Sunday, February 20, 2011

جادوءَ جي ديڳڙي - الطاف شيخ


جادوءَ جي ديڳڙي
الطاف شيخ 

ڪمبوڊيا جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب عورت رهندي هئي. هن کي هڪڙو پٽ هو. هو ويچارا تمام غريب هئا. ڏئي وٺي هنن وٽ بس هڪ ڍڳي هئي جيڪا ايترو ته گهٽ کير ڏيندي هئي جو سندن پيئڻ لاءِ ئي مس پورو ٿيندو هو. وڌيڪ هڪ پاءُ به  نه بچندو هو جو کڻي وڪڻي گهر جي لاءِ ڪو سيدو سامان وٺي سگهن. ٻئي ماءُ پٽ شهر جي هڪ دڪاندار کان ضرورت جو سامان اوڌر تي وٺي گذر ڪندا هئا. هن دڪاندار جي هر شيءِ جي قيمت جيتوڻيڪ تمام گهڻي هئي پر هي مجبور هئا جو هنن وٽ پئسو ڪونه هو جو ٻئي ڪنهن دڪان تان وٺن ۽ اوڌر فقط هن ڏني ٿي.


هڪ ڏينهن دڪاندار عورت وٽ آيو ۽ چيو: ”سڀاڻي شام تائين منهنجو سڄو قرض واپس ڪر نه ته  مون کان وڌيڪ خراب ڪير نه هوندو.“
ويچاري عورت وٽ هڪ ٽڪو پئسو به نه هو. هوءَ دڪاندار جو ايترو جلد قرض لاهي ته ڪيئن لاهي. هن پنهنجي پٽ کي چيوته پڙيءَ تي وڃي ڍڳي وڪڻي اچ. ان مان جيڪي پئسا ملندا اهي دڪاندار کي ڏئي ڇڏينداسين.
نينگر ڍڳيءَ کي وٺي مال جي پڙي ڏي وڃي رهيو هو ته رستي تي هڪ پوڙهو ماڻهو مليس. پوڙهي جي هٿن ۾ هڪ ديڳڙي هئي. هن ڇوڪري کان پڇيو: ”پٽ، ڪيڏانهن پيو وڃي؟“
”ڇوڪري پوڙهي کي سڄو احوال ٻڌايو. پوڙهي ڳالهه ٻڌي هن کي چيو؛ ”فڪر نه ڪر. تون مون کي پنهنجي ڍڳي ڏي جنهن جي بدلي ۾ آئون توکي هيءَ ديڳڙي ڏئي ڇڏيندس.“
”پر منهنجي ماءُ کي ته پئسا کپن. هن کي دڪاندارن کان ورتل اوڌر موٽائٽي آهي.“ ڇوڪري چيو.
پوڙهي چيو: ”هيءَ ديڳڙيءَ وڏي ڪم جي آهي. ان کي چلهه تي رکي پوءِ جيڪا شيءِ گهرندين ته هوءَ آڻي تو وٽ حاضر ٿيندي.“
ڇوڪري جنهن کي ڍڳي ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ ديڳڙي وٺي گهر ڏي موٽيو. ماءُ هن جي سڄي ڳالهه ٻڌي ڪاوڙجي پئي. ظاهر آهي ڪٿي هيڏي مهنگي ڍڳي ۽ ڪٿي هيءَ معمولي استعمال ٿيل ديڳڙي. پٽ کي دڙڪا ڏيندي چيو: ”تون به ڪيڏو ته بيوقوف آهين. هن ڪاري چٻي ديڳڙي جي بدلي ۾ تون هن پوڙهي کي ڍڳي ڏئي آيو آهين.“ اهو چئي پوءِ هن ڇوڪري کي ڏاڍي مار ڏني.
پر ڇوڪري کي پوڙهي جي ڳالهه تي يقين هو ته هن جيڪي چيو آهي اهو سچ چيو آهي. هن ديڳڙيءَ کي چلهه تي رکيو ۽ جيئن ئي باهه جو سيڪ ديڳڙيءَ جي تري تي لڳو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.”هاءِ، هاءِ. آئون هاڻ وڃان ٿي.“
”ڪيڏانهن وڃين ٿي؟“ ڇوڪري ديڳريءَ کان پڇيو.
”آئون دڪاندار جي رڌڻي ۾ وڃان ٿي.“ اهو چئي ديڳڙي نظرن کان غائب ٿي وئي. ٿوري دير بعد هي کڻي ڏسن ته ديڳڙي وري چلهه تي رکي آهي. پر هاڻ اها پهرين وانگي خالي نه هئي. هن ۾ مزيدار پلاءُ پيو هو.
ماءُء پٽ پليٽون ڀري ڀري پلاءُ کاڌو ۽ پوءِ ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهيا. پر پوءِ ٿوري دير کانپوءِ ماءٌ وري رڙيون ڪرڻ شروع ڪيو.
”اڄ جي ماني ته اسان کي هن ديڳڙيءَ آڻي ڏني سڀاڻ جو ڇا ٿيندو؟
اهو ٻڌي ديڳڙيءَ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”آئون هينئر جو هينئر وڃان ٿي.“
ڪيڏانهن وڃين ٿي؟“ ڇوڪري کائنس پڇيو.
”دڪاندار جي ٽجوڙيءَ ۾.“ ديڳڙيءَ وراڻيو ڏسندي ئي ڏسندي هوءَ اکين کان غائب ٿي وئي.ڪجهه منٽن بعد هو جڏهن واپس آئي ته ڪنن تائين نوٽن ۽ سڪن سان ڀريل هئي. ڇوڪرو ۽ هن جي ماءٌ نوٽ ڳڻڻ لڳا. ايتري ۾ چلهه جي بخاري (چمنيءَ) مان ڪنهن جي دانهن ڪوڪن جوآواز ڪنن تي پيو. اهي آواز دڪاندار جا هئا. هو رڙيون ڪري بچاءَ لاءِ سڏ ڪري رهيو هو.
”بچايو، بچايو. مونکي بچايو. آئون مران ٿو.“
اصل ۾ ٿيو هيئن هو ته جڏهن ديڳڙي دڪاندار جي ٽجوڙي ۾ گهڙي ته دڪاندار ان کي پئسا چورائيندي ڏسي ورتو. جڏهن ديڳڙي دريءَ منجهان اڏامي نڪرڻ لڳي ته دڪاندار ڊوڙي ان کي کڻي سوگهو جهليو ۽ ديڳڙي سان گڏ گڏ اڏامندو اچي عورت جي گهر تائين نڪتو. ديڳڙي چلهه جي بخاريءَ ۾ گهڙي اچي هيٺان نڪتي پر دڪاندار هيڪاندو ٿلهو هجڻ ڪري ان۾ ڦاسي پيو.
ڇوڪري دڪاندار کي چمنيءَ (بخاريءَ) ۾ ڦاٿل ڏسي باهه ۾ ٻيا به ڇوڏا ۽ ڇيڻا وڌا جنهن مان نڪتل دونهين ۾ دڪاندار جو ساهه گهٽجڻ لڳو. هو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو: ”خدا جي واسطي مون کي بچايو. آئون توهان جو سڄو قرض معاف ڪري ڇڏيندس.“
عورت دڪاندار جي مدد لاءِ ڊوڙي پر ڇوڪري کيس جهليندي چيو ”امان، هن کي متان ڪڍيو اٿئي.“
دڪاندار وري رڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”خدا جي واسطي مون کي ٻاهر ڪڍو. آئون سڄو قرض ته معاف ڪندس پر سڄي ملڪيت توکي ڏئي ڇڏيندس.“
اهو ٻڌي ڇوڪرو مٿي کڏ تي چڙهيو ۽ دڪاندار کي بخاريءَ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.
هڪ هفتي کانپوءِ دڪاندار پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان عورت جي پٽ سان ڪرائي ۽ پنهنجي سڄي دولت ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏي.
پر هن ديڳڙيءَ جو ڇا ٿيو؟
ديڳڙيءَ شادي وارو ڏينهن بيحد عمدا عمدا کاڌا ٺاهيان ان بعد غائب ٿي وئي.



No comments:

Post a Comment