Thursday, February 17, 2011

خوني رات -امر جليل



خوني رات


امر جليل

هڪ خاموش ۽ اونداهي رات ۾، جڏهن سنڌ تي اوڀر کان ڪارا ڪڪر ڪاهي آيا هئا، ٻه نوجوان هڪ ٻئي کي قتل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ کان روانا ٿيا. نه اڳ پاڻ ۾ مليا هئا۽ نه ئي هڪ ٻئي کي ڏٺو هئائون. ٻنهي فقط هڪ ٻئي جو نالو ٻڌو هو ۽ سرڪشيءَ جا ڪارناما ٻڌا هئا.
هڪ ٻئي کي خون ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري، هو ٻئي رات جي تاريڪيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي دشمن جي ڳولا۾ نڪري پيا. ٻنهي کي سنڌوءَ جي ڪپ تي، ستين جي آستان ڀرسان، سڪي ساڌ ٻيلي وٽ مقابلو ڪرڻو هو.
جمال رائيفل ڪلهي سان لٽڪائي، چلڪندڙ خنجر چيلهه سان ٻڌي، ڪاري گهوڙي تي چڙهي ٺيڙهيءَ کان روانو ٿيو. جمال جي رواني ٿيڻ جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي هئي. جيتوڻيڪ رات جو پهريون پهر وهامي ويو هو، پر تڏهن به ڳوٺ جا مرد ۽ عورتون، ٻار ٻڍا کيس الوداع ڪرڻ لاءِ ٺيڙهيءَ ٻاهران، ڏامر جي سخت رستي تي اچي گڏ ٿيا هئا. جمال جڏهن ڳوٺ ٻاهران کوهه وٽ پهتو ته هڪ ضعيف عورت سندس گهوڙي جي واڳ ۾ هٿ وڌو. گهوڙو هڻڪيو. ٽهيو. نراکنيائين ته جمال فولادي ٻانهن سان رينن کي سٽ ڏيئي گهوڙي جي هستي مستي مات ڪري ڇڏي. ضعيف عورت ڪنبندڙ آواز چيو، “خالقوءَ جي پيءُ منهنجا ٽي جوان پٽ ماريا هئا. تون مئي خالقوءَ جا ڳترا ڳترا  ڪري ڇڏجانءِ.”
جمال جواب نه ڏنس. خاموش رهيو. اکين ۾ خالقوءَ لاءِ نفرت ۽ حقارت تري آيس. هن گهوڙي کي اڙي هنئين ۽ اڳتي وڌي ويو. ماڻهو اونده ۾ سندس مُنهن تي نفرت جا آثار ڳولي رهيا هئا.
پرڀرو هڪ اڌڙ عمر جي شخص گهوڙي سان وک کڻندي چيو،  “خالقوءَ جو پيءُ  ڀريل ڄڃ مان منهنجي ڪنوار کڻي ويو هو.” 

 
جمال پنهنجو هٿ اُن شخص جي ڪلهي تي رکي هلڪو زور ڏنو. ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. اونده ۾ هڪ ٻئي جي منهن تي پيدا ٿيل تاثر ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائون.
ان شخص چيو، “منهنجي سيني تي ڏنڀ آهن، جمال.” جمال کي ڪاري ململ جي ٻٽ ٻڌل هئي. اونده ۾ سندس اکيون ڪيهر جي اکين جيان چمڪي رهيون هيون. هن ٻٽ کوليندي وراڻيو، “ جيڪڏهن جيئري هوندي، ته مان تنهنجي ڪنوار موٽائيندس.” ان شخص چيو، “ خالقوءَ جي پيءُ جي کاريل رن کي مان کوهه ۾ اڇليندس.”
جمال وراڻيو، “ ان ۾ اُن بدنصيب عورت جو ڪهڙو ڏوهه!”
“ اسين سنڌي آهيون، جمال” اُن شخص ڳوري آواز ۾ چيو “اسان پَلوءُ ڪندا آهيون. منهنجي زال ڪاري ٿي چڪي. مون کي خالقوءَ جو لاش گهرجي يا خالقوءَ جي ڀيڻ.”
جمال کيس جواب نه ڏنو. رين ڍري ڪيائين . گهوڙي ٻه چار وکون مس کنيون جو هڪ قداور شخص پيهه مان نڪري جمال جي سامهون اچي بيٺو.
قداور شخص اڳتي وڌندي چيو، “ مونکي سڃاڻين ٿو جمال؟”
“ هائو.”
“ خالقوءَ جا ماڻهو منهنجو فصل ساڙي، مال ڪاهي هليا ويا آهن.”
“ مون کي خبر آهي،”  جمال وراڻيو، “ مان خالقوءَ جو لاش گهوڙي جي پڇ سان گيلهيندو ايندس.”
جمال گهوڙي کي اڙي هڻي ڇوٽ ڇڏي ڏنو. گهوڙوسنبن سان مٽي اڏائيندو ٺيڙهي جي پيچرن کان پري نڪري ويو.
هجوم مان مختلف آواز اُڀريا، “ خالقوءَ جو لاش.”
“ خالقوءَ جو سر لاهي کڻي اچجانءِ جمال.”
“ شل جواني ماڻين جمال، خالقوءَ کي گهوڙي جي سنبن ۾ چچري ڇڏجانءِ.”
جمال هڪ هٿ سان ٻُٽِ ٻڌي گهوڙي جي واڳ روهڙيءَ ڏانهن ڪري ڇڏي. گهوڙو رات جي خاموشيءَ جو جگر ڏاريندو، اوندهه جو سمنڊ جهاڳيندو، اڳتي ڌوڪيندو ويو.
رات جي ساڳي پهر، خالقوءَ بندوق هني سان لٽڪائي ۽ لانگ ورائي پنهنجي اڇي، کير جهڙي گهوڙي تي چڙهي ويٺو. رڪاب ۾ پير پختو ڪري، سٿر تي هٿ ڦيرائي روالور جي چڀندڙ نالي پاسيري ڪري ڇڏيائين. مٿو اُگهاڙو هوس. ڪلهن تي اجرڪ ويڙهي، گهوڙي کي اڙي هينائين. گهوڙي جي ڪنڌ جون مشڪون سيٽجي ويون. هڻڪيو. اڳيان سڀ مٿي ڪري گول دائري ۾ چڪري هڻي، اک ڇنڀ ۾ سانگين جي جهڳين ۽ ڪچن گهرن کي پوئتي ڇڏي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويو.
خالقوءَ پنهنجين طاقتور ٻانهن سان لغام کي سٽ ڏيئي گهوڙي کي بيهاري ڇڏيو.
ڳوٺ ٻاهران مٽيءَ جي دڙن تي ڳوٺاڻا سندس انتظار ڪري رهيا هئا. کين اوندهه ۾ خالقوءَ جوا ڇو گهوڙو تاريڪيءَ ۾ ترندو نظر آيو. راڪاس جهڙي خالقوءَ گهوڙي کي مٽيءَ جي دڙن وٽ آڻي بيهاريو.
گهڙي کن ماڻهن پاڻ ۾ سر گوشي ڪئي ۽ خاموش ٿي ويا. سندن اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو وقت جي ڪنڌ ۾ ڄڻ  زنجير پئجي ويو، ۽ وقت حالتن آڏو ڪنڌ نوائي بيهي رهيو. سڀني جون نگاهون خالقوءَ تي کپيل هيون.
هجوم مان هڪ عورت ماڻهن کي ڌڪيندي، پاسي ڪندي خالقوءَ جي سامهون اچي بيٺي. خالقوءَ ڏانهنس نهاريو. هو اونده ۾ چهرو ڏسي نه سگهيو. عورت چيو، “ ٽيون ورهيه جمال جي پيءُ منهنجو گهر وارو ماريو هو.”
عورت جو آواز ڀرجي آيو. لفظ نڙيءَ ۾ وچڙي پيس. خالقوءَ ٻانهن سڌي ڪري عورت جي مٿي تي هٿ رکيو. هڪ سڏڪو عورت جي ساهه سان وچڙندو هليو ويو.عورت سڏڪن ۾ چيو، “ اسان جي شاديءَ کي هفتو کن مس ٿيو هو.”
“ جمال جو پيءُ جيئرو هجي ها ته مان جيڪر سندس لاش جا ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيان ها، ڀيڻ.” خالقوءَ جي آواز ۾ بيپناهه نفرت هئي ۽ هو ساڳئي لهجي ۾ چوندو رهيو. “ مان جمال جي لاش جون ٻوٽيون سانگي ڳوٺ جي ڪتن کي کارائيندس. اسان اهڙو پلئه ڪندا آهيون.”
عورت منهن رئي ۾ لڪائي هڪ طرف هلي ويئي. خالقو چپ ڀڪوڙي اڳتي هليو ويو. هڪ ننڍڙي دڙي وٽان لنگهندي، ڪنهن شخص پنهنجو هٿ خالقوءَ جي گهوڙي جي واڳ ۾ وڌو گهوڙو ڇر ڪيو. نرا کڻڻ تي هو جو خالقوءَ ٻچڪار ڏيئي ماٺو ڪيس. هڪ ڪراڙو مرد دڙي تان لهي آيو.
 ڪراڙي کان اکر نٿي اُڪليو ڪجهه دير خاموش بيهڻ کان پوءِ هن خالقوءَ جي ڪلهي ۾ هٿ وجهي کيس ڇڪي هيٺ ڪيو.ڄڻ ته ڪجهه رازدريءَ ۾ چوڻ ٿي چاهيائينس. خالقوءَ پنهنجو منهن ڪراڙي جي منهن ڀرسان ڪري ڇڏيو. نيٺ ڪراڙي ڪنبندڙ آواز ۾ ڳالهايو، “مان بيشرم آهيان جو اڃان به پيو تڳان.”
خالقوءَ جي لونءَ لونءَ ڪانڊار جي وئي. چيائين، “تو به ته پنهنجي ڌيءُ جو خون ڪري ڇڏيو.”
“هوءَ ڪاري هئي خالقو” پوڙهي کيس رهڙيندي چيو، “منهنجن پوڙهن هٿن مونسان دغاڪئي، نه ته جمال کي به ٿڏي تي ماري وجهان ها.”
خالقو ڪلهو ڇڏائي سنئون ٿي ويٺو. ڪراڙي چيس، “ مون کي جمال جو لاش آڻي ڏي، خالقو.”
خالقو کيس جواب نه ڏنو. سندس ڪلهي تي همدرديءَ وچان هٿ رکي، اڳتي وڌي ويو.
پوئين دڙي وٽ ڳوٺ جي مرشد سائين خالقوءَ کي ترسايو. چيائينس،
 ” اڙي اهو جمال مون سيد مان به نه مڙيو. منهنجو سمورو فصل ساڙائي ڇڏيائين.”
“ دل نه لاهه سائين،” خالقوءَ کيس دلداري ڏيندي چيو، “ جيستائين هن ڳوٺ جو ٻچو ٻچو جيئرو آهي، تنهنجي جهولي خالي نه ٿيندي.”
“ مون کي دولت نه، جمال جو لاش گهرجي.”
“ فڪر نه ڪر سائين.” خالقوءَ وراڻيو، . مان جمال جو لاش آڻي تنهنجن قدمن ۾ اُڇليندس.”
مرشد گد گد ٿيو، چيائين “ ڀلي مون کان تعويذ تڙ به وٺي وڃ، فتح پائيندين.”
خالقوءَ وارڻيو، “ اڃان منهنجن ٻانهن ۾ جمال کي ڇلڻ جي طاقت آهي.”
خالقوءَ جو جواب ٻڌي ڳوٺاڻن جي پيرن هيٺان ڌرتي نڪري ويئي. ڪنهن صلاح ڏس، “ ڪفر ٿو بڪين خالقو تعويذ وٺي وڃ.” ۽ جڏهن خالقو تير وانگر پيهه وٽان لنگهي ويو، تڏهن سندس ڪن تي ڪنهن عورت جو آواز پيو، “ بدزبان خالقو تعويذ وٺي وڃ، نه ته تون نه موٽندين.”
خالقوءَ پنهنجي گهوڙي جورخ روهڙيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو. ڪائنات جي اونده کان وڌيڪ ٻنهي جوانن جي دل ۾ نفرت ۽ حقارت جي اونده هئي. چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ سڄي بدن جون مشڪون وٽجي سٽجي لوهه ٿي ويون هئن. اکيون دشمن جي وجهه ۾ کتل هئن. رفتار قائم رکڻ لاءِ گهوڙن کي اڙيون هڻي رهيا هئا. گهوڙن جون ناسون ڦونڊار جي ويون هيون . پنهنجي پويان سنبن سان مٽيءَ جا ڪڪر اُڏائيندا، سرڙاٽ ڪندا، منزلون ماريندا ويا. گهوڙا ائين ٿي آيا ڀانءِ وڄ جو چمڪاٽ هئا. ڄڻ ته انساني نفرت حيواني رڳن۾ به شامل ٿي رهي هئي.
جمال پنهنجي گهوڙي کي ٻٻرلوءِ وٽ ساهي پٽائي. گهوڙي سان گڏ پاڻ به سهڪي رهيو هو. پاڻ مسجد جي مٽ مان ٽين جو دٻو ڀري يڪ ساهي پي ويو. قميص جي ٻانهه سان وات اُگهي، شهپرن تي هٿ ڦيري گهوڙي کي ڪنڌ تي ٿڦڪي ڏنائين. سندس هٿ گهوڙي جي ڪنڌ مان ٽمندڙ پگهر ۾ آلو ٿي ويو. گهوڙو هڻڪيو. اونده ۾ منهن ورائي مالڪ کي ڳولڻ لڳو. جمال گهوڙي کي واڳ کان ورتو ۽ ڪسيءَ تي آڻي بيهاريائينس. گهوڙي پنهنجو وات ناسن سميت ڪسيءَ جي پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو.
جمال ڪلهي تان رائيفل لاهي هٿ ۾ جهلي. آرس موڙي بدن جو ٿڪ ڀڳائين. رائيفل تي هٿ جي گرفت مضبوط ڪري ٻي هٿ جون آڱريون رائيفل جي ناليءَ تي ڦيرائڻ لڳو. هزارين خيال کن ۾ آيا ۽ سندس ذهن کي باهه ڏيندا هليا ويا. خالقوءَ کي گولين سان ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏڻ جو جذبو ٻين جذبن تي حاوي پئجي ويس. سندس آڱريون رائيفل جي ٽرگر تي رڪ وانگر ڄمي ويون، خالقوءَ جي تصوير تصور ۾ ظاهر ٿي بيٺس. سندس نگاهون تصور جي دائرن کي چنبڙي پيون. تڏهن اوچتو، جمال رائيفل جو رخ آسمان ڏانهن ڪيو ۽ پهرين آڱر کٻ کاڌل ٽرگر تي کپائي ڇڏيائين. سندس ڏوري جون مشڪون ٿڙڪڻ لڳيون، هڪ گولي زوڪاٽ ڪندي رائيفل جي ناليءَ مان نڪتي ۽ ڪڪرن جي ڪارن تهن مان پارهلي وئي. اونداهن وڻن تي ويٺل پکين ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو ۽ ڳوٺ جا ڪتا ڀونڪڻ لڳا. جمال ڇرڪيل گهوڙي تي لانگ وارئي ويٺو ۽ هوا وانگر ٻٻرلو کان ٻاهر هليو ويو. پٺيان، اونده ۾ ڪيتري دير تائين پکي وڻن جي ٽارين سان وچڙندا رهيا ۽ پرڙا ڦڙڪائيندا رهيا.
جمال اونده جا پاٽ ڦاڙيندو اڳتي ڌوڪيندو ويو. ڪروڌ ۾ سندس ڏند جڪڙجندا ويا. جيل جي ڀت وٽان ڦيرو کاڌائين ته سکر بيراج جي بتين جي روشني اکين ۾ اچي لڳس. گهوڙو ٿورو ڇرڪيو. ٽهيو. ڪچو ڇڏي پڪي سڙڪ تي چڙهي آيو. سنبن جي آواز تي ٻهراڙيءَ جاڪتا ڀونڪڻ لڳا.جيل جي در تي کونگهرا هڻندڙ سپاهي خبردار ٿي بيٺو. جمال لغام کي سٽ ڏيئي گهوڙي کي ڪچي ۾ لاهي ڇڏيو. بيراج جون بتيون کيس ويجهو پونديون پي ويون . بيراج ۽ روهڙي کان ايندڙ بند جي وچ ۾ هڪ سپاهي ڪرسيءَ جي ٽيڪ سان مٿو ٽيڪي ننڊ ۾ الوٽ پيو هو رائيفل سندس پاسي ۾ ڏامر جي رستي تي پئي هئي. بئراج روڊ وٽ ڪچو ختم ٿي ويو.  جمال گهوڙي جي رفتارڍري ڪري ڇڏي ۽ روشنيءَ کان بچندو ، پاڇن ۾ لڪندو بئراج  ڏانهن وڌڻ لڳو.
سنڌو درياهه بيراج جي درن سان لڙ ڪري رهيو هو. بيراج جي پهرين وراڪي وٽ جمال اوچتو ئي اوچتو گهوڙي کي اڙي وهائي ۽ تير وانگر سپاهيءَ وٽان لنگهي ويو. سپاهي ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو جيستائين اکيون مهٽي رائيفل ۾ هٿ وڌائين، تيستائين جمال نارا ڪينال ٽپي بڙن جي گگهه  اونده ۾ گم ٿي ويو.
سنڌوءَ جي پرئينءَ ڀر جيتوڻيڪ سکر جي بندر جون بتيون ٽمڪي رهيون هيون، روهڙيءَ جي رستي تي هيبتاڪ اونده هئي. ٻٻرلوءِ کان نڪرندي به جمال آسمان تي ڪارا ڪڪر ڏٺا هئا، پر اونده ايڏي نه هئي جوهٿ هٿ کي نه ڏسي سگهي. پر  نم، بڙن ۽ پپرن جي گهاٽن وڻن هيٺان لنگهندي کيس سچ پچ  اونده ۾ پنهنجو هٿ به ڏسڻ ۾ نه آيو سندس ساڄي هٿ تي قاضين ۽ قريشين جا باغ هئا جن ۾ بيٺل کجيون چٽڪٻرن ڪڪرن جي پس منظر ۾ راڪاسن وانگر واءُ ۾ ڄڻ وار کولي لڏي رهيون هيون. ڪنهن ڪنهن وقت رکي رکي ڪو ٽانڊاڻو ٽمڪيو ٿي ۽ وري ٻاٽ اونده ٽانڊاڻي جي جوت ڳڙڪائي پي ڇڏي.
جمال پنهنجي گهوڙي جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي ايڏي اونده ۾ کيس پنهنجو ساهه ٻوساٽجندو محسوس ٿيو. هن پٺيءَ جو ڪنڊو سنئون ڪري ٻه چار اونها ساهه کنيا ائين ڪرڻ سان کيس جڪڙيل سيني ۾ سڪون محسوس ٿيو. سندس ذهن مان انيڪ خيالن جو نه کٽندڙ سلسلو ڦٽي نڪتو.  ڳوٺاڻن جا جملا سندس دماغ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙاڏا ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ کيس خالقوءَ جو خيال آيو. ڪيئن هوندو؟ سوچيائين. کن ۾ هڪ قوي هيڪل جوان سندس نگاهن ۾ تري آيو. جمال پنهنجي رائيفل ۾ هٿ وڌو . خالقو قداور آهي، سندس سينو ويڪرو آهي، هن ڀڻڪيو، مان هڪ گوليءَ سان سندس دل چٽي کيس اُڦٽ ماري سگهان ٿو! پر ڇو؟ هن پاڻ کان پڇيو. ٻئي لمجي پاڻ کي پاڻ جواب ڏنائين، اسان سنڌي آهيون، صدين جا پلوءَ ڪندا آهيون. خالقوءَ جي پيءُ جي ڪڌن ڪرتوتن جي سزا خالقوءَ کي ڀوڳڻي پوندي” هن سوچيو. خيالن ۾ ڳالهايائين ۽ ڳالهائيندو رهيو.
جڏهن وڻن جي اوٽ کان لينڊس ڊائون پل جون بتيون ظاهر ٿيون، تڏهن جمال پنهنجو رات جهڙو ڪارو گهوڙو هڪ وڏي بڙ جي اوٽ ۾ بيهارويو. سامهون. کانئس سڏ پنڌ تي سڪو ساڌ ٻيلو هو. جمال ڪجهه دير تائين ساهه روڪي سڪي ساڌ ٻيلي جي ڊٺل ڪوٺين ڏانهن چتائي ڏسندو رهيو. گگهه اونده ۾ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. ڪجهه دير دم پچائي هو خالقوءَ جي سڏ جو انتظار ڪندو رهيو. سندس ڪن ڪنهن آواز لاءِ واجهائڻ لڳا. تڏهن اوچتو اونده ۾ ڪجهه سڪل پن کڙڪيا ۽ ڀري پيا.
جمال هڪدم پنهنجو هٿ رائيفل ۾ وجهندي چيو، “خالقو مڙسن وانگر مقابلو ڪجانءِ.”
جواب جو انتظار ڪيائين. جواب نه مليس. سندس دل ۾ شڪ جا ڳيو. خالقوءَ کي هر هڪ وڻ جي اوٽ ۾ لڪل محسوس ڪيائين. سندس لونءَ  لونءَ ڪانڊارجي ويئي. سڪل پنن جي ڀرڻ جو آواز ٻيهر سندس ڪن تي پيو. ڪنهن ڄڻ سنڀالي وک کنئي هئي. “ متان ڀاڙي ٿيو آهين، خالقو.” هن رڙ ڪري چيو. کيس جواب نه مليو. سندس شڪ پختو ٿي ويو. دوکي جي پڪ ٿي ويس. سمجهيائين ته سامهون اچي مڙسن وانگر مقابلو ڪرڻ بدارن خالقو لڪي ڇپي مٿس وار ڪندو. بچاءَ لاءِ سامهون ويڪرو ٿڙ هوس، پر سندس پٺ خالي هئي. هر لمحي پٺيءَ ۾ خنجر لڳڻ جو احساس ويس ٿي وڌندو.
تڏهن، هن ساڌ ٻيلي جي ڊٺل ڪوٺين ۾ لڪي ويهڻ جو فيصلو ڪيو. گهوڙي جو منهن ساڌ ٻيلي ڏانهن ڪري، پير رڪيب ۾ پختا ڪري هن، چپن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ گهوڙي کي کپائي اڙي هنيائين. گهوڙي جا چارئي سنڀ ڌرتيءَ تان کڄي ويا. اک ڇنڀ ۾ گهوڙو سُڪي ساڌ ٻيلي جي ٻاهرين ڀت وٽ وڃي پهتو. ان کان اڳ جو جمال گهوڙي جي رفتار گهٽ ڪري، گهوڙي جون اڳيون ٽنگون ڪنهن شي سان وچڙيون. گهوڙي ٿاٻو کاڌو. جمال جا ٻئي پير رڪيب مان نڪري ويا. اڇل کائي ڀت جي ڀرسان وڃي ڪريو. ٻي لمحي گهوڙي ڪنڌ تي قلابازي کائي، جمال جي ڀرسان اچي ڦهڪو ڪيو.
جمال جي هٿ مان رائيفل ڇڏائجي وئي، ڪرڻ ڪري هڏ گڏ ساڻو ٿي پيس. ڪجهه دير هو اونده ۾ تارا ڦاڙي حيرت ۽ ڪاوڙ مان خالقوءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾  نه آيو. تڏهن، هن ٻئي ٺونٺيون ڌرتي ءَ تي رکي پاڻ کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو هڪ وزني پير بوٽ سميت سندس سيني تي لڳو ۽ هو موٽي وڃي ڌرتيءَ سان لڳو. سور پچائي. هٿ وڌائي چيلهه سان ٻڌل خنجر ڪڍڻ چاهيائين. ان کان اڳ جو سندس هٿ خنجر تائين پهچي، کيس مغز تي بندوق جو ڪنداڪ لڳو ۽ سندس ٻئي ٻانهون تڪليف جي احساس ۾ مٽيءَ ۾ ڄمي ويون. هڪ سٽ سان سندس چيلهه مان خنجر نڪري ويو.
“مونسان ويسا گهاتي ڪئي اٿئي خالقو،” جمال خارن مان چيو. جواب ۾ ڪنداڪ وات تي لڳس۽ سندس وات مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو.
مهارن ۽ چچريل چپن مان خون نڪرندو، واڇن وٽان وهندو، جمال جي ڪنڌ تي ڪرندو رهيو. سندس سڄو وات رت سان ڀرجي ويو. هن ڪنڌ ورائي رت جي گرڙي ڪئي.
قميص جي ٻانهن سان وات اُگهندي چيائين، “ مونکي سولائيءَ سان ماري نه سگهندين.”
کيس جواب نه مليو.
جمال پاسو ورائي مٽيءَ تي اونڌو ٿي سمهي پيو. ڪجهه دير ساهه پٽي، سموري طاقت ميڙي هٿ جي ترين تي پاڻ کي مٿي ڪيائين.
اوچتو زور سان کيس ڪک واري لت لڳي. هو درد ۾ ٻيڻو ٿي ويو. گوڏا وڃي ڇاتيءَ سان لڳس. اکين ۾ تر ورا نچڻ لڳس. ساهه سيني ۾ رهجي ويس. بدن ساڻو ٿيندو محسوس ڪيائين دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳس. ان عذاب ۾ فقط ايترو محسوس ڪيائين، ته سندس هٿ رسيءَ سان ڪشجي ويا ۽ کيس اُٿاري، هڪ ڪوٺيءَ جي در تائين آندو ويو. ڪوٺيءَ جي در جا طاق نڪتل هئا. در کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ پراڻو صندل استعمال ڪيل هو. صندل کي سوري کيس ڪوٺيءَ ۾ اندرڌڪيو ويو.
در جي چانئٺ سان وچڙندو، هڪ انساني جسم تان ٿڙندو، جمال سڌو وڃي ڀت سان لڳو.
هڪ هلڪي دانهه اوندهه ۾ اُڀري ۽ خاموش ٿي وئي. ڀت کي ٽيڪ ڏيئي جمال ڪوٺيءَ جي ڇت ڏانهن ڏٺو. ڪوٺيءَ کي ڇت نه هئي. مٿان جبل جهڙا ڪارا ڪڪر آسمان کي چنبڙي پيا هئا. ڪڪرن تان نگاهون هٽائي. ڪوٺيءَ ۾ نهاريائين. اوندهه ۾ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه  آيو. تڏهن، اوچتو کيس ٻئي شخص جو خيال آيو جيڪو ڪوٺيءَ جي وچ ۾ فرش تي پيو هو ۽ جنهن سان وچڙندو پاڻ ڀت سان وڃي لڳو هو.
آهستي پڇيائين، “ڪير آهين؟”
“ تون ڪير آهين؟” اجنبيءَ جواب بدران سوال ڪيو.
“ مان واٽهڙو آهيان،” جمال وراڻيو، “ ۽ تون؟”
“ مان مسافر آهيان.”
ٻئي خاموش رهيا. ڪنهن به نه ڳالهايو. اوندهه ۾ جمال اُن شخص کي فرش تان اُٿندي محسوس ڪيو ۽ پوءِ اهو شخص ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو.
جمال جي رڳ رڳ ۾ خالقوءَ لاءِ نفرت ڊوڙي رهي هئي. حقارت جي شدت ڪري سندس لوندڙين مان پگهر وهي رهيو هو. سوچيائين، خالقوءَ کي وار جو وجهه نه ڏئي ها – اُتيئي وڻ جي اوٽ ۾ لڪل هجي ها. پر کيس اها خبر نه هئي ته معرڪي لاءِ مقابلو سڏائي خالقو اهڙي مڪار نموني کيس دو کو ڏيندو. هن پنهنجي ساءِ خيالن ۾ خالقوءَ جون ٻوٽيون چٻاڙڻ لاءِ ڏند ڪرٽيا.
 ” ۽ هو ڪير آهي؟” اجنبيءَ جي آواز تي جمال جي سوچ ويچار جو سلسلو ٽٽي پيو.
“ ڪير؟”
“ جنهن اسان ٻنهي سان هيءَ جٺ ڪئي آهي.”
“ الاءِ.”
“تون نٿو سڃاڻينس ڇا؟”
“ نه.” جمال وراڻيو، “ سڪي ساڌ ٻيلي وٽ ڌاڙا لڳندا رهندا آهن. هوندو ڪو ڌاڙيل.”
جمال آواز جي آڌار تي اجنبيءَ جي ڀر ۾ وڃي ويٺو. سندس هڏ هڏ سور ۾ چور هو. بدن مان ٽڙڪاٽ پي نڪتس. قميص جي ٻانهه سان چپن مان ٽمندڙ رت اُگهي ڇڏيائين. ويٺي ويٺي، پنهنجا زخم وساري، کيس اجنبيءَ تي رحم آيو. وڙهن شينهن لتاڙجن ٻوڙا – ويچارو مفت ۾ مارجي ويو! خالقوءَ جي ذلالت کي بيگناهه اجنبيءَ جي موجود گيءَ پختو ڪري ڇڏيو.
  اڌ رات جو ڪيڏانهن وڃي رهيو هئين؟” اجنبيءَ کائنس پڇيو. جمال جي سيني ۾ دل بال وانگر اُڇل کاڌي. هو ان سوال لاءِ بلڪل تيار نه هو. ڳالهه ٺاهڻ لاءِ چيائين، “ بيدل سائينءَ جي در گاهه تي سلام ڀرڻ نڪتو هوس.”
“ هن مهل؟”
“ ڇو؟ سلام ڀرڻ لاءِ به وقت مقرر آهي ڇا؟”
اجنبي جواب ڏيئي نه سگهيو. جمال ورائي پڇس، “ ۽ تون اڌ رات جو ڪيڏانهن نڪتو هئين؟”
“ مان سکر وڃي رهيو هوس.”
ڪوٺيءَ ۾ ماٺ مسلط ٿي ويئي. جمال جي دل ۾ شڪ جاڳيو ۽ سمهي پيو.
“ چٿيل آهين؟” اجنبي ءَ جي آواز تي هن ڪن کڙا ڪيا،
“ ڇا چيئه؟”
“ ڏاڍو زخمي آهين ڇا؟”
“ نه.”
“ مون آواز ته ڏاڍا ٻڌا هئا.”
“ چپن مان رت بند نٿو ٿئي.” جمال وراڻيو.
“ ڏسان.” اجنبي جمال ڏانهن سري ويو. تڏهن ڪجهه سوچي هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيائين، “ اوندهه ۾ ڪيئن ڏسي سگهندس.”
“ ڪُک ۾ چڀندڙ سور محسوس ڪري رهيو آهيان.ڏس. پاسري ڀڄي ته نه پئي آهي.”
“ منهنجا ٻئي هٿ ٻڌل آهن.” اجنبيءَ وراڻيو، “ منهنجا هٿ کول ته ڏسانءِ.”
“ منهنجا هٿ به ٻڌل آهن. ڪيئن کوليانءِ.”
“ ڏي ته اول مان تنهنجن ٻانهن تان رسي کوليان.”
جمال اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي، پنهنجا ٻئي هٿ اجنبيءَ جي گوڏن تي رکيا. اجنبيءَ ٿوري ڪوشش سان جمال جي ٻانهن تان ڏندن سان رسي کولي ڇڏي.
جمال پنهنجيون ويڻيون مهٽيون. اوندهه ۾ پنهنجي محسن ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر کيس ڏسي نه سگهيو. آزاديءَ جي احساس ۾ سندس دل احسان جي جذبن سان ڀرجي وئي. ڪجهه دير خيالن ۾ غرق ٿي ويو. ٻانهون آجيون ٿيس ته ڄڻ ٻوساٽيل روح ۾ تاز گي موٽي آيس. زخمن جو عذاب کانئس وسري ويو. دل چاهيس ته هڪدم صندل پري ڪري، ٻاهر نڪري خالقوءَ جو مڻڪو ڀڃي ڇڏي. کيس پيٽ ۾ ايتريون ته لتون هڻي جو آنڊا پاسرين کان ٻاهر نڪري وڃنس.
“ مونکي نه کوليندين؟” اجنبيءَ سندس خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.
 ” ها ها، ڇو نه!” جمال سمت ۾ ايندي وراڻيو ۽ جهٽ پٽ اجنبيءَ جي ٻانهن ۽ ويڻين تان رسي کولي ڇڏيائين.
اجنبي ءَ پنهنجن ٻانهن کي هوا ۾ اُڇل ڏني. ٻانهون ڦيرائي، پٺيءَ جي ڪنڊي وٽ آڻي ڏورن کي سٽ ڏئي ٿڪ لاٿائين. سندس ٻانهن تان  رسيون کوليندي جمال محسوس ڪري ورتو، ته اونداهي ڪوٺيءَ ۾ سندس ساٿي بيحد طاقتور ۽ سگهاروهو. کانئس رهيو نه ٿيو. اجنبيءَ کان پڇيائين، “ تو کي سولائي ءَ سان ته سو گهو ڪري نه سگهيو هوندو.”
اجنبيءَ کيس جواب نه ڏنو. سندس هٿ ڳولي، موڪري ريگمال جهڙي هٿ ۾ جهلي، پنهنجي ڪنڌ ۽ ڪياڙيءَ تي رکيائين. جمال کان ڇرڪ نڪري ويو. جمال جون آڱريون انچ کن اجنبيءَ جي ڪنڌ ۾ لهي ويون.
اجنبيءَ چيو، “ مان هن شخص جو خون ڪندس.”
جمال جي دل خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي وئي. هڪدم وراڻيائين.
“ مان به کيس قتل ڪري سندس لاش گهوڙي جي سنبن ۾ چچري ڇڏيندس.”
ٻنهي هڪ ٻئي کي اول ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڏسي نه سگهيا ته هڪ ٻئي جي وجود کي هٿ لائي محسوس ڪيائون. سندن هٿ پاڻ ۾ جڪڙجي ويا. جذبي ۽ خيال جي هڪ جهڙائيءَ کين پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو.
جمال اجنبي ءَ کان پڇيو، “ تنهنجو نالو ڇاهي؟”
اجنبي هٻڪيو. جواب ۾ ترسيو. نيٺ وراڻيائين، “ مان عالمو کوسو آهيان ۽ تون؟”
“ مان ڪمال جکراڻي آهيان،” جمال هڪدم وراڻيو.
“ ڪک ڪيئن ٿو ڀانئين؟”
“ سور آهي.”
“ ڏسان، “ اجنبي ءَ جمال جي ڪک تي هٿ رکي، هلڪو زور ڏيندي چيو، “ ڪک ڀڳل ناهي.”
“ پر سور ڏاڍو آهي.”
اجنبيءَ پنهنجي اجرڪ جمال جي چيلهه ۽ ڪک تي ويڙهندي چيو، “ توکي ذري گهٽ ماري وجهي ها ظالم.”
جمال وراڻيو، “ مان سولائيءَ سان مرڻ جو نه آهيان دوست.”
اجنبيءَ کي جمال جو جواب پسند آيو. سندس ڪک مهٽيندي پڇيائين، “ گهڻا ٻار اٿئي.”
“ اڃا پر ڻيو نه آهيان.”
“ پر ڻيو نه آهين!”
“ نه.”
“ ڇو؟”
“ جنهن سان پرڻجڻ چاهيم ٿي سائي نه رهي ته پرڻجڻ ڇاجو.” جمال جو آواز ڳورو ٿيندو ويو.
“ ڪيئن.”
جمال ڳيت ڏيئي خشڪ نڙي آلي ڪئي. هڪ اونهو ساهه کڻي خاموش ٿي ويو. جيڪي چوڻو هوس، چئي نه سگهيو.
“ ڇو، ڇا ٿيو؟” اجنبي ءَ ورائي پڇيو.
تڏهن جمال وراڻيو، “ جنهن سان پرڻجان ها، تنهن کي ماري کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏيائون.”
اجنبيءَ جي وات مان هلڪو آواز نڪتو، “ ڇو؟”
“ هوءَ مونتي ساهه ڏيندي هئي،” جمال جي آواز مان درد ٽمي نڪتو.
“ مائٽن کان سڌو سنئون سڱ ڇڪائين ها.”
“ ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين دوست.” جمال ڀريل آواز ۾ ڳالهايو،
“ ٻنهي خاندانن ۾ صدين کان نفاق هلندو اچي. اسين سنڌي صدين جا وير وٺندا آهيون. هڪ ٻئي کان پلوءُ ڪندا رهندا آهيون.”
“پلوءُ !”
“ ها پلوءُ.”
 ۽ پوءِ پهر کن ٻئي ڀت سان مٿو لڳائي. اکيون بند ڪري، ڪجهه سوچيندا رهيا. ڪومشڪل مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. ماحول جي خاموشيءَ کي ڪنهن ڪنهن وقت بندر تان لنگهندڙ مال لاريون چيرينديون اڳتي وڌي ٿي ويون. يا رکي رکي ڪجهه سڪل  پن هوا ۾ منتشر ٿي، کڙڪا ڪري، خاموش ٿي پئي ويا.
 اجنبي ءَ اکيون کولي آسمان ڏانهن ڏٺو. ڪڪر منتشرٿي رهيا هئا. هن هٿ وڌائي سٿر سان ٻڌل روالور کولي ورتو. اوندهه ۾ روالور تي آڱريون ڦيرائي، پوءِ جمال ڏانهن وڌايائين. تاريڪيءَ ۾ روالور جي نالي جمال جي سيني سان وڃِي لڳي.
جمال پنهنجي مٺ روالور جي ناليءَ ۾ وجهندي حيرت مان پڇيو، “هي ڇاهي!”
“ روالور.”
“ سو ته مان به پيو محسوس ڪيان. پر تو ڪٿان آندو؟”
“ منهنجي سٿر سان ٻڌل هو،” اجنبيءَ وراڻيو، “ جنهن دشمن مونسان دوکو ڪيو آهي. تنهن جي سيني ۾ هن روالور جون اڌ ڊزن گوليون لاهي ڇڏيندس.”
جمال جي بدن مان سيسڙاٽ نڪري ويو. سندس مٺ روالور ۾ قابو ٿي وئي. سندس ذهن ۾ شڪ جا ڪرڻا روشن ٿي اُجهامندا ويا.
هو ويچارن ۾ ويڙهيل هو جواجنبيءَ چيس، “ تون منهنجي پٺيءَ تي پير رکي ڀت ٽپي ڀڄي وڃ.”
“ ۽ تون؟”
“ مون وٽ روالور آهي. مان جيستائين پنهنجي دشمن کي ماري مات نه ڪندس هتان نه ويندس.”
“ مان به جيستائين سندس لاش گهوڙي جي سنبن ۾ نه لتاڙيندس هتان نه ويندس.” جمال ڏند ڪرٽيندي ڳالهايو.
جمال چيو، “صبح جواسان ٻئي گڏجي کيس قتل ڪري ڇڏينداسين.”
“ ها هو اسان ٻنهي جو دشمن آهي.” اجنبي ءَ وراڻيو، “ تون روالور سنڀال” منهنجي شايد اک لڳي وڃي.”
جمال اجنبيءَ کان روالور وٺي پنهنجي هٿ ۾ جهليو. ٻئي ڄڻا پير پٿاري، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيا. ويٺي ويٺي صبح ٿي وين. پکي پرڙا هڻي آکيرن مان اُڏامي ويا.
۽ پوءِ جڏهن سج جا پهريان ڪرڻا کجين تي پيا، جمال اجنبيءَ کي ٻانهه کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، “ صبح ٿي ويو. ان کان اڳ جو هو اندر اچي اسان ٻنهي کي ماري وجهي،اسان ئي ٻاهر نڪري کيس قتل ڪري ڇڏيون.”
ٻئي ڄڻا بيٺا. روشني ءَ ۾ پهريون دفعو هڪ ٻئي کي ڏسڻ کان پوءِ ٻنهي جي منهن تي مرڪ تري آئي. هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا.
“ اونده اسان کي انڌو ڪري ڇڏيو هو.” جمال چيو. اجنبيءَ ڪجهه چوڻ تي هو جو ٻاهر سڪل پنن ڀُرڻ جو آواز ٿيو. ٻئي ڄڻا ڀت سان لڳي، ساهه روڪي بيهي رهيا. جڏهن ڳپل وقت تائين ڪوٺيءَ جي در وٽان صندل سرڻ جو آواز نه آيو، تڏهن ٻئي ڄڻا پير پير ۾ کڻندا صندل وٽ اچي بيٺا.
اجنبيءَ چيو، “ مان صندل کي وٿ ڪندس. تون دشمن تي گوليون هلائيندو سڌو وڃي سنڌوءَ ۾ گت هڻجانءِ.”
“ ۽ تون؟”
“ مان باغن مان نڪري شاهه مقصود جي جبل وٽان ٿيندو اڳتي ڀڄي ويندس.”
“ ۽ پوءِ” جمال جي سوال تي اجنبيءَ ڏانهنس ڏٺو.
“ زندگي رهي ته ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملنداسين.”
جمال صندل ڏانهن منهن ڪري، روالور سڌو ڪري بيهي رهيو. اجنبي ءَ صندل سورڻ لاءِ پنهنجا هٿ صندل ۾ وڌا ۽ منهن ورائي جمال ڏانهن ڏٺو. ٻنهي جي دل ۾ پويون دفعو هڪ ٻي کي ڀاڪر پائڻ جي تمنا جاڳي اٿي.
اجنبيءَ صندل کي وٿ ڪئي. باغن ۾ اڃا پهريان ڪرڻا ڪريا هئا. هڪ راڪاس جيڏو پاڇو ڪوٺيءَ جي در ٻاهران سڪل پنن تي پيو هو. جمال پاڇو ڏسندي چيو، “ انسان آهي يا آفت.”
“ اسان ٻئي دنيا جي هر آفت کان ڏاڍا آهيون،” اجنبي وراڻيو. اجنبيءَ وٿ ويڪري ڪري ڇڏي. ٻنهي جون نگاهون پاڇي تي کتل هيون.
جمال آهستي ءَ چيو، “ هيءُ پڪ خالقو آهي.”
“ تون خالقوءَ کي ڪيئن سڃاڻين؟” اجنبي ءَ جمال ڏانهن ڏسندي پڇيو.
“ تر  ۾ خالقوءَ کان سگهارو جوان ڪوبه ڪونهي.”
“ نه  نه. هيءُ پاڇو خالقوءَ جو  ناهي،” اجنبي ءَ وراڻيو، “ هيءُ جمال آهي.”
“ هي جمال جو پاڇو ناهي.”
“ ڪيئن ٿو چوين؟”
جمال اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو. صندل کي پٺي ڏيئي ڏانهس منهن ڪري بيٺو. روالور جو رخ اجنبيءَ ڏانهن هو. ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا.
جمال چيو، “ مان جمال آهيان.”
اجنبيءَ حيرت ۽ اچرج مان جمال ڏانهن چتائي ڏٺو. پوءِ اڇل ڏيئي صندل کي لت وهائي ڪڍيائين. صندل ڦهڪو ڪري سنئو ٿي پيو. اجنبي اک ڇنڀ ۾ صندل تي چڙهي بيٺو. چئني طرف نظرون ڦيرايائين. کيس ڪوبه شخص ڏسڻ ۾ نه آيو.
جمال به بل ڏيئي ڏسي پاڇي ڏانهن ڏٺو. ٻنهي کان هلڪو ٽهڪ نڪري ويو. ڪوٺيءَ جي در وٽ بڙ جو وڏو وڻ بيٺو هو، ۽ اُن جو پاڇو ڪوٺيءَ  آڏو سُڪل پنن تي پئجي رهيو هو.
تڏهن، هٿ ۾ ورالور نچائيندي جمال چيو، “ نيٺ ڀڄي ويو بزدل خالقو.”
“ نه،” اجنبيءَ جمال ڏانهن ڏسندي چيو، “ مان آهيان خالقو.”
جمال کان ڇرڪ نڪري ويو. آڱريون روالور تي ڄمي ويس. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنس. خالقوءَ کي وارن کان پيرن تائين ڏسڻ کان پوءِ سندس نگاهون روالور تي کپي ويون. ڪجهه دير روالور ڏانهن ڏسي خالقوءَ ڏانهن چتائي ڏٺائين. من ئي من ۾ فيصلا ڪندو ۽ فيصلا رد ڪندو رهيو.
خالقو ٻئي هٿ چيلهه تي رکي ڏانهس ڏسي رهيو هو. اوچتو جمال ٻانهن ورائي ڦيرو کائي، سموري قوت سان روالور سنڌوءَ ڏانهن اُڇلايو.
روالور پپر  ۽ املداس جي پنن سان وچڙندو، ٽارين مان پار ٿيندو ۽ ڪجهه املداس ڪيرائيندو سنڌوءَ جي هنج ۾ غرق ٿي ويو. خالقوءَ ۽ جمال سڪي ساڌ ٻيلي جي ٻاهرين ڀت ڏانهن ڏٺو، جتي نه سندن گهوڙا هئا ۽ نه رائيفلون.



No comments:

Post a Comment