Thursday, February 17, 2011

تاريخ جو ڪفن - امر جليل

تاريخ جو ڪفن
امر جليل

        عيد نماز شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ هڪ ڪارو ڪوجهو شيدي، جنهن جا وار اڻڀا، اکيون ڏرا ڏنل، ڏيل ڏٻرو ۽ لٽا ليڙون هئا، سو نمازين جي پوئين قطار مان اُٿي کڙو ٿيو. هو اڌڙ عمر وارو قداور مڙس هو. ڪلها صليب وانگر سڌا، ۽ سينو ويڪرو هوس. زندگيءَ جو ٻوجهه کڻندي،  سهندي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويو هوس. هن وڏو ساهه کڻي، هڪ اڏامندڙ نگاهه عيد گاهه تي وڌي.
        سمورو عيدگاهه ڪراچيءَ جي قسمين قسمين ماڻهن سان سٿيو پيو هو. قطارون انت کان ٻاهر، نمازي بي انداز! ڪن جا وڳا نوان، ڪن جا ڌوتل، ڪن جا اُجرا! رنگ ايترا، ڄڻ آسمان مان رنگن جي انڊلٺ زمين تي لهي آئي هئي. عيد نماز شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون هيون. ملان بيحد عقيدت، ۽ تمام جوش سان اسلامي تاريخ جا ورق ورائي رهيو هو. هو ڪنهن وقت ٻانهون کولي، ۽ ڪنهن وقت هيٺ ڪري! آواز چاڙهي، ۽ ڪڏهن لاهي، ڪڏهن سڌو ۽ ڪڏهن سـُـر ۾ ڳالهائي، ماڻهن ۾ ايمان جو ستل جذبو جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهو ادب سان ويٺا هئا ۽ وعظ دوران ڪنهن ڪنهن وقت جهوٽا کائي رهيا هئا. سندن نگاهون مصلحن آڏو رکيل بوٽن تي کتل هيون. ڪجهه بوٽ نوان، ڪجهه پراڻا، ۽ ڇڳل هئا. بوٽن، سليپرن، سپاٽن ۽ چمپلن جا ترا، ترن سان مليل هئا ۽ سجدي واري هنڌ کان انچ کن پري رکيا هئا. جن نمازين پاڻ سان دُلدُل وانگر سينگاريل ٻار آندا هئا، تن جي هڪ اک بوٽن ۾، ٻئي ٻارن تي کتل هئي. صحتمند ملان، صحتمند آواز ۾ وعظ ڪري رهيو هو، ۽ ماڻهن کي الله سائين جي رحم ۽ ڪرم بدران، الله سائينءَ جي قهر ۽ قبر جي عذاب جون ڳالهيون ٻڌائي، ڊيڄاري رهيو هو. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ جوش ۾ لائوڊ اسپيڪر ڦاڙي وجهندو.

        “اڙي ويهي رهه.” ڪنگال قسم جي هڪ سنهڙي شخص شيديءَ کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو: “بيٺو ڇو آهين. ڀولي ڇڏائجي ويئي اٿئي ڇا!”
        شيديءَ کيس جواب نه ڏنو. سـَـٽَ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي، هو پوئين قطار مان نڪري اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
        “اڙي پري ڪر پنهنجا دانگيءَ جهڙا پير.” شيديءَ کي ٺونٺ هڻندي هڪ جهرڪيءَ جيتري نوجوان چيو: “ماڻهو آهين يا ڏامر!”
        شيديءَ کيس جواب نه ڏنو، نه ئي ڪنڌ ورائي ڏانهن ڏٺو. هو ان قطار مان نڪري، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
        “اوهو! وڏو ڪو ڀوڪ آهين. اڇن اُجرن ڪپڙن واري هڪ شخص ڪاوڙ وچان شيديءَ ڏانهن ڏسندي چيو: “شرم نه آيئه منهنجي ڪوري پاجامي جي پانئچي تي پير ڏيندي!”
        شيديءَ جي اُداس اکين ۾ پراسرار روشني اُڀري آئي هئي. هن ڪاوڙيل شخص جي جملي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هو وک وڌائي اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
        “خبردار!” فرشتن جهڙي هڪ شخص شيديءَ کي ٽنگ ۾ چهنڊڙي وجهندي چيو: “لاحول والله! دُبئي جو مصلحو هڻي ميرو ڪري ڇڏيئه. ماڻهو آهي يا ابن ابليس!”
        شيديءَ چهنڊڙيءَ جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه ئي فرشتن جهڙي شخص جي جملي جي. سندس اداس اکين ۾ پراسرار روشني وڌندي ويئي. هو وک وڌائي، اڳئينءَ قطار ۾ وڃي بيٺو.
        “اڙي او بن مانس!” هڪ نوجوان، جنهن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ پنهنجي چلڪندڙ نرڙ تي وار سينگاري ڇڏيا هئا، تنهن شيديءَ کي حقارت آميز لهجي ۾ چيو: “باغيچي مان پڃرو ڀڃائي نڪتو آهين ڇا؟”
        پاسي ۾ ويٺل ڪجهه ايڪٽر ڇاپ نوجوان ٽهڪ ڏنو. هڪ ٽيڏي نوجوان اداڪارن جهڙي لهجي ۾ چيو: “ڀانئجي ٿو، آفريڪا مان هجرت ڪري آيو آهي.”
        ايڪٽر ڇاپ نوجوانن جي ٽولي ٽهڪ ڏنو.
        هڪ ڪرڙوڍ، جنهن جهوٽا پئي کاڌا، سو ٽهڪ ٻڌي سجاڳ ٿيو. مومن مان منهن ڪڍي، نوجوانن ڏانهن ڏسندي چيائين: “اڙي ٽرڙا نه ٿيو. وعظ ٻڌڻ ڏيو.”
        “بس ڪر، ابابيل جا پٽ.” هڪ نوجوان ٺهه ٺهه کيس وراڻي ڏني. هو ٻوٿ ڀيلڙو ڪري ويهي رهيو.
        ان وچ ۾ شيدي اُها قطار ڇڏي، اڳئين قطار ۾ وڃي بيٺو.
        “اڙي اڳتي ڪيڏانهن پيو اچين!” چئن پنجن ڄڻن کيس بيهاري ڇڏيو. هنن سندس ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۽ ڏٻري ڏيل ڏانهن ڏسندي چيو: “هتي مٺائي پئي ورهائجي ڇا!”
        شيديءَ ڪو جواب نه ڏنو. هن جون اکيون اڳئينءَ قطار تي کتل هيون.
        “پوئتي وڃ، دانگي جهڙا.”
        “پري ٿيءُ.”
        “ٽري وڃ.”
                “خبردار جو اڳتي آيو آهين.”
                شيديءَ کين جواب نه ڏنو: نه ئي ڪنڌ ورائي هنن ڏانهن ڏٺو. پراسرار روشني تمام چٽي نموني سندس اکين ۾ چمڪي رهي هئي. هو اڳتي وڌي ويو. ٻرانگهون کڻندو، ڇال ماريندو، هو نمازين جون ٻه - چار قطارون لتاڙي ويو.
        ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جن جهوٽا پئي کاڌا، سي سجاڳ ٿي ويٺا. جيڪي سجاڳ هئا، ۽ ڪنن سان وعظ ٻڌي رهيا هئا، ۽ اکين سان پنهنجي بوٽ ۽ ٻارن جي پرگهور لهي رهيا هئا، سي شترمرغ وانگر ڪنڌ ڦيرائي شيديءَ ڏانهن ڏسڻ لڳا. جڏهن گوڙ ٻڌائون، تڏهن هڪدم جهٽ ڏيئي پنهنجا پنهنجا بوٽ کڻي ورتائون ۽ ٻارن کي ڇڪي هنج ۾ ويهاري ڇڏيائون
        ڪجهه حشمت ڀريل، بهادرن، بيڊپن هيکلي شيديءَ کي قابو ڪري ورتو.
        “پڪڙيوس.”
        “نه ڇڏجوس.”
        “وٺ ڪجوس.”
        گوڙ گهمسان وڌي ويو. ملان وعظ بند ڪري ڇڏيو ۽ ممبر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي چڙهي تماشو ڏسڻ لڳو. سڄيءَ خلق جو ڌيان شيديءَ ڏانهن ڇڪجي ويو.
قسمين قسمين ماڻهوءَ طرحين طرحين جا لهجا، ڀانت ڀانت جون ٻوليون-  پر مفهوم سڀني جو ساڳيو-
        “چور آهي.”
        “چور ناهي. ڳنڍڇوڙ آهي.بشني آهي.”
        “برابر.”
        “ضرور ڪنهن مومن جو کيسو خالي ڪيو اٿائين.”
        “شڪل مان ئي چور، چور جو پٽ ٿو ڏسجي.”
        “بوٽن جو چور آهي.”
        “قابو ڪجوس.”
        “جهلجوس.”
        “ڀڄڻ نه ڏجوس.”
        “وارو ڪجوس.”
        “چور آهي.”
        “بشني آهي.”
        “بدمعاش آهي.”
        “شودو آهي.”
        هڪ شخص هجوم مان واٽون ڪندو، ڌوڪيندو، اڳتي هليو آهي. هن جا چپ سنهڙا، ۽ سڪل، اکيون، چنجهيون، ۽ بيرونق ۽ سندس مٿي جا وار کـُـٿل هئا. هن وڏي واڪ ماڻهن کي چيو: “مان هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. هيءُ نه چور آهي، نه بشني آهي، ۽ نه ئي شودو آهي. هيءُ فقط شيدي آهي.”
        جنهن نيڪ شخص جو هٿ شيديءَ جي ڪنڌ ۾ هو، تنهن هڪ نگاهه ۾ سندس جائزو وٺڻ کانپوءِ، چٿر ڪندي کانئس پڇيو: ““ تون ڪير آهين؟”
        هن وراڻيو: “مان مامون خان موچي آهيان.”
        “ڀڄي وڃ موچي: تون وڃي ڇڳل بوٽن جي مرمت ڪر.” نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت شخص چيو: “اسين پاڻئي هن جي خبر چار وٺنداسين.”
        مامون خان موچي ڌڪجي، ٿڏجي، منظر مان غائب ٿي ويو.
        “ پوءِ ڪيتري دير تائين وڏي واڪ جملا هڪٻئي سان وچڙندا رهيا-
        “ماريوس.”
        “ڪٽيوس.”
        “اول تلاشي وٺوس.”
        “نماز ۾ رُخنو نه وجهو.”
        “وڻ سان ٻڌي ڇڏيوس.”
        “نماز کانپوءِ سندس منهن ڪارو ڪري، گڏهه تي ويهاري جلوس ڪڍبو.”
        “هيءُ پاڻ دانگيءَ جهڙو ڪارو آهي. هن جو منهن ڪهڙي ڪارنهن سان ڪارو ڪبو!”
        “برابر. اهو تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آهي.”
        “منهن تي ڪارنهن بدران چوني جي پوچي ڦيرائينداسينس.”
        “هرگز نه. چور جو منهن هميشه ڪارو هوندو آهي.”
        “ان مسئلي تي ماڻهن کان ووٽ ورتو وڃي.”
        “ووٽ وٺڻ جو وقت ڪونهي.”
        ماڻهو پاڻ ۾ بحث، مباحثو ڪرڻ لڳا. هو هڪٻئي سان وڙهڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. گوڙ گهمسان وڌي ويو. شيديءَ جي حشر بابت ماڻهو ڪنهن به هڪ فيصلي تي پهچي نه سگهيا.
        پهرين صف ۾ ملڪ جي نامي گرامي، ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت، هر دلعزيز، مشهور ۽ معروف جناب محمود صاحب موجود هو. ماڻهن کي محمود صاحب جي حفاظت جو اونو ورائي ويو. هو محمود صاحب لاءِ فڪرمند ٿيڻ لڳا. هجوم مان ڪنهن وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو: “ڪارو شيدي پهرين قطار ڏانهن وڌي رهيو آهي. هيءُ بدبخت ضرور ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي. ۽ محمود صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.”
        نئين انڪشاف تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا.
        اوچتو، شيديءَ ڇال ڏنو. هو چيتي وانگر اڇل کائيندو، وڏين ٻرانگهن سان ٽپ ڏيندو، ماڻهن، مصلحن، بوٽن ۽ چمپلن جون ڪيتريون قطارون لتاڙي ويو.
        پهرين صف ۾ محمود سان گڏ شهر جا قابل ڪامورا، صنعتڪار، واپاري ۽ بينڪر ڪلهوڪلهي سان ملائي ويٺا هئا. هو ڪنڌ هيٺ ڪري، پلٿي ماري ويٺا هئا ۽ اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائي رهيا هئا. پهرين صف جي عين پٺيان، ٻئي صف ۾، محمود صاحب جي حفاظت لاءِ سادن ڪپڙن ۾ حفاظتي عملي جا برجستا ۽ طاقتور ڪارڪن ويٺا هئا. هو بظاهر نماز پڙهڻ، ۽ الله جي عظمت آڏو سجدو ڪرڻ آيا هئا، پر اصل ۾ هو محمود صاحب جي حفاظت لاءِ اُتي موجود هئا، ۽ نئين صورتحال سبب چوڪس ٿي رهيا هئا. سندس وَرَ ۾ موتمار هٿيار لڪايل هئا. تنهن ڪري هو ويهڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا هئا.
        شيدي جڏهن اُڇل کائيندو ۽ ڇال ماريندو، ٻئي صف ٽپي پهرين صف ڏانهن وڌڻ لڳو، تڏهن حفاظتي عملي جي عقابن جهٽ هڻي کيس قابو ڪري ورتو. اک ڇنڀ ۾ هو کيس لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا عيدگاهه کان ٻاهر ڪڍي ويا. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
         لائوڊ اسپيڪرن مان ملان جو آواز گونجڻ لڳو. هو ٻئي هٿ عرش ڏانهن کڻي، عاجزيءَ، انڪساريءَ، سريلي نوع ۾ الله سائين کان محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جي دعا گهرڻ لڳو.
        ماڻهن جو خيال مٽجي ويو. هو شيديءَ کي وساري اول محمود صاحب لاءِ وڏي ڄمار جون دعائون ۽ پوءِ وعظ ٻڌڻ لڳا. هنن پنهنجا نوان، پرانا بوٽ ۽ چمپل سجدي واري هن کان انج کن پري رکي ڇڏيا.
        عيدگاهه ٻاهران، هڪ نويڪلي جاءِ ۾ حفاظتي عملي جي هڪ وڏي آفيسر بيد جي لڪڻ جو وسڪارو ڪندي شيديءَ کان پڇيو: “ٻڌا”. جواب ڏي. ڪهڙي نيت سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين.”
        مڪن، چماٽن ۽ ٺونشن لڳڻ سبب شيديءَ جو سمورو چهرو رتورت ٿي ويو هو. هن جو وات رت سان ڀريل هو. هو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو.
        “جواب ڏي.” وري لتون، مڪون، منهن ۾ ٺونشا، ۽ پنين تي لانگ بوٽن جون ٺوڪرون لڳس، “جواب ڏي. ڪنهن جو ڇاڙتو آهين؟ ڪهڙي نيت سان اڳتي وڌي رهيو هئين؟”
        شيديءَ جي نڪ مان رت ٺنڊيون ڪري وهڻ لڳو. پيٽ ۽ ڪکين ۾ لتون لڳڻ سبب سـَـنڌ سـَـنڌ ساڻو ٿي پيو. اکين آڏو اوندهه اچي ويس.
        “پهرين قطار ڏانهن ڇو، ۽ ڪهڙي نيت سان وڌي رهيو هئين؟” عملدار کيس پيٽ ۾ لت، ۽ ڪنڌ تي مڪ هڻندي پڇيو: “جواب ڏي. ڪهڙي ارادي سان پهرين صف ڏانهن وڌي رهيو هئين؟”
        شيديءَ رت جي گرڙي ڪري، وات ڦاٽل قميص جي ٻانهن سان اُگهي ڇڏيو. سندس چيريل چچريل چپ ڪنبڻ لڳا. هن جهيڻي آواز ۾ چيو: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
        حفاظتي عملي جا برجستا جوان شيديءَ جو جواب ٻڌي ڪجهه ڪجهه وائڙا ٿي ويا. پوءِ، هو سندس هيڻا حال، ۽ ڪوجها ڪال ڏسي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪنهن چيو: “اڙي! تون پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندين!”
        منجهانئن هڪ ڄڻي زوڪاٽ ڪري شيديءَ جي نرڙ ۽ نڪ وٽ ٺونشو وهائي ڪڍيو، ۽ چيو: “تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.”
        سمورو ماحول شيديءَ جي نگاهن ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. سيني ۾ دل ڌڙڪڻ بدران ڦٿڪڻ لڳس. ساهه منجهڻ لڳس. نڪ، وات ۽ ڪنن مان رت وهندو رهيس. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
        حفاظتي عملي جي هڪ جانٺي عمدار شيديءَ کي ڀرپور قوت سان سيني تي مڪ وهائي ڪڍي. ۽ پوءِ کيس گار ڏيندي چيائين: “ڊرامو ٿو ڪرين، سوئر جا پٽ. اسين توکي سڃاڻي ويا آهيون. تون غير ملڪي ايجنٽ آهين.”
        “مان ايجنٽ نه آهيان.” شيدي اُجهامڻ لڳو. ڀڄندي ڀرندي چيائين: “مان پهرين صف ۾ نماز پڙهندس.”
        “اڙي ڀولا!” هڪڙي جانٺي کيس چماٽ وهائيندي چيو: “عمر ۾ ڪڏهن آئينو ڏٺو اٿئي! پٽ هليو آهي پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهڻ!”
شيديءَ جي ساهه جو سلسلو سندس نڪ مان وهندڙ رت سان وچڙڻ لڳو. چيائين: “مان پهرين قطار ۾ بيهي نماز پڙهندس.”
        “اڙي اُٺ جا پٽ.” جانٺيءَ عملدار چيو: “شهر جا معزز ماڻهو محمود صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ پهرين صف ۾ موجود آهن. تون وري پهرين صف ۾ نماز ڪيئن پڙهندين”
        شيديءَ جهيڻي آواز ۾ چيو: “مان به پهرين صف ۾ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهندس.”
        حفاظتي عملي جي پگهاردارن خوب ٽهڪ ڏنا. هڪڙي ڄڻي چيو: “مغز جائيتو ڪونهيس.”
        “ٻهروپيو آهي.” وڏي عملدار پنهنجي عملي کي حڪم ڏيندي چيو: “پڇوس ته ڪير آهي، ۽ محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ جو ڍونگ ڇو ڪري رهيو آهي.”
        پوءِ، جيڪا جٺ سندن ڄاڻ ۾ هئي، سا جٺ شيديءَ سان ڪيائون. لتون، مڪون ۽ ٺونشا هڻي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيائون. شيدي وڃي پٽ تي پيو. کيس وري کنڀي کڻي ورتائون. کيس منهن ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائون. شيديءَ رت هاڻيون اکيون کولي حفاظتي عملي ڏانهن ڏٺو.
        برجرستي عملدار سندس وارن ۾ مٺ وجهندي پڇيو: “ٻڌاءِ. تون ڪير آهين. محمود صاحب سان گڏ بيهي نماز پڙهڻ ڇو ٿو چاهين؟”
        شيدي اُجهامڻ لڳو. هڪ لمحي لاءِ پراسرار روشني سندس اُداس اکين ۾ موٽي آئي. هن ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو: “مان اياز آهيان. مان هڪ ئي صف ۾ بيهي محمود سان گڏ نماز پڙهندس.”

No comments:

Post a Comment