”ھا، ھا،“ ٻارڙن پتڪڙن ھٿن سان تاڙيون وڄايون، ”اچو ته اک- ٻوٽ راند ڪيون.“
دل کي پرچائڻ لاءِ شاھو ٻارن سان راند ڪرڻ لڳو. لڪڻ جون وارو آيس ته وڃي اسٽور- روم ۾ لڪيو. ڪوٺيءَ ۾ ھر طرف گگھ اوندھ ھئي. ڪجھ به ڏسڻ ۾ نه پئي آيس. ساھ منجھندو محسوس ڪيائين. ڀانيائين ته ھٻس ۾ گھٽجي مري ويندو. وک وڌايائين ته ڀڳل ٽٽل ڪرسين، ميزن ۽ خالي کوکن سان وچڙندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو پراڻي پينگھي سان وڃي لڳو. پينگھو چيڪاٽ ڪري لڏڻ لڳو. کڙڪي تي جارن ۾ ويٺل ڪبوتر ڦڙ ڦڙ ڪندا اڏامي ويا. ھڪ چمڙو لامارو ڏيئي، سندس وارن سان لڳندو شھتير جي ٻيڪڙ ۾ گم ٿي ويو. دل ڄڻ ته پنهنجي جاءِ تان پٽجي، سيني جي قيدخاني ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس. اکين آڏو ننڍڙا ننڍڙا دائرا جھرمر ڪرڻ لڳس. ڪرڻ تي ھو، جو وڃي ڀت سان لڳو. ڪوٺيءَ ۾ ماٺ مسلط ٿي ويئي. فقط پينگھي لڏڻ جو چيڪاٽ خاموشيءَ  کي چيري رھيو ھو. ذھن جو گھمسان واچوڙن وانگر خيالن کي ورائي ويس. ويچارن جا ھزارين سلسلا ٺھيا ۽ ٽٽل تاري وانگر روشنيءَ جي ليڪ ٺاھي گم ٿي ويا. موھن جو دڙو کن ۾ ٺھي، ڊھي ويو. روح جي کنڊرن ۾ پڙلاءَ واڪا ڪرڻ لڳس. آخر ڪيئن ھڪ ڀيلياڻيءَ کي ايڏي ھمت ٿي! ڪيئن سيد جي ٻار کي پنهنجي غليظ، گنهگار پيٽ ۾ پالڻ جي ھمت ڪيائين! مان کيس ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي ختم ڪري ڇڏيندس. ھڪ دفعو ٻيھر ڪوٺيءَ ۾ ھر طرف خاموشي ڇانئجي ويئي. وحشتناڪ اوندھ ۽ ماٺ ۾ کيس پنهنجي دل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. تڏھن اوچتو، ڪنهن ٻه ھٿ سندس سيني تي ھنيا ۽ ھن کان دانهن نڪري ويئي. ننڍڙا، معصوم ٽھڪڙا ڪوٺيءَ ۾ ڪل ڪل ڪرڻ لڳا، ”چاچا ڏڪي ويو، چاچا ڏڪي ويو.“
شاھوءَ پنهنجي ڀائٽي کي ھنج ۾ کڻي سيني سان ڀڪوڙيندي چيو، ”ھا، مان ڏڪي ويو ھوس. مان ڏڪي ويو ھوس.“
ھن ڀائٽي کي اتي ئي ھنج مان لاھي ڇڏيو ۽ ذري گھٽ ڊوڙندو، پنهنجي ڪمري ۾ پھچي، اونڌي منهن ليٽي پيو.
سانجھيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ کي ڪارن ڪڪرن اونداھو ڪري ڇڏيو ھو. ماحول ۾ ھٻس ھئي. درياءَ مان ڄڻ اوٻر پي اٿيو. جڏھن به روھڙيءَ جي شام ۾ گھ ۽ ٻوسٽ انتها کي پھتي آھي، تڏھن، ڪٿان نه ڪٿان، واءَ جا واچوڙا ۽ مٽي ڀريل آنڌي اچي نڪرندي آھي.
شاھوءَ کي اندر ۾ آنڌ مانڌ ھئي. وھاڻي ۾ منهن لڪائي ڇڏيائين.
سراج در کڙڪائي سڏ ڪيو.
شاھوءَ کيس در کوليو. ھو سھڪندو سھڪندو اندر آيو. سڄو جسم پگھر ۾ ڀت ٿي ويو ھئس. لڳو ٿي ڄڻ ميلن جا ميل ڊوڙندو آيو ھو. پاڻ کي موڙي تي ڇڏي ڏنائين. قميص جي ٻانهن سان پگھر اگھندي چيائين، ”ڪمبخت ٻار ڄڻي وڌو.“
”اف،“ شاھوءَ ٻئي مٺيون وارن ۾ وڌيون ۽ پاڻ کي پلنگ تي ڇڏي ڏنائين. ڪيتريءَ دير تائين ٻئي دوست خاموش رھيا. پنهنجن پنهنجن خيالن ۽ ويچارن سان وچڙندا رھيا.
”ڪٿي آھي؟“ شاھوءَ خاموشي ختم ڪندي پڇيو.
”ھيرانند جي پراڻيءَ جاءِ  ۾ وڃي ڪارو منهن ڪيائين.“ سراج وراڻيو.
ڪجھ پڇڻ لاءِ لفظ شاھوءَ جي نڙيءَ مان نڪري، چپن تائين پھچي، پٺتي موٽي ٿي ويا. جيڪي ڪجھ پڇڻ چاھيائين، تنهن لاءِ پاڻ ۾ ھمت نه ڀانيائين. جواب جي تصور کان ڪنبڻيءَ ٿي ورتس.
نيٺ سموري سگھ سھيڙي پڇيائين، ”ٻار، ڇوڪرو آھي، يا-“
”ڇوڪري.“
”ڇوڪري!“ شاھوءَ جي وات مان رڙ نڪري ويئي.
ڀانيائين، ڄڻ ته ڪنهن کيس زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ابتو لٽڪائي ڇڏيو ھو. دنيا کي بولاٽيون کائيندي ڏٺائين. ڪائنات کي ڪيڪون ڪندي ٻڌائين.
”مون کي اڪيلائي گھرجي،“ شاھوءَ زخمي لھجي ۾ چيو، ”تون ھليو وڃ سراج.“
سراج شاھوءَ جي دل جي ڪيفيت پرکي ورتي ھئي. کيس جواب نه ڏنائين. پنهنجي جاءِ تان اٿي شاھوءَ وٽ اچي بيٺو. سندس ڪلھي تي ھٿ رکيائين ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڪمري مان نڪري ويو.
سراج جي وڃڻ کان پوءِ ھيبتناڪ اوندھ، اڪيلائيءَ ۽ خاموشيءَ ۾ شاھوءَ جو ھنييون جھرڻ لڳو. ٻن متضاد جذبن جا گھوڙا سندس سيني جي زمين پٽيندا رھيا. پاڻ کي جنهن پھاڙ جي چوٽيءَ تي بيٺل سمجھيائين، سو ڌٻڻ جو دڙو ٿي پيو، پگھر جا ريلا ڪنن جي وٿين ۽ ڪنڌ تي جوئن وانگر چرندي محسوس ڪيائين.
اکيون مھٽي بيچينيءَ مان پاسو ورايائين. تصور خزان جي سڪل پن وانگر وھمن جي واچوڙن ۾ ڀٽڪڻ لڳس. اھا گھڙي ياد آيس، جڏھن باليءَ جي عزت لٽي ھئائين. اھا ساعت ياد آيس، جڏھن باليءَ در وٽان ويندي ويندي، منهن ورائي چيو ھو، ’مان کارا ٺاھڻ شڏي ڏينديس.‘ باليءَ جون اھي دردناڪ نگاھون ياد آيس، جن ۾ ھن پويون دفعو ڏانهنس نهاريو ھو، ۽ اھي راتيون ياد آيس، جن ۾ ھن باليءَ کي ھميشه لاءِ وساري ڇڏيو ھو. اوچتو اکين آڏو ’ايڪسيلشر‘ جي يوناني رقاصھ اچي بيٺس، جنهن اڌ رات جو سندس ڪپڙا دريءَ کان ٻاھر ڦٽا ڪري، کيس ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ھو. ان شرمناڪ لمحي ۾ ھن پاڻ کي ھوٽل جي ورانڊي ۾ اگھاڙو بيٺل ڏٺو ھو. اوچتو، ڀيلن جي ٽوليءَ ۾ پنهنجي ڌيءَ کي ڀٽڪندي محسوس ڪيائين. کيس خيرات لاءِ ھٿ ٽنگيندي ڏٺائين. کيس جوان ٿيندي ڏٺائين. ڏٺائينس ته ڄڻ کارا ٺاھي رھي ھئي. آخر ۾ ڪنهن عيار ۽ مڪار مرد جي وعدن تي پنهنجي ڌيءَ کي عصمت جو انمول زيور ٻليدان ڪندي ڏٺائين.
ھو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. اوندھ ۾ اکيون ڦاڙي ھيڏانهن ھوڏانهن ڏٺائين. ڪجھ به ڏسڻ ۾ نه آيس. دل سيني ۾ کامي رھي ھئس. خيال ڪنهن ڀٽڪيل قافلي جيان مختلف رخن ڏانهن مڙندا رھيس. سرت جا ليڪا ڪنهن ابهم ٻار جي ٺاھيل نقش وانگر منجھيل محسوس ڪيائين.
پر اوچتو، ھڪ ليڪ، ھڪ واٽ کيس نظر آئي.
ھو ٽپ ڏيئي پلنگ تان اٿيو، بتي نه ٻاريائين. اوندھ ۾ ڪٻٽ جي خاني مان ريوالور ٻاھر ڪڍيائين. ريوالور ۾ گوليون ڀري، ڪٻٽ کي پٺي ڏيئي بيھي رھيو. اڳ جھڙي خاموشي نه ھئي. ڪمري جا در ۽ دريون ھوا ۾ کڙڪڻ لڳا. ھن پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو.
ٻه چار ڊگھيون ٻرانگھون کڻندو دڪيءَ تي اچي بيٺو. ريوالور تي رومال ويڙھي پتلون جي کيسي ۾ وجھي ڇڏيائين. ريوالور جو ڳن ٻاھر رھجي ويو، جنهن ۾ ھن پنهنجي مٺ قابو ڪري ڇڏي. ڪمري جو در بند ڪري ھيرانند جي پراڻي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو.
سڄي ڏينهن جي جلائيندڙ گرمي ۽ شام جي ٻوسٽ کان پوءِ واچوڙا لھي آيا ھئا. شاھو اکيون مھٽيندو، سوڙھين گھٽين مان ذري گھٽ ڊوڙندو ھيرانند جي پراڻيءَ جاءِ ۾ اچي بيٺو. اونداھين ڪوٺين ۾ ھوا گھوگھاٽ ڪري رھي ھئي.
ھو ورانڊي ۾ وڃي بيٺو. تاريڪيءَ ۾ کيس ڪجھ به ڏسڻ ۾ نه آيو. ھن کيسي مان باڪس ڪڍي تيلي ٻاري. گندرف جو شعار لاٽ ٿيڻ کان اڳ اجھامي ويو. ھو جو زور ويو ٿي وڌندو. ھن اڳتي وک وڌائي. پاسي واري ڪوٺيءَ مان کيس ٻار جي روئڻ جو آواز ڪن تي پيو. سندس دل ڪنبي وئي. بنا آواز ڪرڻ جي ھو ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيو. قدم ڪنهن نرم شيءِ سان لڳس ۽ گڏوگڏ ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز وڌي ويو. ھن ھڪدم پنهنجو پير پوئتي ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته ڪنهن بلا سان وڃي ٽڪريو ھو. ٻيھر تيلي ڪڍي ٻاريائين. ھڪ لمحي لاءِ لاٽ جاڳي ۽ وري گم ٿي ويئي. ان لمحي ۾ ھن باليءَ کي در وٽ بيسڌ ستل ڏٺو. ھو ڪجھ دير تائين پنهنجي ھمت ۽ قوت ڪٺي ڪندو رھو.
نيٺ شاھو ھيٺ ٿيو ۽ ٻارڙيءَ کي ھنج ۾ کڻي ورتائين. ٻارڙيءَ کي ھڪ ٻانهن ۾ جھلي، ساڄي ھٿ سان ريوالور ڪڍي ٻارڙيءَ جي مٿان جھلي بيٺو. ٻارڙيءَ جو منهن کانئس ايترو پري به نه ھو، جو کيس ڏسڻ ۾ ئي نه اچي ھا. ھن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ ريوالور جي نالي روئيندڙ ٻارڙيءَ جي وات ۾ داخل ڪيائين. اوچتو ٻارڙيءَ جي روئڻ جو آواز بند ٿي ويو. ھوءَ ٻچڪارون ڏيئي ريوالور جي سرد لوھ کي چوسڻ لڳي. شاھوءَ جي آڱر ٽريگر تي ڄمي ويئي.
واچوڙا زمين تان مٽيءَ جا بادل کڻي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳا. بڙ ۽ پپر جا سڪل پن پراڻي جاءِ جي ورانڊي ۾ ڦٿڪڻ لڳا.
شاھوءَ جي دل ۾ ڊپ جا ٻه جذبا جاڳي اٿيا- گناھ، ۽ ڏوھ جا جذبا. اول ھن خدا جي باري ۾ سوچيو ۽ پوءِ پوليس جي باري ۾. سوچيائين ته پوليس کي راضي ڪرڻ سندس ڏائي ھٿ جو ڪم ھو. دولت ھئس. پٺِ ھئس. اھڙن جو پوليس وار به ونگو ڪري نه سگھندي آھي. پتڪڙي ٻارڙي ته ڇا، ڏينهن ڏٺي، ڀريل بازار ۾ جانٺو جوان به ماري وجھي ھا، ته به پوليس ڏانهنس اک کڻي نه ڏسي ھا. ائين ٿيندو  رھيو ھو. اھو ئي دستور ھو، کيس ڄاڻ ھئي. باقي رھيو خدا! سو خدا کان ايترو ڊپ محسوس نه ڪيائين. پاڻ کي پرچايائين، ته اھو ڪم خدا جي راھ ۾ ڪري رھيو ھو. ساداتن جي ٻارڙيءَ کي ڀيلن ۾ ڀٽڪڻ کان بچائڻ لاءِ ڪري رھيو ھو. آخرت ۾ الله اجورو ڏيندس. سوچيائين، ته جيڪڏھن ائين نه ٿيندو، ۽ الله ناراض ٿي ويو، ته پوءِ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ وٽس زبردست خانداني شجرو ھو. لوھ ٿيل دماغ ۾ خيال آيس، ته جن سندس شجري جي ارتقا ڪئي ھئي، سي سڀئي جنت ۾ ھوندا. الله سائينءَ کي راضي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا.
سندس خيالن جو سلسلو ڪچي ڌاڳي وانگر ڇڄي پيو. وھمن ۽ سنڪن جا موتي منتشر ٿي ويا. ڪرڻ تي ھو جو ڀت سان وڃي لڳو. باليءَ پنهنجون ٻانهون سندس ٽنگن ۾ قابو ڪري ڇڏيون ھيون. شاھوءَ کان ھمت موڪلائي ويئي. دل جو پکي پرڙا ھڻڻ لڳس.
”ڪير آھين؟“ باليءَ ڪمزور آواز ۾ ڳالھايو.
شاھو خاموش رھيو.
”ڪھرو آھين؟ منهنجي ڌيءَ کي توئي کنريو آھي.“
شاھو خاموش رھيو.
”ٻڌائين شو نٿو؟ ڪھرو آھين؟“ باليءَ ليلايو، ”ڪير آھين تون.“
شاھو خاموش رھيو.
ھوءَ روئي پئي. ”تون منهنجي ڌيءَ کي ماررن آيو آھين،“ ھن جھيڻي آواز ۾ چيو، ته مون کي مار، ھن کي نه مار.“
شاھو خاموش رھيو. ھن سندس ٽنگون ڇڏي ڏنيون. ھوءَ دانهن ڪري اٿي بيٺي. اوندھ ۾ شاھوءَ کي سڃاڻي نه سگھي.
اوندھ ۾ ٻئي ڪجھ دير تائين اجنبين وانگر ھڪ ٻئي جي سامھون بيٺا رھيا. لوھ جي نالي ٻارڙيءَ کي ممتا نه ڏيئي سگھي. ھوءَ روئڻ لڳي. باليءَ کان رھيو نه ٿيو. زخمي عقاب جيان جھٽ ڏيئي، پنهنجي ڌيءَ شاھوءَ جي ٻانهن مان کسي ورتائين. شاھوءَ ٻارڙي موٽائي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي. جنهن ھٿ ۾ ريوالور ھئس، سا ٻانهن ھيٺ ڪري ڇڏيائين.
باليءَ ٻارڙيءَ کي پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ ڊنل ڊنل نگاھن سان شاھوءَ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر ھوءَ شاھوءَ کي سڃاڻي نه سگھي.
ھوءَ آھستي آھستي سخت فرش تي ويھي رھي. ٻارڙيءَ کي ٿڃ ڏيندي، شاھوءَ کي چيائين، ”کبر ٿئي ھي ڪھجي ڌيءَ آھي؟“
شاھوءَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ھن جواب نه ڏنو. خاموش رھيو.
ٻارڙيءَ کي ٻانهن ۾ ڀڪوڙيندي باليءَ ٻيھر چيو، ”ماررن آيو ھئينس نه! کبَر به ٿئي ھيءَ ڪھجي ڌيءَ آھي؟“
شاھوءَ جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. لوندڙيءَ جون رڳون سيٽجي ويس ۽ دماغ ڌنوڻ لڳيس.
باليءَ جي ممتا اٿلي پئي. ٻارڙيءَ کي پيار منجھان چمڻ لڳي، پشم جھڙا وار، ڪپھ جھڙا ڳل ۽ پتڪڙا پتڪڙا، نازڪ نازڪ ھٿ ور ور ڪري چمڻ لڳس. ايتريون ته مٺيون ڏنائينس جو ٻارڙي روئي پئي.
”نه منهنجي جيجان توکي ڪيل مالي،“ ھوءَ ٻارڙيءَ کي سرچائڻ لڳي. اوچتو ڪو خيال اينديئي، منهن مٿي ڪري، اوندھ ۾ بيٺل شاھوءَ ڏانهن ڏسندي چيائين، ”کبر ٿئي ھيءَ ڪنهنجي ڌيءَ آھي؟“
شاھوءَ جواب نه ڏنس. کيس خاموش ڏسي باليءَ پاڻ ئي وراڻيو، ”ھن جو ڪوبه پيءُ ڪونهي. ھن جو ڪوبه پيءُ ڪونهي.“
بالي اوڇنگارون ڏيئي روئي پئي.
شاھو ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاھر ورانڊي ۾ اچي بيٺو. ڪجھ سڪل پن سندس قدمن ۾ چيچلائي خاموش ٿي ويا. ھوا جو زور وڌي ويو ھو. پراڻي جاءِ جا بنياد ڪنبي رھيا ھئا. ماحول کي تاريڪي وڪوڙي وئي ھئي. گھگھ اوندھ ۾ بالي شاھوءَ کي سڃاڻي نه سگھي.

No comments:

Post a Comment