Thursday, February 17, 2011

ٽين دنيا - امر جليل

ٽين دنيا
امر جليل
]تنهنجو غم، ۽ منهنجو غم ساڳيو آهي، نه تون مون کان سواءِ مڪمل آهين ۽ نه مان توکان سواءِ مڪمل آهيان.[

        مان ٽئين دنيا ۾ پنهنجي ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي نهايت سوڙهي ۽ واهيات اڱڻ ۾ ويٺو هوس، ۽ ٽئين دنيا جي هڪ ٽئين درجي جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالي مان هڪ معمو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. معمو مشڪل هو ۽ مشڪل ڪشا جي مدد کانسواءِ حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مان معمول حل ڪري هڪ لک رپيا هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ ذري گهٽ چريو ٿي پيو هوس. ڇت ڪتائيءَ سبب مان ٽئين دنيا جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني جاءِ جي واحد ڪمري مان مون پنهنجي زال جو آواز ٻڌو. وڏي واڪ چيائين: ٻڌين ٿو.”
        ان وقت صبح جو وقت هو، جمعي جو ڏينهن هو،” هڪ پاڙيسري ريڊيو تان اڱڻن ۽ عجيب جو ڪلام ٻڌي رهيو هو. مون پنهنجي زال کي چيو: “اڱڻن ۽ عجيبن کان وڌيڪ عجيب هيءُ معمو آهي، جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٽئين دنيا کان چوٿين دنيا ڏانهن سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهيان.”
        نهايت ناگوار لهجي ۾ چيائين: “معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين.”
        “ڪجهه يقين سان چيئي نه ٿو سگهان ته چريو ٿي پيو آهيان، يا سڄو آهيان.” “چيم: “پر، ياد رک بختاور، هيءُ معمو حل ٿيڻ کانپوءِ اسان جا وار نيارا ٿي ويندا.”

        “چوان ٿي هڪدم اندر آءُ.” سخت ڪاوڙ وچان دريءَ مان منهن ڪڍندي چيائين: “دودي جي نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگهي.”
        مون کي ان شيءِ تي سخت ڪاوڙ آئي، جيڪا بيوقت دودي جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيئي هئي. دودو منهنجو پٽ آهي. پنجن سالن جو آهي.
        چيم: “بختاور، ٽئين دنيا جي هڪ رسالي مان معمو حل ڪري رهيو آهيان. چرچي جي ڳالهه ڪونهي.”
        “پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.” منهنجي زال جيڪا مون کان ٿلهي آهي، رئڻهارڪي آواز ۾ چيو: “اچي ڏسينس ته سهي. دودو ڳالهائي ڇو نٿو.”
        “آچار کارائي ضرور سندس ٽرانسميٽر خراب ڪري ڇڏيو اٿئي.” معمي تي ڌيان ڏيندي چيم: “في الحال دودو هڪ هفتي تائين ڳالهائي نه سگهندو. هفتي کن کان پوءِ ٽرانسميٽر ٺيڪ ٿيندس ته انشاءَ الله تعاليٰ وري ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ابراهيم سندس والد صاحب جو نالو آهي، سندس والد صاحب کير جو واڙو هلائيندو آهي. چيائين: “دودو ست سريون ٻڌائيندو ٿلهي محمودان کي - بابا ويچاري کي ڇو ٻڌائيندو!”
        محموده جو نالو ٻڌي مان ڇرڪي پيس. ٽئين دنيا جو سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالو عجيبن جي اڱڻ ۾ رکي مان ٽئين دنيا ۾ مسواڙ تي ورتل ٽئين درجي جاءِ جي واحد ڪمري ۾ داخل ٿيس، جيڪو اسان لاءِ ڊرائينگ روم، ڊائينگ روم، بيڊ روم، ڪچن ۽ باٿ روم جو ڪم ڏيندو آهي.
        ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيم: “توکي لک دفعا چيو اٿم ته دودي کي ڪڪڙ نه کارائيندي ڪر. نڙيءَ ۾ ضرور ڪڪڙ جي هڏي ڦاسي پئي اٿس. ايلزبيٿ ٽيلر کي به نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي اٽڪي پيئي هئي.”
        “اها رن به توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي ڇا!” اکيون ڦوٽاريندي چيائين: “محمودان کان اڳ هئي، يا پوءِ!”
        ڊڄي، وک کن کانئس پري ٿي بيٺم. چيم: “ايلزبيٿ ٽيلر انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪندي آهي.”
        دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
        وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺم. بختاور کي چيم: “هيءَ ته کلي پيو!”
        “ها، کلي پيو.” بختار چيو: “پر ڳالهائي نٿو سگهي.”
        مون دودي کان پڇيو: “يار دودا نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي ته نه ڦاسي پيئي اٿئي.”
        بختاور چيو: “گذريل پنجويهن ڏينهن کان گهر ۾ دال چڙهي آهي. ڪڪڙ جي هڏي وري ڪٿان ڦاسندس!”
        دودو وري کلڻ لڳو - پر عجيب نموني.
        بختاور روئڻ لڳي.
        “نڙي ۾ ڇا ڦاٿو اٿئي دودا؟” دودي کان پڇيم: “يار ڳالهائين ڇو نه ٿو!”
        دودو عجيب نموني کلڻ لڳو.
        بختاور کي چيم: “سمجهان ٿو، دودي جي نڙيءَ ۾ هاٿي ڦاسي پيو آهي.”
        “هاٿي!” بختاور کان رڙ نڪري ويئي. چيائين: “ٽئين دنيا جو معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين!”
        “اڙي سچ پچ جو هاٿي نه.” چيم: “مون ڪالهه دودي کي پلاسٽڪ جو هاٿي آڻي ڏنو هو.”
        بختاور هيٺ جهڪي، هٿ وڌائي، کٽ هيٺان پلاسٽڪ جو هاٿي ڪڍي ورتو. چيائين: “اچي وٺ، پنهنجو پلاسٽڪ جو هاٿي.”
        معاملي جي نزاڪت اوچتو گنڀير ٿي ويئي. مون دودي کي چيو: “يار دودا تون ڳالهائين ڇو نه ٿو! فقط کلين ڇو ٿو! ۽ کلين به اهڙي نموني ٿو. ڄڻ اسان تان ٺٺولي ڪري رهيو آهين!”
        بختاور چيو: “هڪدم دودي کي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ.”
        “اڄ جمعي جو ڏينهن آهي.” چيم: “جمعي بازار ۾ سڀ ڪجهه ملندو آهي، پر ڊاڪٽر ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ وارا پروفيسر نه ملندا آهن.”
        بختاور چيو: “جمعي ڏينهن ڊاڪٽر خادم حسين منجهند تائين مريضن کي مفت ڏسندو آهي، ۽ دوا ڏيندو آهي.”
        “هو نه مفت مريضن کي ڏسندو آهي، ۽ نه مفت دوا ڏيندو آهي.” چيم: “ڊاڪٽر خادم حسين وڏو پلستر آهي. هو علاج معالجي لاءِ ماڻهن کان پيسن بدران واعدا وٺندو آهي.”
        “ڇا جا واعدا؟” بختاور پڇيو.
        “ته جڏهن به چونڊون ٿينديون، اسين پنهنجو ووٽ خادم حسين کي ڏينداسين ۽ مان ان قسم جو ڪوبه واعدو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.”
        “ڇو!” بختاور اکيون ڏيکاريندي پڇيو: “تون پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين!”
        “ڪير محموده! ڪهڙي محموده!” مٿو کنهندي چيم: “مان ڪنهن به محموده کي نه سڃاڻان.”
        “هاڻي ٺهيو! اجايو معصومڙو نه ٿيءُ.” بختاور چيو: “اهائي ٿلهي محمودان جيڪا توسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، ۽ جنهن سان تون...”
        ان کان اڳ جو بختاور پنهنجو جملو پورو ڪري، دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
        “ٻار جي سامهون اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر.” چيم: “محموده چونڊن ۾ حصو نه وٺندي، شادي ڪرڻ کان پوءِ، هوءَ تيزيءَ سان ملڪ جي آباديءَ ۾ اضافو ڪري رهي آهي، ۽ هن وقت تائين خدا جي فضل سان پندرهن ٻار ڄڻي چڪي آهي.”
        “هو رَن چونڊن ۾ حصو وٺي يا نه وٺي، تون ته پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ئي ڏيندين.” بختاور چيو: “وٺي وڃ دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن جو دل ۾ قوم جو درد رکندو آهي.”
        دودو وري کلڻ لڳو، پر بلڪل ٻئي نموني! منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون بختاور کي چيو: “مان دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن وٺي ٿو وڃان. دودي جي حالت ڪا چڱي نه آهي. معاملو سيريس آهي.”
        دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال پهتس. اسپتال جي ٻاهران، ۽ اسپتال جي اندر مريضن جو هجوم هو. هرڪو مريض زندهه رهڻ جي آرزوءَ ۾ طرحين طرحين قسم جا واعدا ڪري رهيو هو.
        ڊاڪٽر خادم حسين مون کي سڃاتو، ۽ هٿ جي اشاري سان هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
        ڊاڪٽر خادم حسين پڇيو: “تنهنجي انجمن جو ڪهڙو حال آهي؟”
        “انجمن جي شادي ٿي ويئي آهي، ڊاڪٽر صاحب، ۽ هينئر هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.” مون ٿڌو ساهه کڻندي چيو: “مون به شادي ڪري ورتي آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ سان. هيءُ منهنجو پٽ دودو آهي. هن جي نڙيءَ ۾ ڪجهه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگهي.”
        ڊاڪٽر خادم حسين دل آويز مرڪ منهن تي آڻيندي چيو: “ڀاءُ، مان تنهنجي انجمن دال روٽي زندهه باد جي باري ۾ پڇا ڪري رهيو آهيان.”
        دودو کلڻ لڳو.
        مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. هڪدم چيو: “اها انجمن ولايتي دالين جي قيمت معلوم ڪرڻ کانپوءِ ڪلعدم ٿي ويئي آهي.”
        دودو وري کلڻ لڳو.
        ڊاڪٽر خادم حسين چيو: “تنهنجو پٽ ته ڏاڍو کلڻو آهي”
        “ها، ڏاڍوکلڻو آهي.” چيم: “پر اڄڪلهه بولتي بند اٿس.”
        دودو وري کلڻ لڳو.
        “هوبهو مون تي ويو آهي.” چيم: “مان به جڏهن پنجن سالن جو هوندو هوس، تڏهن ڏاڍو کلندو هوس. هينئر مان کلندو آهيان ته ماڻهو روئيندا آهن، ۽ جڏهن روئيندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن.”
        ڊاڪٽر خادم حسين منهنجي پٽ دودي جو معائنو ڪيو. لوهي چمٽو دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کانپوءِ، هن ٽارج ٻاري دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کانپوءِ، هن ٽارچ ٻاري دودي جي نڙيءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو. ڪافي دير کانپوءِ ڊاڪٽر خادم حسين چيو: “تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ ڪجهه به ڦاٿل نه آهي.”
        دودو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ڊاڪٽر خادم حسين کي دودي جو کلڻ پسند نه آيو. مون کان پڇيائين: “تنهنجو پٽ ٺٺولي پيو ڪري ڇا!”
        چيم: “مان سمجهان ٿو، دودو تاريخ تان ٺٺولي ڪري رهيو آهي.”
        “تون پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ.” ڊاڪٽر خادم حسين چيو: “تنهنجو پٽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي.”
        چيم: “منهنجو پٽ فقط ٺاڪ آهي! ٺيڪ نه آهي.”
        “نيڪسٽ.” ڊاڪٽر خادم حسين اشاري سان ٻئي مريض کي سڏ ڪيو.
        دودي کي هنج ۾ کڻي، ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال مان مايوس ٿي ٻاهر نڪتس. اسپتال جي ٻاهران وليداد عرف ولو ملي ويو. هن مون کان حال احوال ورتو. ڪو وٺيس، يا نه وٺيس وليداد عرف ولو مشورا جام ڏيندو آهي. چيائين: “تون پنهنجي پٽ کي ڪنهن ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ. مون کي ته تنهنجو پٽ نفسياتي مريض ٿو لڳي.”
        دودي هٿ وڌائي وليداد عرف ولوءَ جي ٺوڙهه تي ٺونگو هنيو.
        “تنهنجو پٽ بدتميز قسم جو نفسياتي مريض آهي.” وليداد عرف ولوءَ چيو: “هن کي هڪدم ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ.”
        چيم: “ماهر نفسيات کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه نه آهي - نه دمڙي، نه چمڙي.”
        “ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.” وليداد عرف ولوءَ چيو: “تون پنهنجي بدتميز پٽ کي دماغي مرضن جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار ڏانهن وٺي وڃ. تازو تازو آمريڪا مان ڊاڪٽر ڪري آيو آهي. دماغي ۽ نفسياتي مريضن جو انتظار ڪندي ڪندي ويچارو پاڻ به نفسياتي مريض ٿي پيو آهي.”
        چيم: “پر، في ته وصول ڪندو هوندو.”
        “اهو ئي ته ڪمال آهي، جو في نه وٺندو آهي.” وليداد عرف ولوءَ چيو: “هو پنهنجو علم آزمائڻ لاءِ مريضن جو منتظر رهندو آهي-  ۽ في وٺڻ بدران مريضن کي ويندي مهل ٻه ٽي رپيا خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي.”
        دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڏس پتو وٺي، دودي کي هنج تي کڻي، مان سڌو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال پهتس. هو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو جوان هو، پر پيٽ ڪم خراب ڪري وڌو هوس. سندس پيٽ بيحد وڏ هو ۽ مٿي جا چڱا چوکا وار کٿل هئس. نهايت تفصيل سان مون عبدالجبار کي دودي جي باري ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن هو ڳالهيون ڪندو هو -  ٺٺوليون ڪندو هو - کنڊين عورتن جي اَهل ڪندو هو -  پنهنجي ناني ابراهيم کير واري سان ته بنهه نه ٺهندو هو - سندس نڪ ۾ دم ڪندو هو - پر اڄ صبح کان خاموش ٿي ويو آهي - بولتي بند اٿس. بس کلڻ تي زور اٿس.
        دودو، ڊاڪٽر عبدالجبار جي بيحد وڏي پيٽ ڏانهن ڏسي کلڻ لڳو.
         عبدالجبار ڏاڍي پاٻوهه مان دودي کان پڇيو: “يار، ڪيئن آهين؟”
        دودي وات کولي، آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو ڪيو.
        عبدالجبار مون کان پڇيو: “ڇا ننڍپڻ ۾ دودي کي ڪو سخت ذهني صدمو پهتو هو.”
        ڪهڙي قسم جو صدمو!” مون عبدالجبار کان پڇيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار چيو: “ڪو اهڙو صدمو، جيڪو دودي جي تحت الشعور مان ٿيندو سندس لاشعور ۾ شامل ٿي ويو آهي.”
        “مان دودي جي تحت الشعور ۽ لاشعور کان بنهه بي خبر آهيان.” چيم، “مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجو پٽ ڏاڍو باشعور آهي.”
        چيم: “منهنجو پٽ ٽيليويزن تي سگريٽ جي اشتهار ۾ سيٽسفيڪشن سان نظر ايندڙ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو آهي.”
        دودو هاڪار ۾ مٿو ڌوئڻ لڳو.
        ڊاڪٽر پڇيو: “ڇا تنهنجو پٽ ان ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو خواهشمند آهي؟”
        چيم: “شايد ها.”
        ڊاڪٽر پڇيو: “هڪ سخت ۽ جابر پيءُ وانگر ڇا تون ان شاديءَ جي حق ۾ نه آهين!”
        “منهنجي حق ۾ هئڻ، يا نه هئڻ جو مسئلو نه آهي.” چيم: “اها شادي نه ٿي سگهندي.”
        “ڇو نه ٿي سگهندي!” ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
        مون دودي ڏانهن ڏسندي چيو: “دودو هينئر پنجن سالن جو آهي. دودو جڏهن شاديءَ لائق ٿيندو، تڏهن سيٽسفيڪشن واري ڇوڪري پوڙهي کک ٿي چڪي هوندي، ۽ سنڌن جي سور ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ مبتلا هوندي - يا ان وقت تائين وڃي مالڪ حقيقي کي ملي هوندي.”
        “اوه! آءِ سي!” ڊاڪٽر جبار سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ هن پڇيو: “هيءُ جڏهن ننڍو هو، تڏهن سندس ماٽيجي ماءُ جو ساڻس ڪهڙي قسم جو رويو هوندو هو.”
        “هيءُ ته هينئر به ننڍڙو آهي-  فقط پنجن سالن جو آهي.” چيم: “هن جي ماءُ ابراهيم کير واري جي ڌيءَ آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي مرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. دودي لاءِ ماٽيجي ماءُ ڪٿان ايندي!”
        دودو ڏاڍي زور سان کلڻ لڳو ۽ کلي کلي کير ٿي پيو.
        عبدالجبار جي منهن تي گهنڊ پئجي ويو. هن غور سان دودي ڏانهن ڏسندي پڇيو: “هيءُ ڪٿي ڪو ڄامڙو پوڙهو ته نه آهي، جيڪو ناڪام محبت جا صدما سهندي تحت الشعور ۽ لاشعور جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو آهي!”
        جهٽ ڏيئي مون دودي کي کڻي ورتو. ان کان اڳ جو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال مان نڪري وڃان. ڊاڪٽر عبدالجبار منهنجي کيسي ۾ ڏهن رپين جو نوٽ وجهي ڇڏيو.
         دودي کي هنج ۾ کڻي، مايوسيءَ جي عالم ۾ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. ۽ پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي بي انداز ڏينهن گذري ويا، ۽ بي انداز راتيون گذري ويون. دودي جي نڙيءَ ۾ بدستور ڪا پراسرار شيءِ ڦاٿل رهي ۽ هن جو ڳالهائڻ بند رهيو. بظاهر کيس ڪابه تڪليف نه هئي، بس، هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. دودي جي خاموشيءَ سبب مان پريشان رهڻ لڳس.
        هڪڙي ڏينهن منهنجي پهلوان سهري، ابراهيم کير واري چيو: “اڙي ڀولا، بيمار ڇو ٿي پيو آهين! ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.”
        “تمام وڏي ڳالهه آهي، بابا سائين.” چيم: “ڳالهائيندو نه، ته پوءِ راڳ درٻاريءَ جو وڏو ڳائڻو ڪيئن ٿي سگهندو!”
        “اڙي ڀولا، دودي کي ميراثي ڪندين ڇا!” منهنجي سهري الر ڪندي پڇيو: “پٽ کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ هڻندي ڇا!”
        “ڳائڻ وڄائڻ، نه سائين بابا،” چيم: “مان دودي کي فقط راڳ درٻاريءَ جي تربيت ڏياريندس.”
        منهنجي سهري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. چيائين: “اڙي ڀولا، مٿو ته جائيتو اٿئي!”
        “منهنجو مٿو جائيتو آهي، سائين بابا.” چيم: “دودو راڳ درٻاريءَ کانسواءِ دنيا ۾ ترقي ڪري نه سگهندو.”
        “وڏو ٿي ڦاڙها ماريندو ڇا؟” منهنجي سهري پڇيو.
        “جيستائين دودو وڏو ٿيندو، تيستائين ملڪ مان ڦاڙها ختم ٿي ويندا.” چيم: “تڏهن دودو پاڻ ڦاڙهو ٿي پوندو ۽ شڪاريءَ کان جان بچائڻ لاءِ کيس راڳ درٻاري ڳائڻو پوندو.”
        منهنجو سهرو، ابراهيم کير وارو، کير جو دٻو کڻي، مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو.
        مون دودي کي پيار ڪندي چيو: “پيارا پٽ دودا، ٽئين دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ توکي راڳ درٻاريءَ جو فنڪار ٿيڻو پوندو. اهو لازمي آهي. هينئر، راڳ درٻاريءَ کانسواءِ اسان جهڙن انسانن لاءِ دنيا ۾ جيئڻ ممڪن نه آهي.”
        دودو کلڻ لڳو.
        “ پوءِ، دودي جي خاموشيءَ جي خبر اوڙي پاڙي ۾ پکڙجي ويئي. ڪجهه کک ڪراڙين، جن کي وات ۾ ڏند نه هو، فتويٰ ڏيندي چيو ته دودي تي جن جو واسو آهي، ۽ جنات سندس نڙيءَ ۾ ڪا پراسرار شيءِ اٽڪائي، سندس ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
        پاڙي جي کنڊين پوڙهين جي صلاح تي مان دودي کي هڪ بنگالي پروفيسر ڏانهن وٺي ويس، جنهن جو جنن سان سڌو ۽ اڻسڌو واسطو هو. بنگالي پروفيسر سنهڙو سيپڪڙو هو، ۽ هوبهو سڪل ڇوهاري جهڙو نظر پئي آيو. مون کان دودي متعلق سربستو احوال وٺڻ کانپوءِ هن دودي کي هڪ ميز تي سمهاري ڇڏيو ۽ سمجهه کان ٻاهر جملا وات مان ڪڍڻ لڳو. اوچتو، ڪڏهن ٻانهون آسمان ڏانهن ڪري، ۽ ڪڏهن دودي جي اکين ۾ اکيون وجهي هو بي معنيٰ جملا وات مان ڪڍندو رهيو.
        بنگالي پروفيسر جون حرڪتون ڏسي دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
        بنگالي پروفيسر جنتر منتر پڙهڻ کانپوءِ: تنهنجي پٽ تي ڪوهه ڪاف جي هڪ پري عاشق ٿي پيئي آهي. هن پنهني مٺ تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ وجهي ڇڏي آهي.”
        “وڏي ڪا بيوقوف آهي، ڪوهه ڪاف جي پري!” چيم: “مون کي ڇڏي منهنجي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي!”
        “اها ڪا چرچي جهڙي ڳالهه نه آهي.” بنگالي پروفيسر چيو: “ڪجهه پريون اصل ۾ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ هونديون آهن.”
        چيم: “پر دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ نه هوندي.”
        بنگالي پروفيسر پڇيو: “ابراهيم کير واري جي ڌيءَ ڪير آهي، ۽ تنهنجو هن سان ڪهڙو تعلق آهي؟”
        “ابراهيم کير واري جي ڌيءَ منهنجي زال آهي.” چيم: “هوءَ منهنجي پٽ دودي جي ماءُ آهي. پروفيسر صاحب، دنيا جي ڪابه پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي پٽ تي قبضو ڪري نه سگهندي.”
        بنگالي پروفيسر سان وڌيڪ مٿو مارڻ بيڪار سمجهيم. دودي کي هنج تي کڻي سندس آفيس مان نڪري ويس.
        پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ درويش آيو آهي، جيڪو دلين جي راز تان پردو کڻندڙ،” ماضي، حال ۽ مستقبل تي دسترس رکندڙ آهي -  پهتل، ۽ الله لوڪ شخص آهي. مان دودي کي درويش ڏانهن وٺي ويس.
        درويش جون اکيون بند هيون. هو گهري سوچ ۾ گم هو. معتقد ۽ سوالي ڪنڌ جهڪائي خاموش بيٺا هئا.
        ڪجهه دير کانپوءِ درويش اکيون کوليون ۽ پنهنجيون نگاهون دودي جي چهري تي اٽڪائي ڇڏيون. دودي تان نگاهون پري ڪندي، ۽ مون ڏانهن ڏسندي درويش چيو: “تنهنجو پٽ سڄي عمر هڪ عورت جي چاهت ۾ ڦٿڪندو رهندو، پر ان عورت سان پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪري نه سگهندو.”
        مون تعجب وچان اول دودي ڏانهن، ۽ پوءِ درويش ڏانهن ڏٺو.
        “تنهنجو پٽ ڪل جڳ ۾ عشق جو امام ٿيندو.” درويش چيو: “هو سڄي عمر فرهاد وانگر خوابن جا ٽڪر ڪٽيندو پر تعبيرن ۾ پنهنجي شيرين کي حاصل ڪري نه سگهندو.”
        مون ڏٺو، دودو تمام غور سان درويش جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.
        درويش چيو: “ست سـُـرَ تنهنجي پٽ جي وجود ۾ سنگيت جي ڪائنات کي جنم ڏيندا، پر پيار جا گيت سندس چپن تي اچڻ کان اڳ خاموش ٿي ويندا.”
        مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون دودي کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو.
        مون درويش کان پڇيو: “پر هن ڳالهائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟”
        درويش پنهنجو منهن مونن ۾ وجهي ڇڏيو. ڪجهه دير کانپوءِ هن منهن مٿي ڪيو ۽ چيو: “تنهنجو پٽ جڏهن جوان ٿيندو، تڏهن دنيا جو رنگ ڍنگ نرالو هوندو. هو معاشري جي روش مطابق ڪوڙ جا ڪوٽ کڙا ڪري نه سگهندو. هو ڪوڙ کي سچ، اوندهه کي روشني ۽ ظلم کي انصاف چئي نه سگهندو.”
        مون وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺو.
        درويش ٻانهون وڌائي دودي کي منهنجيءَ هنج مان کڻي ورتو. هن دودي کي پيار ڪيو. دودو خاموشيءَ سان درويش ڏانهن ڏسندو رهيو.
        دودي کي منهنجي هنج ۾ ڏيندي، درويش چيو: “تنهنجي پٽ پيار جي پيالي مان خاموشيءَ ۽ صبر جي زهر جو ڍڪ ڀري ورتو آهي. هو سڄي عمر صبر جي علامت ٿي جيئندو، ۽ خاموش رهندو.”

No comments:

Post a Comment