Thursday, February 17, 2011

مٽيءَ جا ماڻهو-امر جليل

مٽيءَ جا ماڻهو
امر جليل
]هڪ دفعي توکي چيو هوم، ته مان ويراڳ مان موٽي ايندس، ۽ توسان پنهنجي بيپناهه محبت جي تجديد ڪندس. مان موٽي آيو آهيان.[

        جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبارن جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اُڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اُٿيس ته مٿو جائيتو نه هو. اخبارن جي رنگين صفحن تي ڏنڊن مشٽنڊن پهلوانن، بدمعاشن، چورن، ڦورن، قاتلن، ڌاڙيلن، دانشورن، سڌن سياستدانن ۽ اَڻ سڌن سياستدانن جا رنگين فوٽا ڏسي مان الله سائينءَ جي قدرت جو قائل ٿي رهيو هوس. جڏهن کان عورتن جي ناپاڪ فوٽن کان اخبارن کي پاڪ ۽ صاف ڪيو ويو آهي، تڏهن کان نهايت ڀوائتن ۽ هيبتناڪ مردن جا رنگين فوٽا اخبارن جي سونهن سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.
        مان غور سان هڪ نهايت خوفناڪ ۽ خبيث پوڙهي ٺوڙي جي تصوير ڏسي رهيو هوس، جنهن اَسي سالن جي عمر ۾ سورهن سالن جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي. اخبار جي صفحن تان ڪنوار جي تصوير غائب هئي، ۽ پوڙهي گهوٽ جي تصوير نمايان هئي، جنهن پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار، ۽ ڪياڙيءَ تي ڇڏيل وارن جي جهـَـتَ ڪنهن ظالم جي دل وانگر خضاب سان ڪاري ڪاري ڇڏي هئي. اُن وقت اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو.
        مون چيني کي چيو، “يار چينا، سمجهان ٿو، پاڙي وارا قرض جي وصولي ڪرڻ آيا آهن.”
        چينو مٽيءَ جا ماڻهو ٺاهي رهيو هو. پڇيائين، “در کوليان ڇا؟”
        “هڪ ٽيليويزن ڊرامي جا پيسا مليا آهن.” چيم، “در کولي ڇڏ، اڄ قرض لاهينداسين، ۽ ڪجهه يارن کي قرضن ۾ مبتلا ڪنداسين.”
        چيني چيو، “ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ فـِـٽ ڪري هڪ منٽ ۾ در ٿو کوليان.”


        چينو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. ڏهن سالن جو آهي. بيحد ذهين آهي. ڏک سک ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي آهي. مون کي ملول ٿيڻ نه ڏيندو آهي. مان ڪنهن ڪنهن وقت چيني لاءِ ڏاڍو اُداس ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته چينو هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجي ذهانت سبب مارجي ويندو. اسان جو معاشرو سطحي سوچ وارن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب معاشرو آهي. اسان جي معاشري ۾ ذهين ذهن لاءِ ملامت ۽ موت کان سواءِ ڪجهه نه آهي. ڪجهه عرصي کان چينو مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لڳو آهي. سندس ٺاهيل ماڻهو مائيڪل اينجيلو ۽ شاڪر عليءَ جي ٺاهيل ماڻهن کان مختلف هوندا آهن.
        ٻيهر در کڙڪيو.
        چيني ماڻهوءَ جو منهن نڪ بنا ڇڏي ڏنو. ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ ڀريل هئس. ٻاهرين در ڏانهن ويندي چيائين، “ٽينا جو پيءُ هوندو. راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي آيو هوندو.”
        ٽينا ۽ ٽينا جو پيءُ اسان جا پاڙيسري آهن. ٽينا هڪ پرائيويٽ فرم ۾ اسٽينو گرافر آهي. وچولي قد بت واري سانوري سلوڻي ڇوڪري آهي، ۽ ڏاڍي سٺي آواز ۽ انداز سان ڳالهائيندي آهي. سندس پيءُ وڪٽر ڊسوزا رٽائرڊ ريلوي گارڊ آهي. پنهنجي وقت جو مشهور ڪرڪيٽ جو رانديگر آهي. جوانيءَ ۾ ڪراچي ڪرسچين ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کيڏندو هو، ۽ تمام تيز بالنگ ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس گهر تي پارٽيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽينا جي فرم جا ملازم شامل ٿيندا آهن، ۽ رات جو دير تائين هـُـل هنگامو ڪندا آهن. صبح جو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ٽينا جو پيءُ وڪٽر ڊسوزا راتوڪي پارٽيءَ مان بچيل ڪيڪ جو ٽڪر کڻي اسان وٽ ايندو آهي. هـُـل هنگامي لاءِ معذرت ڪندو آهي ۽ صبح جو چانهه اسان سان پيئندو آهي. وڪٽر ڊسوزا جي چيني سان پڪي دوستي آهي. هو چيني کي مٽيءَ مان ماڻهو ٺاهڻ لاءِ طرحين طرحين جون صلاحيتون ۽ مشورا ڏيندو آهي. هو چيني کي چوندو آهي، “ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو به ٺاهيندو ڪر، جن کي منهن تي ڪنن بدران سوئر جا وَڄ هجن.”
        چيني در کوليو. در ٻاهران وڪٽر ڊسوزا بدران اسان جو ٻيو پاڙيسري سومار چانڊيو بيٺو هو. در مان مون کي اڱڻ ۾ اخبار پڙهندي ڏٺائين ته هڪدم اندر هليو آيو. سهڪي رهيو هو. ان کان اڳ جو کانئس حال احوال وٺان، سومار چانڊئي چيو، “ولوءَ جو وري مغز خراب ٿي پيو آهي. کيس کٽ سان ٻڌي هيڏانهن آيو آهيان.”
        پڇيومانس؛ “دورو پيو اٿس ڇا؟”
        روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، “ها.”
        سومار چانڊيو هڪ سرڪاري آفيس ۾ پٽيوالو آهي. سندس وڏو پٽ ولو ميٽرڪ جو شاگرد آهي. ڏينهن جو اسڪول ويندو آهي، ۽ رات جو هڪ واشنگ واري جي دڪان تي ڪپڙا استري ڪندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته ولو يا ته اَڌ چريو آهي، يا مٿس جن ڀوت جو اثر آهي. پر، ولو اسان کي چريو نه لڳندو آهي. هو اسڪول جو سٺو شاگرد آهي، ۽ اسڪول جي والي بال ٽيم جو ميمبر آهي. بس، ڪنهن ڪنهن وقت دورو پوندو اٿس. سڄو جسم اول ڪنبڻ لڳندو اٿس، ۽ پوءِ پگهر ۾ شم ٿي ويندو اٿس. اهڙي ڪيفيت ۾ هو گهر کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ۽ فقط هڪ جملو ورجائي وات مان ڪڍندو آهي، “مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.”
        مائٽ مٽ ڏاڍو سمجهائيندا اٿس ته بابلا، سچ ڳالهائڻ جو رواج ختم ٿي ويو آهي، ۽ هونءَ به اسان مسڪين جو ڀلا سچ سان ڪهڙو واسطو- ڇو ٿو سچ جو نالو کڻي اسان سڀني کي مصيبت ۾ وجهين.
        پر، دوري دوران ولوءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو آهي. هڪ ئي وائي وات هوندي اٿس، ته مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو، مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.
        سومار چانڊئي کي ڪجهه سياڻن صلاح ڏني هئي، ته پنهنجي پٽ جو علاج ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن جمعي خان کان ڪراءِ- مغز ۽ ميڄالن جو ماهر ڊاڪٽر آهي، ۽ مٿي مان خلل ڪڍي ڇڏيندو آهي. سومار چانڊئي حامي ڀري هئي. پر پوءِ، جڏهن ڊاڪٽر جمعي خان جي في ۽ جناح اسپتال جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جي ڪل پيس، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چيو هئائين، “ايندڙ هڪ صديءَ ۾ به مان پنهنجي پٽ جو علاج ڪنهن اسپيشلسٽ کان ڪرائي نه سگهندس.”
        ولوءَ ۽ پاڙي جي ٻين ٻارن جي مون سان ڀائپي آهي. هو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهندا آهن، ۽ مان هنن جي ڳالهه سمجهي سگهندو آهيان. منهنجي جيڪڏهن شادي ڪيل هجي ها، ۽ مون کي پنهنجا ٻار هجن ها، ته هو پاڙي جي ڪيترن ٻارن کان عمر ۾ وڏا هجن ها. تنهن هوندي به ٻارڙا مون کي “ادا وڏو” ڪري سڏيندا آهن. ولو منهنجي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. منهنجي ڳالهه نه ٽاريندو آهي. چيني سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهي. مان هجان ته مون کي، يا چيني کي پنهنجي گهر وٺي ويندو آهي. اسين ولوءَ کي پرچائي، سمجهائي پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي ايندا آهيون. پوءِ، جڏهن سامت ۾ ايندو آهي، تڏهن کيس گهر ڇڏي ايندا آهيون.
        هيءَ جنهن جمعي جي ڳالهه آهي، تنهن ڏينهن سومار چانڊيو وڌيڪ پريشان نظر آيو، چيائين، “کٽ جي پائي سان مٿو هڻي، مٿو پاڙي وڌو اٿائين، رت ٺينڊيون ڪري پيو وهيس، پر پٽي ٻڌڻ نٿو ڏئي.”
        ڏنڊن ڏوٽن مشٽنڊن مردن جي هيبتناڪ تصويرن سان سينگاريل اخبارون کٽ تي رکي، مان سومار چانڊئي سان گڏ سندس گهر ويس.
        ولو کٽ سان ٻڌو پيو هو. نرڙ مان رت وهي رهيو هوس. رڙ مٿان رڙ پئي ڪيائين، “مان سڀ سمجهان ٿو، مان سڀ سمجهان ٿو. مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.”
        مون تي نظر پيس ته ماٺ ٿي ويو. مان سندس پاسي کان ويهي رهيس. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين، “ڏسين ٿو نه ادا وڏا. مون کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو اٿائون.”
        سندس رسيون کوليندي چيم، “غلط ڪيو اٿائون، منهنجا پٽ، منهنجا ٻچڙا.”
        مون ولوءَ کي رسين کان آزاد ڪيو. هو پنهنجو رت هاڻو منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي سڏڪڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو، “مان چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندس.”
        سندس نرڙ تان رت اُگهندي چيم، “ان باري ۾ پاڻ چيني سان هلي صلاح ڪنداسين. جيڪڏهن چيني صلاح ڏني، ته پوءِ توکي چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ ۾ ڀرپور مدد ڏبي، ۽ پوءِ توکي سچ ڳالهائڻ کان ڪوبه روڪي نه سگهندو.”
        ولوءَ کي مٿي تي پٽي ٻڌي مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس. چينو ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ لڳائڻ ۾ اڃا ڪامياب نه ٿيو هو. ولوءَ جي مٿي تي پٽي ڏسي چيني ولوءَ کان پڇيو، “مٿي مان ميڄالو ڪڍڻ جي ڪوشش پئي ڪيئه ڇا؟”
        ولوءَ جي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.
        مون چيني کي چيو، “هيءُ اسان جو سنگتي، ولو، چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي.”
        چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. سوچ ۾ گم ٿي ويو. اسان سڀني محسوس ڪيو آهي ته چينو پنهنجي طبعي عمر کان تمام گهڻو ذهين آهي. سنڌوءَ هڪ دفعي چيو هو، “چيني جي روپ ۾ ڪنهن ذهين يوناني ديوتا ٻيهر جنم ورتو آهي.”
        چيني ٽهڪ ڏيندي چيو هو، “مان وتائي فقير جو وارث آهيان.”
سنڌوءَ اُٿي کيس پيار ڪيو هو. پوءَ هوءَ جڏهن هلي ويئي هئي، تڏهن چيني مون کي چيو هو، “سنڌو تنهنجي لاءِ ميري هيسڪل آهي. هوءَ تنهنجي هڪ هڪ تحرير تي حاوي رهندي. پر، خليل جبران ۽ ميري هيسڪل وانگر توهان ٻنهي جي به پاڻ ۾ شادي ٿي نه سگهندي.”
        مون کي لڳندو آهي ته چينو اڻ لکيل تاريخ جي آئيني ۾ ڏسي سگهندو آهي. هو ايندڙ وقت جو امين آهي. هن هڪ دفعو ولوءَ کي چيو هو، “تون ڇا جي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين! ڇا جي باري ۾- ڌرتيءَ جي باري ۾، آسمان جي باري ۾، انسان جي باري، عقيدي جي باري، محبت جي باري ۾، زندگيءَ جي باري ۾، موت جي باري ۾- تون ڇاجي باري ۾ چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندين!”
        تڏهن ولو منجهي پيو هو. وائڙو ٿي ويو هو.
        گذريل جمعي تي چينو هڪدم گنڀير ٿي ويو. ڪجهه دير تائين ولوءَ ڏانهن ڏسندو رهيو.
        “ڏسينس ڇا ٿو!” چيم، “ولو چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائڻ جي موڊ ۾ آهي.”
        چينو ڳوٿل مٽي ۽ اَڌ ٺهيل مجسمن ڏانهن هليو ويو.
        نڪ بنا ماڻهوءَ جو مجسمو کڻي آيو. نڪ بنا ماڻهو ڏاڍو عجيب پئي لڳو.
        “تون، مان ۽ ادا چونڪ تي بيهي سچ ڳالهائي نه سگهنداسين. اسان لاءِ سچ ڳالهائڻ جو دؤر گذري ويو.” چيني مٽيءَ جي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هن ماڻهوءَ جي منهن تي جڏهن نڪ لڳي ويندو، تڏهن هيءُ ماڻهو چونڪ تي بيهي اسان سڀني پاران سچ ڳالهائي سگهندو.”
        چيني جو آخري جملو ٻڌي مون کي پنهنجي بدن ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي. مون ڊڄندي ڊڄندي آئيني ۾ پنهنجي عڪس ڏانهن ڏٺو- پڪ ڪرڻ لا”، ته منهنجي منهن تي نڪ آهي، يا نه آهي!

No comments:

Post a Comment