Monday, February 14, 2011

سوجھرو- امر جليل


سوجھرو
امر جليل
ھيءَ انهن ڏنهن جي ڳالھ آھي، جڏھن مفلسيءَ اسان کي بي آب مڇين وانگر پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي وڌو ھو ۽ اسان تي مصيبتن ۽ آفتن جا ولر وري آيا ھئا. نوڪري وڃڻ جو فڪر اڃا جيءَ کي چھٽيو پيو ھو، جو مٿان، مشڪلن ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ جنيد کي مدي جو تپ ٿي پيو. پنهنجي ننڍڙي معصوم ڀاءُ جي حالت اکين سان ڏسي رھيو ھوس، پر مجبور ھوس. منهنجيون ڀينرون زيبو ۽ ڪمو، جنيد جا اڀا ساھ ۽ ڳاڙھيون اکيون ڏسي، روئڻ ھارڪيون ٿي پيون ھيون.
”ڏسين نه ٿو، ڏسين نه ٿو،“ ڪموءَ مون کي ڪلھن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيو، ڪجھ ته ڪر، جنيد لاءِ ڪجھ ته ڪر.“
مون ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
گھر جو ذري گھٽ سمورو سامان منهنجي بيروزگاريءَ جي نظر ٿي چڪو ھو، ۽ فقط ھڪ پراڻو گھڙيال وڃي باقي بچيو ھو، جيڪو ڀت سان چنبڙي، انسان جي دل وانگر ڌڙڪي رھيو ھو. مون سوچيو، انسان جي دل وانگر اِن گھڙيال جو آواز – ٽڪ ٽڪ، بند ٿي ويندو، موت وانگر خاموش ٿي ويندو. پر، ھن گھڙيال جي موت ۽ انسان جي موت ۾ ڪيڏو نه فرق آھي! انسان جي تخليق – گھڙيال ۾ بند ٿيڻ کان پوءِ چاٻيءَ سان ٻيھر زندگي پيدا ڪري سگھجي ٿي، پر انسان جي ٿڌي جسم ۾ ٻيھر ڪير روح ڦوڪي، زندگي پيدا ڪري سگھندو؟
مون منهن ورائي جنيد ڏانهن ڏٺو.

 
۽ پوءِ، پراڻو گھڙيال، ڪندن مل پساريءَ وٽ ڏھين رپئي ۾ گروي ڪري آيس، جيتوڻيڪ ڏھ رپيا ڊاڪٽر جي في ۽ ڪلورو مائسٽن جي ڪيپسولن لاءِ ٿورا ھئا. ڏھين رپئي جو نوٽ مٺ ۾ قابو ڪري، فڪرن ۾ ٻڏندو، ترندو گھر موٽي آيس.
انهن ڪارن ڏينهن ۾، پاڙي مان ڪنهن کان پيسا اڌارا وٺڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو. جڏھن کان ھڪ انگريزي انجنيئر جي پگھار پوري ڪرڻ لاءِ ڪارخاني مان اسان چاليھ مزورن کي ڪڍيو ويو ھو، تڏھن کان پاڙي جي سڀني گھرن جي حالت ھڪ ٻئي کان بدتر ٿي ويئي ھئي. مزورن جي گھرن جو سامان ڪٻاڙين وٽ وڪامي ويو، ۽ جن کي گھرن ۾ وڌيڪ بکيا پيٽ ھئا، انهن جي عزت ۽ عصمت شھر جي ھوٽلن ۽ بنگلن تي وڪامڻ لڳي.
اوچتو ذھن جي اوندھ ۾ اميد جو کڙکٻيتو چمڪي اٿيو. ياد آيم ته ھڪ دفعي ربوءَ مون کان ٻارھن رپيا اڌارا ورتا ھئا. ھونءَ کانئس پيسا ھرگز نه گھران ھا، پر ربوءَ جي حالت اسان جھڙي نه ھئي. ھو نوڪري وڃائڻ کانپوءِ به آرام جي زندگي بسر ڪري رھيو ھو. ڏسڻ وارن کي پڪ ھئي ته ربوءَ کي ھندن جي ڇڏيل ملڪيت ھٿ چڙھي ويئي آھي، يا وري نوٽن ڇاپڻ جي مشين ايجاد ڪئي اٿائين. سندس ٻارن جي اکين ھيٺان بک جا ڪارا ليڪا ڪين اڀريا ھئا، ۽ نه ئي پاڻ ڪنتريءَ کان ڪنارا ڪش ٿيو ھو.
مان زيبوءَ ۽ ڪموءَ کي دلاسا ڏيئي، ربوءَ کان پيسا اوڳاڙڻ لاءِ گھر کان ٻاھر آيس.
گھٽيءَ ۾ پاڙي جا سڪل ۽ سنهڙا، اڌ اگھاڙا ٻار، اِٽي ڏڪر راند ڪري رھيا ھئا. کين ڏسي، مون کي پنهنجو ننڍڙو جنيد ياد آيو، جيڪو جھڳيءَ ۾، ڇڳل واڻ جي کٽ تي، موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾، ڪنهن ڊاڪٽر جو انتظار ڪري رھيو ھو. پر ڪٿي ھئا، اھي لٻاڙي ڊاڪٽر، جن جي دعويٰ آھي ته ھو قوم ۽ انسانيت جا خادم آھن! ان ڏينهن اھي ڊاڪٽر ڪٿي ھئا، جڏھن انسانيت جو ننڍڙو روح مفلسيءَ ۾ سھڪي رھيو ھو! اھي دردمند حڪيم ۽ طبيب ڪٿي ھئا، جڏھن ھڪ انسان جي ھستي ڏھن رپين لاءِ ميسارجي رھي ھئي! تڏھن خيالن جي اپسرائن ڀڻڪو ڪيو، ته انسان ازل کان دولت جو غلام آھي، ۽ دولت ديوتائن کان وڌيڪ طاقتور آھي.
مان تڪڙا قدم کڻندو، گھٽيءَ جي مھاڙيءَ وٽ پھتس. ربوءَ جو گھر پاسي واري گھٽيءَ ۾ ھو. جتي ٻئي گھٽيون ملنديون ھيون، اتي انهن ڏينهن ۾ ھڪ ڌڌڙيل درويش اچي ديرو ڄمايو ھو. سندس اکيون ٽانڊن وانگر ٻرنديون رھنديون ھيون. چارئي پھر بدن کي ڀڀوت ڪيو، دونهي دکائي، پنهنجي جھوپڙيءَ آڏو ويٺو ھوندو ھو. پاڙي جون عورتون کانئس من جون مرادون گھرنديون ھيون ۽ مرد کانئس سٽي جا نمبر پڇندا ھا، جڏھن کان اسان جي پاڙي ۾ بيروزگاريءَ پير ڄمايا ھئا، تڏھن کان درويش جي  ڄڻ عيد شروع ٿي ھئي. سندس سگھارو بدن، ڏينهون ڏينهن سگھارو ٿيندو ويو. پيٽ جي گولائيءَ تان گھنج گم ٿي ويس، ۽ دن جو ٽنگ گھٽ ٿي ويس. گھرن ۾ لنگھڻ ڪڍيا ويندا ھئا، پر درويش کي سيرا، مالپڙا ۽ قورما کارايا ويندا ھئا.
جڏھن مان گھٽيءَ جي مھڙ وٽ پھتس، تڏھن درويش دونهي دکايو، بدن کي ڀڀوت ڪيو، پنهنجي جھوپڙيءَ آڏو ويٺو ھو. ويڻين ۾ ڪڙا ھئس ۽ کاٻي ھٿ ۾ وڏو چمٽو ھوس، جنهن کي ساڄي ھٿ سان وڄائي رھيو ھو. مون کي ڳاڙھين اکين سان گھوريندي چيائين، ”گھر، جيڪي گھرجيئي.“ پوءِ آڱر سان آسمان ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪيائين، ”اڄ اسان آسمان تان تاران به لاھي اينداسين،“ ان وقت شام جو وقت ھو ۽ آسمان تي تارا نه ھئا.
جھڪي، ادب سان کيس سلام ڪيم. سڄي پاڙي اھا ڳالھ مشھور ٿي ويئي ھئي، ته درويش کي ناراض ڪرڻ، ٻئي جھان وڃائڻ برابر آھي. مون نوڙت سان وراڻيو، ”درويش تنهنجون دعائون گھرجن.“
”وڃ، ٻيڙو پار اٿئي.“ درويش پنهنجون ڳاڙھيون اکيون منهنجين اکين ۾ وجھي ڇڏيون.
ٽٽل اميدن کي ڄڻ آسرو مليو.
مان ربوءَ جي ڏيڍيءَ تي اچي بيٺس. دل پي چيو، ربو نه رڳو ٻارھن روپيا موٽائيندو، پر ڪجھ رپيا قرض به ڏيندو.
مون در جو ڪڙو اڃا مس کڙڪايو ھو، جو ربوءَ جي جواڻ جماڻ ڌيءَ، جنان، ريشمي ڪپڙن ۾، ۽ خوشبوءِ ڇڏيندي، موڙا ڏيندي، ھڪ طرف ھلي ويئي. مون ٻيھر ڪڙو کڙڪايو. ٿوري دير کانپوءِ ربو ٻاھر آيو. کيس اڇا اجرا ڪپڙا اوڍيل ھئا ۽ ڏاڙھي پڻ تازي ڪوڙيل ھئس. پڇيائين، ”چئھ، ڪيئن آيو آھين.“
مون کيس سڄي ماجرا ٻڌائي. منهنجي ڳالھ ٻڌڻ کان پوءِ چيائين، ”ھينئر، ھن وقت ته مون وٽ ڪجھ به ڪونهي.“
”ڪجھ ته ڏي ربو،“ کيس ايلاز ڪيم، ”ڪجھ ته ڏي ربو. منهنجو جنيد –“ آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.
”ھيئن ڪر،“ ربوءَ ڪجھ سوچيندي چيو، ”سڀاڻي صبح جو مون کان سؤ، سوا سؤ کن وٺي وڃجانءِ.“
”سڀاڻي مان روپين کي ڇا ڪندس ربو،“ منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ”سوال ته اڄوڪي رات جو آھي. ھيءَ ھڪ رات منهنجي جنيد لاءِ ڳوري آھي.“
”مان مجبور آھيان،“ ربوءَ چيو، ”صبح کان اڳ مان توکي پائي به ڏيئي نه سگھندس.“
”ربو،“ مون ربوءَ کي ڏوري کان وٺندي چيو، ”ھينئر ته تو وٽ ڪجھ به ڪونهي نه، ربو؟“
”نه،“ ھن حيرت وچان مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
”ته ڇا، صبح تائين تنهنجي ڪڪڙ سونا آنا لاھيندي.“ مان تلخ لھجي ۾ ڳالھايو.
ربو سٽ ساڻ ٻانهن ڇڏائي، ڏيڍي ٽپي، اندر ھليو ويو. ان وقت پنهنجي پوئتان ھڪ مڪار ٽھڪ ٻڌم. ڄڻ ڪو مون تي چٿرون ڪري رھيو ھو. منهن ورائي ڏٺم. بنڊل دادا منهنجي ويجھو بيٺو ھو. ڳاڙھو رومال ڪنڌ تي ويڙھيل ھوس ۽ واڇ ۾ اڌ سڙيل ٻيڙي. بنڊل دادا اسان جي علائقي جو پيداگير ھوندو ھو. ھن ٽھڪ ڏيندي چيو، ”ربوءَ وٽ سونا آنا ڏيندڙ ھڪ ڪڪڙ آھي.“
”منهنجي ڪھڙي ڪم جي،“ مون ٻڏندڙ دل سان وراڻيو.
”توکي پئسن جي ضرورت آھي نه؟“
”ھا، فقط ويھن روپين جي.“
ھن ٽھڪ ڏنو، ”بيوقوف، تو وٽ به ته ٻه ڪڪڙيون آھن، جيڪي سونا آنا ڏيئي سگھن ٿيون.“
مون گھور ڪري سندس چنجھين اکين ۾ نهاريو.
”چاھين ته مان چوٿين پتيءَ تي ٻنهيءَ جو بندوبست ڪريان.“
”تون چوڻ ڇا ٿو چاھين.“
“ھيءُ دولت ۽ جوانيءَ جو دور آھي.“
”سڌيءَ طرح ڇو نٿو ڳالھائين.“
”ٻڌي سگھندين.“
”مان جنيد لاءِ سڀ ڪجھ ٻڌندس. سڀ ڪجھ.“
”ته ٻڌ،“ بنڊل دادا چيلھ تي ھٿ رکندي چيو، ”ڪمو ۽ زيبو ھڪ رات لاءِ -“
”بدمعاش،“ مون کيس جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو. مٿس الر ڪري ويس، پر ورندو پاڻ گند جي ڊھ تي وڃي ڪريس.
بنڊل دادا ٽھڪ ڏيندو ھليو ويو. ويندي ويندي چئي ويو، ”بُک مري ويندين، غريب جا ٻچا.“
مان اٿي بيٺس. ھزارين طوفان جاڳي اٿيا. مون فيصلو ڪيو ته ڀل جنيد مري وڃي. ڀل ته منهنجيون حسرتون ۽ اميدون خاڪ ۾ ملي وڃن. ان خاڪ مان نوان جيند پيدا ٿيندا. مضبوط ارادن ۽ عزم وارا جنيد پيدا ٿيندا. ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين جنيد ان خاڪ مان جنم وٺندا. جنهن خاڪ ۾ منهنجو جنيد ماڪ وانگر گم ٿي ويندو. ڀل ته جنيد مري وڃي. ڀل ته منهجو جنيد قربان ٿي وڃي.
ڀانت ڀانت جا خيال، سمنڊ جي لھرن وانگر منهنجي ذھن ۾ چڙھندا ۽ لھندا رھيا. سوچيم، منهنجي جنيد جي قرباني، دنيا جي سڀ کان وڏي قرباني ھوندي. منهنجي جنيد جي قربانيءَ جا تاريخن ۾ حوالا ڏنا ويندا. جڏھن به عظيم قربانين جو ذڪر ڪيو ويندو، تڏھن جنيد جو نالو پٿر جي ليڪ وانگر اڀري ايندو.
مان خيالن جي ڪاري جھنگ ۾ ڀٽڪندو، دل ئي دل ۾ ھنجون ھاريندو، جڏھن گھٽيءَ جي مھڙ وٽ پھتس، تڏھن جمن پخاليءَ جي زال درويش جي جھوپڙيءَ مان نڪري گھٽيءَ جي ھڪ ڪچي گھر ۾ گم ٿي ويئي. ٿوري دير ۾ درويش چمٽو وڄائيندو ٻاھر آيو. مون تي نظر پيس ته ھڪدم چيائين، ”گھر، جيڪي گھرجيئي.“
دل جھلي چيم، ”ويھ رپيا ڏيندين.“
”نادان، مايا ڇا ڪندين.“ ھن چمٽو وڄائيندي چيو، ”وڃ تنهنجي ٻئي جھان جوڙي ڇڏياسين.“
دل  چاھيو ته چوانس، جڏھن ھڪ جھان جو ھيءُ حال آھي، ته اڻڏٺي جھان جو الاءِ ڪھڙو برو حال ھوندو.
مان ٿڪل قدمن سان پنهنجيءَ گھٽيءَ ۾ موٽي آيس. مجروح روح ڏکي رھيو ھو ۽ دل جا زخم سمي رھيا ھئا. رکي رکي عذاب جھڙو ھڪ خيال روح ۾ بڙڇيءَ وانگر چڀي ٿي ويو، ته اڄوڪي شام، منهنجي جنيد جي آخري شام، ۽ اڄوڪي رات، منهنجي جنيد جي آخري رات آھي. سڀاڻي، جڏھن نئون صبح ايندو، سج اڀرندو، تڏھن جنيد نه ھوندو، جنيد جي فقط ياد رھجي ويندي.
”ڪھڙن پورن ۾ پئجي ويو آھين؟“
ھلندي ھلندي بيھي رھيس. ڏٺم ته چاچا واحد ھو. چاچا واحد ڪارخاني ۾ سڀني کان جھونو ھو، ۽ جڏھن بيروزگاريءَ جو منحوس پاڇو مزورن تي اچي  پيو ھو، تڏھن سڀني کان اول چاچا واحد کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ھو. ھو عمر ۾ اسان سڀني کان وڏو ھو، تنهن ڪري کيس چاچا ڪري سڏيندا ھئاسين.
”وڃ، جلد وڃ،“ مون کي ڌونڌاڙيندي چيائين، ”زيبوءَ کي اجھو ھينئر ويھ رپيا ڏيئي آيو آھيان.“
”ويھ رپيا.“
”ھا، جلدي ڪر. ڊاڪٽر کي وٺي وڃ.“
”چاچا!“
”ھينئر ڳالھائڻ جو وقت ڪونهي.“
”چاچا،“ مون ڏانهنس شڪي نگاھن سان ڏسندي پڇيو، ”تو پيسا ڪٿان آندا، چاچا.“
”توکي پيسن جي گھرج آھي، يا –“
”ھا، پر –“
چاچا، مون ڏانهن غور سان نهاريو. چيائين، ”پٽ کان سڪايل آھيان ته ڇا ٿيو! جوان ڌيءَ ته اٿم نه.“
”چاچا!“
”ڪڏھن ڪڏھن جوان ڌيءَ به ٻڍاپي ۾ وڏو سھارو ٿي پوندي آھي،“ چاچي آسمان ڏانهن ڏسندي چيو.
منهنجي اکين ۾ رت لھي آيو. مون چاچا کي ھميشه عزت جي نگاھ سان ڏٺو ھو. منهنجي گمان ۾ به نه ھو، ته جيڪا وير غم جا ڪنارا لٽيندي ٿي ويئي، تنهن ۾ چاچو واحد به پسي ويو ھوندو.
ھن چيو، ”پر منهنجي گھر واري به پنهنجيءَ ڌيءَ کان ڪنهن حالت ۾ پٺتي ناھي.“
دل چاھيو ته ڪراڙي، بدڪردار، خبيس جو مٿو مترڪن سان چٿي چور ڪري ڇڏيان. جھڙي نموني ڳالھايائين پئي، ڀانءِ ته بنڊل دادا جو مقابلو ڪري رھيو ھو.
”پر تون وڃ. ڊاڪٽر کي وٺي جلد گھر پھچ.“
مان نفرت ۽ حقارت سان ڏانهنس نهارڻ لڳس.
منهنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين، ”سڀاڻي کان تون به ڪموءَ ۽ زيبوءَ کي ڪم سان لڳائجانءِ.“
ڪراھت وچان منهنجيون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.
”منهنجي ڌيءَ ۽ گھر واري زيبوءَ ۽ ڪموءَ جي مدد ڪنديون. ھڪ ٻن ڏينهن جي تڪليف ٿيندن، ۽ پوءِ ھفتي کن ۾ ٺھي وينديون.
مون دل ئي دل ۾ ان اگھاڙري پوڙھي کي گھٽو ڏيئي ماري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن وقت منهنجين ٻانهن جون مشڪون وٽجي سٽجي، ڪشيل نوڙ وانگر ٿي ويون ۽ جنهن گھڙيءَ منهنجا ھٿ آھستي آھستي چاچا جي ڳچيءَ ڏانهن اٿڻ لڳا، تنهن وقت چاچا چيو، ”ھڪ ڏينهن ۾ ٻن رون تي پني لڳائي وٺنديون آھن ۽ چئن سلوارن جا پاچا ڀري وٺنديون آھن.“
رڳن ۾ ٽھڪندڙ رت ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڄمي برف ٿي ويو. سنڌ سنڌ ۾ ڪنبڻيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو.
چاچا چيو، ”مڙيئي گذر سفر جيترو پيسو روز ڪمائي وٺنديون آھن. ھيءُ سڄو سنسار ماني ڳڀي لاءِ حيران سرگردان آھي نه! سو مانيءَ ڳڀو عزت سان ملي ويندو.“
مان چاچا واحد جي پيرن وٽ ويھي رھيس.
”اڙي! ھي ڇا، چاچي مون کي ٻانهن کان وٺي اٿاريندي چيو، ”جلد ڪر، ڊاڪٽر کي وٺي گھر وڃ. پوءِ اجايو اوندھ ٿي ويندي. ڏس، اڃا به سوجھرو آھي. اڃا به سوجھرو آھي.“
مان اسپتال ڏانهن ڊوڙندو ويس. ڊوڙندي آسمان ڏانهن ڏٺم، جتي پري، مٿڀرو، افق وٽ اڃا به سوجھرو ھو.

No comments:

Post a Comment