Thursday, February 17, 2011

منهنجي دل موهن جو دڙو-امر جليل

منهنجي دل موهن جو دڙو


امر جليل

چوڻ چاهيم، تاج محل دل هجي ها، ڀڄي پوي ها، جٽاءُ نه ڪري ها. پر جيڪي چوڻ چاهيم، چئي نه سگهيم. لفظ ڪروڌ جي ڀنڀٽ ۾ ڀسم ٿي ويا.
فقط ايترو چيم، “تو مونکي دوکو ڏنو آهي، نجمه.” هن جواب نه ڏنو. وڌي وڃي آرٽس آڊيٽوريم جي ٺلهه وٽ بيٺي. رئي جي ڪنڊ آڱر تي ويڙهڻ لڳي.
مان نيپام بم جي گهائل وانگر ڦتڪي اٿيس. وڃي سندس پٺيان بيٺس. اندر جا اڌما حواسن کي سنگسار ڪري رهيا هئا، نه ڳالهايان ته جيڪر جگر مان جوالا وهي نڪري. تڏهن چيم،”ڀانيو هوم، تون ائين نه ڪندينءَ. منهنجي اميدن جي ڪناري کي وير وانگر لٽي نه ڇڏيندينءَ. پر منهنجي ڀائڻ ۽ نه ڀائڻ مان ڇا ورندو. مون حياتي ءَ ۾ هميشه غلط سو چيو آهي.”
هوءَ خاموش رهي. سندس ڪنڌ جو خم وڌي ويو.
ڪراچيءَ کان ڪوهن تي روهن ۾ ٺاهيل يونيورسٽي موهن جو دڙو ٿيندي ويئي. صبر، زندگيءَ جي گهڙين وانگر منهنجي قبضي کان ڌار ٿي، ڇڙواڳ گهوڙي جيان هوش جي ڌرتي ءَ کي سنبن سان لتاڙيندو رهيو.
هن نه ڳالهايو.
مون ڳالهايو، “مان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تنهنجي بيوفائي وساري ڇڏيندس، نجمه، پر نه وساري سگهندس ته تنهنجي ياد .”
نجمه منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. وڇڙيل نگاهون مليون ،ته ڪجهه دير تائين ڌار ٿي نه سگهيون . تڏهن ڏسندي ئي ڏسندي ،سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. ڪجهه چوڻ لاءِ سڪل چپ ڦڙڪي اُٿيس .آواز نڙي ءَ ۾ وچڙيس، ته  وچڙيل ئي رهيس . ٻه لڙڪ پنبڻين مان ڇڻندا، ڪنول جهڙل ڳلن تان تِرڪندا سندس رئي جي ڪنڊ ۾ جذب ٿي ويا.
پاڻ روڪي نه سگهيم .چيم، “ تنهنجا ٻه چار لڙڪ منهنجين بي پناهه مايوسين جو معاوضو ناهن، نجمه .”
هن آليون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏنو ، ڳيت ڏيئي نڙيءَ کي ليپ ڏنائين . رئي سان ڀنل اکيون اُگهي، ڇپر ڇنڀي ، منهن موڙي ڇڏيائين .
چيم، “تنهنجي بيرخي منهنجيءَ دل جو داغ آهي، نجمه.”
مون ڏانهن ڏسڻ بنا چيائين ، “ تون مونکي سمجهي نه سگهيو آهين . مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر خدارا .”
“ تون ريگستان جي رڃ آهين، صحرا جي سڃ آهين ، تون منهنجي سڪرات جي اُڃ آهين.” لڇندي پڇندي چيم ، “ مان تو کي خوب سمجهي ويو آهيان ، نجمه “
“ تون مونکي سمجهي نه سگهيو آهين .” گهٽيل گهٽيل آواز ۾ چيائين ، “ تون مونکي سمجهي نه سگهيو آهين .”
“ تون پٿر آهين” ڪنهن سنگتراش جو بت آهين” . چيم، “منهنجي چري چاهت جو آواز فرهاد جو ٽيڪم ناهي جو تنهنجي دل ۾ لهي وڃي.”
ڊين فيڪلٽي آف آرٽس جي در ٻاهران  اسٽول تي ويٺل پٽيوالو اوٻاسي ڏيئي، آرس موڙي اُٿي بيٺو. هٿ وڌائي ، نوٽيس بورڊ تان ڪاٺ جو ڏونڪو کڻي پتل جي ٿالهه تي چار دفعا هيائين . پتل جي وت مان آواز جا اڻ ڏٺا سلسلا نڪرندا رهيا ۽ ورانڊن جي ٺلهن سان وچڙندا رهيا.
نجمه چيو، “ مان وڃان ٿي. “
“ مان توکي روڪڻ جو حق نٿو رکان .” چيم ، “ تون وڃ.”
ٻه وکون کڻي بيهي رهي. مٿي تي رئو ٺاهيندي چيائين،
“روحن جارشتا هڪ ڇڪ سان نه ڇنبا آهن جيئن تو ڪيو آهي. “
“ ورهيه ٿيا جو مون پنهنجو روح تنهنجي پيار تان قربان ڪري ڇڏيو هو.” وراڻيم “ اڄ منهنجي دل موهن جو دڙو آهي.”
“ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ءَ لاءِ ڊراما لکندي  ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي ، تون زندگيءَ ۾ به ڊرامائي انداز اختيار ڪري ويو آهين. “ مون کان نظرون بچائيندي ، چيائين ، “ تون حقيقتن کان پري ٿي ويو آهين. “
“ جنم زندگيءَ جي ڊرامي جي ابتدا  ۽ موت ان جو انجام آهي. “ صبر جوبند ڀڄي پيو. چيم ، “ فرق فقط ايترو آهي، جو زندگيءَ  جي المناڪ ڊرامي ۾ مان ڪارو ڪفن ٻڌي ايندو رهيو آهيان ، ۽ تون چئن گهوڙن جي رَ ٿَ ۾ چڙهي مونکان پري ڀڄندي رهي آهين.”
وراڻيائين ، “ مان تو وانگر ڊائلاگ ڳالهائي نٿي سگهان ، تو وانگر دل جو حال اوري نٿي سگهان.”
“ مان ان جي ضرورت به نٿو محسوس ڪيان.” چيم، “ تون فقط هڪ دفعو ٻيهر انڪار ڪر. پنهنجي نٺرتا سان منهنجي من جو رهيو کهيو شيشو چُور ڪر. ناڪار جي آخري بڙڇي منهنجي هنيانءَ ۾ هڻ. چئه نجمه ته تو مون سان محبت نه ڪئي هئي . چئه ته مون سان گڏ هڪ گهر ۽ هڪ زندگيءَ جا خواب نه ڏٺا هيئه.”
ڏاڍي ڏک وچان چيائين ، “ مان تنهنجي آڏو جلي مران ، تڏهن به تو کي منهنجي اڻميي پيار تي اعتبار نه ايندو.”
هڪدم چيم ، “ ته پوءِ منهنجي ڳالهه ڇوٿي ٺڪرائين . مونسان هلين ڇونٿي؟”
ولهه جهڙي آواز ، ۽ جذبن کان خالي لهجي ۾ پڇيائين ، “ ڀڄي هلان ؟”
“ جيڪي سمجهين .”
“ٻي ڪا راهه ڪانهي ؟”
“ نه . مان توکي تنهنجي خاندان کان ڏهن جنهن ۾ به حاصل ڪري نه سگهندس .”
“ ڇو؟”
“ ڇو جو مان پٽيوالي جو پٽ آهيان ، تون چيف انجنيئر جي ڌيءَ آهين.”
“ پر پاڻ ٻنهي ته ائين ڪڏهن به نه سوچيو آهي. “
“ تنهنجي منهنجي سوچڻ سان ڪجهه نه ورندو نجمه .”
وراڻيم، “ اسان جي شادي منهنجي پيءُ ۽ تنهنجي ڊيڊي ءَ جي سماجي رتبن جي فٽ بال ميچ تي منحصر آهي، جنهن ۾ منهنجو پيءُ زخمي گول ڪيپر آهي. “
هوءَ ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي ويئي.
“ مان طبقاتي ڪشمڪش جي ڌٻڻ مان اُڀري تنهنجي خاندان کي ڪلهو هڻي نه سگهندس. “ چيم، “ مونکي سچ پچ چاهين ٿي ته مونسان نڪري هل ، هن ڪوڙي شان شوڪت ۽ ٺاهه ٺڳي ءَ کي ڊاهي مونسان نڪري هل. “
هن جواب نه ڏنو. ڪلها ڪنبڻ لڳس. ٿڪل نگاهن سان مونڏانهن ڏسڻ لڳي.
کيس قائل ڪرڻ لاءِ چيم ، “ مان ڪورٽ ۾ بيهي ، قانون جي دائرن ۾ توکي پنهنجو ڪندس . اُتي طبقاتي ڪشمڪش نه هوندي. اُتي ڪوبه توکي مون کان ڌار ڪري نه سگهندو . هل ، نجمه هل .”
“ مان –” هوءَ هٻڪي . جملو پورو ڪري نه سگهي . “ چيم . هٻڪين ڇو ٿي؟ مون پاڻ کي سڀ ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.”
ڪجهه دير ترسي، اونهو ساهه کڻي ، ڳيت ڏيئي چيائين.
“مان جدائيءَ جو عذاب سهنديس ، پر ڪنهن به قيمت تي توسان ڀڄي نه هلنديس.”
“نه نه . ائين نه چئه.” ڦاٽ کاڌم، “چئه ته منهنجي ڪنگال ۽ مفلس زندگيءَ سان پلئه نه اٽڪائيندينءَ.”
“سوچ ته سهي. مان توسان ڀڄي هلان ، ته منهنجو ڪراڙو پيءُ ۽ جوان ڀائر دنيا ۾ ڪهڙو ڪنڌ کڻي سگهندا! چيائين “اهو منهنجي خاندان جي عزت جو  سوال آهي.”
“۽ منهنجي زندگيءَ جو سوال آهي.”
“تنهنجي زندگي جيڪڏهن منهنجي ساهه سان سينگار جي سگهي، ته  پوءِ مان مرڻ لاءِ تيار آهيان. پر ڀڄي نه هلنديس.”
“ تون نه فقط دو کيباز ۽ بيوفا آهين ، پر چالاڪ به آهين. “
وراڻيم، “ تو وٽ بهانن جي کوٽ ناهي. “
“تون ٿڌي ءَ دل سان ته سوچي ڏس. منهنجي جاءِ تي جيڪڏهن تون هجين ها ته ڇا-”
“مونکي دليلن جي رانديڪن سان نه پرچاءِ .”
“تون بيحد جذباتي آهين.”
“ها. ها مان جذباتي آهيان، تڏهن ته تنهنجي پيار تان پنهنجي دل جي دنيا قربان ڪري ڇڏيم. سوچيو هيو، تنهنجو پيار منهنجي مايوس زندگيءَ جي اُداس چپڙن کي مرڪ ڏيندو منهنجي هيڪلي حياتيءَ کي جيئڻ جي سُرڪ ڏيندو. پر نه منهنجي سوچڻ مان ڇا ورندو. مون هميشه غلط سوچيو آهي. تون بيوفا آهين. تون بيوفا آهين ، نجمه.”
اندر اڌ ٿي پيو. من ملول ۽ پيار پري جي پيڙا ٿي پيو.
دل ڀڳي، ته ڄڻ ڪائنات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو. هوءَ اکين کان اوجهل ٿي، يونيورسٽيءَ جي کنڊرن ۾ گم ٿي ويئي. تڏهن ڊوڙندو ، شهر ويندڙ بس جي فٽ بورڊ تي وڃي پير رکيم. بس خالي هئي. پوئين سيٽ جي ڪنڊ ۾ ڪٻو ٿي ويٺس . سمورو وجود خود –عذاب جي چکيا تي چيچلائڻ لڳو. حياتي ٻٻر جي ٽاري ٿي پيئي .
مان بس جي دريءَ تي منهن رکي ايٿليٽڪ گرائونڊ جي ڇٻر ڏانهن ڏسڻ لڳس ، جتي هڪ دفعي نجمه چيو هو، “ اسان جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج تعليم سان سماجي نظام مان ننڍ وڏائيءَ جو فرق ختم ڪري ڇڏيندا. تون به هڪ نه هڪ ڏينهن سي-ايس – پي ڪري وڏو عهدو حاصل ڪري سگهندين.” مون وراڻيو هو، “ مان اتفاق جو قائل نه آهيان. هنن ڪاليجن ۽ يونيور سٽين مان ڪندذهن ڪلارڪ، دفتري، ڊيسپيچر ۽ ماستر پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا –مان اُن محڪوم رعيت جو هڪ معمولي ۽ غير-اهم فرد رهندس ، مان حاڪم نه، پر چنگيز ۽ هلاڪوءَ جهڙن حاڪمن لاءِ بهترين شڪار ٿيندس. هڪ ڏينهن ، جڏهن ڪنهن سي –ايس پيءَ سان تنهنجي شادي-،” نجمه مونکي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو هو. چيو هئائين ،” مان تنهنجي آهيان ، تنهنجي ٿي رهنديس . مونکي گار نه ڏي.”
ڪيڏانهن ويئي تنهنجي غيرت ، عورت ! نجمه جو وجود ڀڳل شيشي وانگر منهنجي مَنَ ۾ چڀيندو رهيو . تون بيوفا آهين، دنيا جي هر عورت بيوفا آهي- مان ڀڻڪندو رهيس – تو مونکي نه، منهنجي اندر ۾ لڪل فنڪار کي گهڙي پل لاءِ چاهيو هو، جنهن کي اسٽيج تي ڏسي تو تاڙيون وڄايون هيون . تون اُنهن انسانن جي برادريءَ منجهان آهين نجمه، جن وان گو کي مفلسيءَ ۾ مرڻ ڏنو ، پر سندس تصويرن جو ملهه لکين رپيا لڳايائون – جن سقراط کي زهر جو پيالو پيئاريو ، پر سندس افڪار ڪتابن ۾ ڇپايائون – جن عيسيٰ کي صليب تي لٽڪايو ، پر سندس مورتين سان گرجائون ڀريائون .
نجمه سان گذاريل هڪ هڪ گهڙي مونکي گهائڻ لڳي. هڪ هڪ ياد دل تي رت جي ليڪ ڇڏيندي رهي. هڪ دفعي چيو هئائين، “ڪنهن کان ٻڌو هوم ته هندستاني عورت زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندي آهي. پر مونکي يقين آهي، دنيا جي هر عورت زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندي آهي.” اُن دفعي کيس وراڻيو هوم، محبت ۾ سچائي انفرادي عمل جي حدتائين قبول ڪري سگهجي ٿي . خوش قسمت هئا ليليٰ مجنون ، سسئي پنهون  ۽ سهڻي ميهار جن جي محبت جا قصا قلمبند ڪرائي پڪن جلدن ۾ ٻڌايا ويا آهن. مان پنهنجي دوست رام کي عظيم سمجهندو آهيان ، جنهن محبت خاطر هندستان وڃڻ نه قبوليو ۽ جڏهن دين ڌرم جي نالي ۾ کيس ناڪامي ملي، تڏهن لينڊس ڊائون پل تان سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏيئي جان ڏنائين.، نجمه خوف کان ڪنبندي پڇيو هو، “ تون محبت ۾ مرڻ جائز ٿو سمجهين؟ ۽ مون وراڻيو هو، “ موت جائز يا ناجائز نه هوندو آهي. جائز يا ناجائز ٻار هوندا آهن موت معمولي ، يا غير معمولي هوندو آهي. آپگهات غير معمولي موت آهي . جن انسانن جو ضمير جر ڪندڙ هوندو آهي، تن جو موت به غير معمولي هوندو آهي. “ هن جيلي فش جهڙي سرد ۽ ڌڏندڙ آواز ۾ پڇيو هو، “ جيڪڏهن مان تنهنجي ٿي نه سگهان ، تو کان وڇڙي وڃان، تڏهن تون به خود ڪشي ڪندين .” تڏهن وراڻيو هوم، “ ها نجمه ، مان خودڪشي ڪندس.”
ڏامر جي ڪاري ڪوجهي رستي تي ڊوڙندڙ بس يونيورسٽيءَ جي حدن مان نڪري ويئي .
مان خودڪشي ڪندس! ذهن جي مقبرن ۾ ماضيءَ جو آواز پڙاڏا ڪرڻ لڳو. منهنجو پنهنجو آواز صدا بڻجي مون کان محبت جو دان گهرڻ لڳو. زندگي! ها زندگي . مان تو کي زندگيءَ جونذرانو ڏيندس . مان هڪ بيوفا عورت کي ثابت ڪري ڏيکاريندس ته دنيا جي ڪابه عورت مرد جي محبت جو معاوضو ڏيئي نٿي سگهي. مرد محبت ڪرڻ  ۽ نڀائڻ ڄاڻي . دل ڏيئي پڇتائڻ مرد جو مرڪُ  ناهي . اسان جو سينو جيڪر غمن جو سمنڊ ۽ مصيبتن جو هماليه به لڪائي ڇڏي!
بس ڊوڙندي رهي.
 هرڄاتل سڃاتل عورت جي شڪل منهنجي تصور ۾ مڪروهه ٿيندي ويئي . سندس وار واسينگ ، اکيون اُلاءَ ، هٿ پير وڇون  ۽ جسم بلا ٿيندو ويو.
خيالن جي ڄار مان تڏهن نڪتس، جڏهن ڪنڊيڪٽر چيو، “سعيد منزل “
بس اسٽاپ تي لهي ، ڪينچي ءَ وانگر رستا ڪپيندڙ ٽريفڪ کان بچندو الاءِ ڪيئن بارنيس اسٽريٽ تائين پهتس. بيچين هئڻ جي باوجود محسوس ڪيم ته هر ڪو مونکي گهوري رهيو هو. سندن نگاهون ، اُهي نگاهون نه هيون، جي منهنجيون سڃاتل هيون. احمد پان واري وٽ غفور حاجي پچيو، “ڏي خبر، ڪا کڙڪ پيئه؟” مون ڏانهس ڏٺو.
هن چيو، “روئين ٿو چريا! مڙس ٿي وقت کي منهن ڏبو آهي.”
“غفور، منهنجي دل ڀڄي پيئي آهي.” روئڻهار ڪي آواز ۾ چيم، “عورت بيوفا آهي.” 
ڪوهاٽ هوٽل کان اڳ ڀرو ٿيس ته خيال آيو، غفور کي منهنجي ناڪام محبت جي خبر ڪيئن پيئي ! غفور حجم گهٽ، ۽ سياستدان وڌيڪ آهي. سوچيم، صبح کان جو گهر مان غائب آهيان، سو ضرور اڳ ڦريو آهي، دئوس.
چاچي نوروءَ منهنجي ڪلهي تي  هٿ رکيو. مون ڏانهنس نهاريو.
چاچو نورو منهنجو سڳو چاچو ناهي . چاچو نورو سڄي بارنيس اسٽريٽ جو چاچو آهي. هر ڪو سڏيس چاچا.
چاچا نوروءَ منهنجي منهن ۾ نهاريندي چيو، “ايڏو نااُميد ٿيو آهين ! همت ڪر، پٽ. “
ته چاچا نوروءَ کي به منهنجي محبت جي سُڌ آهي ! سوچيم، سچ چوندا آهن چريا، ته عشق ۽ مشڪ لڪائڻ سان نه لڪن. ڏاڍي ارمان مان چيم، “ هڪ عورت مان ٻي ڪهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي، چاچا.”
“ ها ٻچا.” چاچا نوروءَ وراڻيو، “مردن جي عزت عورت جي هٿ وس هوندي آهي. مرضي پوين ته مٿي تان لاهي مٽيءَ ۾ هڻن.”
“اسين مٽيءَ جا مندر آهيون چاچا، وڃئون ڀرندا.”
“سوئر صبح کان غائب آهي.”
“ڪير؟”
“اهو قادر سائيڪل وارو ٻيو ڪيو.”
“قادر سائيڪل وارو!” مون حيرت مان چاچا نوروءَ ڏانهن نهاريو.
“ها، ها، قادر سائيڪل وارو.” چاچا جي منهن تي نفرت تري آئي. چيائين، “سڀني جو شڪ ان سوئر ۾ آهي.”
چاچا نورو بارنيس اسٽريٽ جو جاسوس آهي. سعيد منزل کان لارينس روڊ تائين جيڪي ڪجهه ٿيندو، کيس ڪن پوندو . سوچيم، اڄ هي پوڙهو بيزار ڪندو، هونءَ ئي دل دفن ٿي ويئي آهي. مان کيس ڇڏي، ڪمپائونڊ جو لوهي در لنگهي ، تارا چند بلڊنگ جي ڏاڪڻ ٻه ٻه ڏاڪا ڪري چڙهي ويس.
ٻه ماڙ جو در کڙڪائي ، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. ٽه –ماڙ تان رعوف ٽيلر ماسٽر هيٺ لٿو ، هو مونکي گهوريندو هيٺ هليو ويو.
امان در کوليو .
اسان ٻنهي هڪ کن لاءِ هڪٻئي ڏانهن نهاريو. نه هن ڳالهايو.
۽ نه مون.
مان اندر ويس. هن در بند ڪري ڇڏيو، نفرت ۽ بغاوت جي طوفان کي يونيورسٽيءَ کان گهر تائين اندر ۾ جهليندو آيو هوس. گهر پهتس ته طوفان جي زور ۾ جي جهرڻ لڳو. ڀانيم، ڀونءِ ٿي ويندس. واچوڙي وانگر  اُڏامي ويندس. پنهنجيءَ  ئي آڳ ۾ ٽانڊي وانگر سڙي رک ٿي ويندس.
تڏهن امان جي آواز تي منهن ورائي ڏانهس ڏٺم. چيائين، “پڻهين کي دل جو دورو پيو آهي.”
کيس جواب نه ڏنم.
گُهٽيل گُهٽيل آواز ۾ چيائين، “جڳ کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين .”
“ڇو ؟ اسان جڳ کي ڀونڊو ڏنو آهي ڇا ! “ وراڻيم، “ دل جو دورو ته وڏن ماڻهن کي به پوندو آهي . غريبن کي پيو ته ڄڻ عيب ٿي پيو ! ڇا اسان کي دل جي دوري جو به حق ناهي ؟ “
امان عجب مان مون ڏانهن ڏٺو . پڇيائين ، “ صبح کان ٻاهر رهيو آهين “ ڪٿان پيو اچين ؟ “
“ يو نيورسٽي ءَ مان . “
“ ته توکي سچ سچ خبر ناهي، “  امان جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
فقط ايترو پڇيم، “ گهر تي ائٽم بم ڪريو آهي، ڇا.” امان وراڻيو، “رخسانه قادر سائيڪل واري سان ڀڄي ويئي آهي.”
“منهنجي ڀيڻ قادر سان ڀڄي ويئي ! “ ڀانيم، منهنجي رڙ سان عرش ڏري پوندو، ڌرتي ڦاٽي پوندي ، سج آسمان مان ڇڏائجي ويندو . پر ڪجهه نه ٿيو . هڪدم محسوس ڪيم ته آواز سڪرات جي کونگهري وانگر منهنجيءَ نڙي ءَ ۾ کر کر ڪري رهيو هو.
ڪائنات جي ڪوڏ مان پڙلاءُ ايندو رهيو-تنهنجي ڀيڻ ڀڄي ويئي آهي- تنهنجي ڀيڻ ڀڄي ويئي آهي.



3 comments:

  1. سائين وڏي عرصي کان امر جليل جي لکڻين لاء انٽرنيٽ تي ڳولا ڪئي پئي،،اڄ اها ڳولا پوري ٿي.لک لائق

    ReplyDelete
  2. سائين منھنجا پنھنجي راءِ ھتي لکڻ ۽ امر جليل جي ڪھاڻين بابت پسنديدگيءَ جو اظھار ڪرڻ لاءِ اوھان جي مھرباني.

    ReplyDelete
  3. تمام پياري ڪهاڻي آهي، اڳ به پڙهي آهي پر اڄ ٻيهر پڙهي.

    ReplyDelete