Monday, February 14, 2011

دل جي دنيا - امر جليل

دل جي دنيا
امر جليل
ڏاند اول ڀت تي ٽنگيل پراڻي گھڙيال ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ٺونٺ ھڻندي راجا کان پڇيو، ”مجنون به ڪنهن آفيس ۾ ڪلارڪ ھو ڇا؟“
”انهن ڏينهن ۾ آفيسون نه، گھوڙن جا تنبيلا ھوندا ھئا.“ راجا مون ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
”مجنونءَ زندگيءَ ۾ فقط ھڪ گھوڙو ڏٺو ۽ تنهن کي به ھاٿي سمجھي ڏڪي ويو ھو،“ ڏاند ڳالھائيندو  رھيو، ”۽ پوءِ ڪيترين راتين تائين مجنونءَ کي خواب ۾ ليليٰ بدران گھوڙ نظر ايندو ھو.“
”ٺيڪ ٿو چوين ڏاند،“ راجا جواب ڏنس، ”مجنون ذات جو جت ھو ۽ اٺن اڳيان اگربتيون ٻاريندو ھو.“
مون فائيلن جي چٻن ڦڏن لفظن تان نظرون ھٽائي ڏاند ۽ راجا ڏانهن ڏٺو.
”تنهنجي ڳالھ ناھي،“ ڏاند چيو، ”تون جديد آھين، اسين قديم مجنونءَ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
”واھيات آھيو،“ جڪ کائيندي چيم.
”شٽ – اپ،“ ڏاند گھٽيل آواز ۾ دڙڪو ڏنو ۽ کيسي مان ڦڻي ڪڍي وار منهن ۾ وجھي ڇڏيائين.
ھيڊ ڪلارڪ اسان ٽنهي ڏانهن گھور ڪري نهاريو ۽ کنگھي نڙي صاف ڪيائين. اسان ٽنهي نظرون فائيلن تي کپائي ڇڏيون.

 
مون پراڻي گھڙيال ڏانهن ڏٺو. پنجن ۾ ٽيويھ منٽ باقي ھئا. اسان کي پنجين لڳي آفيس مان موڪل ملندي ھئي. جنهن ڏينهن منهنجو تمنا سان پروگرام ھوندو ھو، تنهن ڏينهن شام جا پنج مون کان پنج ڪوھ پري ٿي ويندا ھئا. اِھي پويان ڪجھ منٽ ڪلاڪ ٿي پوندا ھئا. ڪلاڪ ڏينهن ۾، ڏينهن ھفتن ۾، ھفتا مھينن ۾ ۽ مھينا سالن ۾ بدلجي ويندا ھئا.
منهنجون نظرون گھڙيال جي پينڊيولم تي کتل ھيون. ڪانٽا ھڪ ھنڌ بيٺل ڀانيم. دل چاھيو ته سڀني کان اک بچائي ننڍو ڪانٽو پنجن تي وڏو ڪانٽو ٻارھن تي بيھاري ڇڏيان. پنهنجي ان احمقاڻي خيال تي دل ئي دل ۾ کلي ويٺس. شايد ھڪ اداس ۽ ڦڪي مرڪ منهنجي منهن تي کن لاءِ کيڏي، موٽي ويئي ھئي.
”گڊ- لڪ،“ ڏاند منهنجو خيال پاڻ ڏانهن ڇڪايو. مان ساڻس اک ملائي نه سگھيس.
راجا چيو، ”ڇڏينس ڏاند، ويچارو شرمائي ٿو.“
”نيور مائينڊ،“ ڏاند وراڻيو، ”اڃان نئون آھي. ٺھي ويندو.“
مون کين جواب نه ڏنو ۽ خاموش رھيس. بيحد پريشان ھوس. ڏاند ۽ راجا جا چرچا زھر پئي لڳم.
ڏاند ۽ راجا مون سان بناسپتي گيھ جي ڪارخاني ۾ ڪلارڪ ھئا. ڏاند بندرو ۽ ٿلھو ھو. ان ڪري پاڻ کي مشڪرو سمجھندو ھو. ھر ڪو کيس ڏاند سڏيندو ھو. سندس اصلي نالي جي گھڻن کي خبر نه ھئي. راجا جي اصلي نالي جي سڌ، سواءِ ڏاند ۽ مون کان، ٻين ٿورن کي ھئي، ھو روسي ڪتاب پڙھندو ۽ آمريڪي اداڪارن جا فوٽا گڏ ڪندو ھو. اسان ٽنهي کي ھڪ وڏي ٽيبل مليل ھئي، جنهن جو ھڪ پاسو ڀت سان لڳل ھو ۽ باقي ٽن پاسن کان اسان ٽيئي ويھندا ھئاسين. ھيڊ ڪلارڪ جي نظر بچائي، سڄو سڄو ڏينهن ھڪ ٻئي سان چرچا ۽ ھڪ ٻئي تي ٺٺوليون ڪندا ھئاسين.
پر ان ڏينهن، مون ڏاند ۽ راجا جي ٺٺولين جو جواب نه ڏنو. خاموش رھيس. صبح کان پريشان ھوس.
صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو حل ڏسي منهنجي دل ڊڄي پئي ھئي. اميدون نااميديءَ جي غمناڪ اوندھ ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳيون ھيون. حسرتون واريءَ جي دڙي ھيٺان دفن ٿي ويون.
ھڪ ڏينهن اڳ، شام جو، جڏھن ڪراس ورڊ معمي جو حل ڀري، اسپينسر جي دٻي ۾ وجھي، ھوٽل فاروق جي فيملي ورم ۾ اچي ويٺا ھئاسين، تڏھن تمنا پڇيو ھو، ’شامو، جيڪڏھن ھن دفعي صحيح حل تي اسان کي ھڪ لک رپيا ملن ته ڇا ڪنداسين؟“
جواب ڏيڻ کان اڳ مون تمنا جي اکين ۾ نهاريو ھو. کن لاءِ اسان جون نگاھون ملي، ڌار ٿي ويون ھيون. مون ته سندس نرم، نازڪ ۽ سھڻين آڱرين تي پنهنجو ھٿ رکي ڇڏيو ھو. ھن ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو ھو ۽ ٻئي ھٿ جون آڱريون ساسر جي ڪنيءَ تي ڦيرائڻ لڳي ھئي.
آھستي، جھيڻي آواز سان، مون دل جي گھراين مان ڳالھايو ھو ته، ’سڀ کان اول اسان شادي ڪنداسين، تمنا.‘
ھوءَ شرمائجي ويئي ھئي ۽ پنهنجون آڱريون منهنجي ھٿ ھيٺان کسڪائي ويئي ھئي.
’مون سان شادي ڪندينءَ نه، تمنا.‘ مون بيوقوفن وانگر تمنا جي بيحد حسين منهن ۾ نهاريندي پڇيو ھو.
جواب ۾ ھن ڊگھيون پنبڻيون مٿي ڪري پنهنجون نگاھون منهنجن نگاھن سان ملائي ڇڏيون ھيون. مون پنهنجي دل کي ٽائيپ جي ربن وانگر گول دائري ۾ چڪر کائيندي محسوس ڪيو ھو.
”چئھ تمنا،“ مون ٻئي ٻانهون ٽيبل تي رکندي کانئس پڇيو ھو، ’ھن دفعي صحيح حل نڪتو ته مون سان شادي ڪندينءَ نه؟“
تمنا جا ڳل ڳاڙھا ٿي ويا ھئا. حياءَ کان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو ھئائين.
”سچ تمنا؟“
”ھون.“
”اوھ تمنا،“ مون تمنا جو نازڪ ھٿ پنهنجي ٻنهي ھٿن ۾ لڪائي ڇڏيو ھو. چيو ھوم، ’پوءِ اسان جو پنهنجو گھر ھوندو تمنا. تنهنجون ۽ منهنجون ڀينرون ۽ منهنجا ڀائر خيراتي اسڪولن بدران پرائيويٽ ۽ پبلڪ اسڪولن ۾ پڙھندا. منهنجي ماءُ ميونسپالٽيءَ جي مفتي شفاخاني جي ڳاڙھي دوا بدران ڪنهن مشھور ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي.‘
”۽ شامو،“ تمنا منهنجي ڳالھ اڌ ۾ ڪپيندي چيو ھو، ’اسان ٻئي ھيءَ واھيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين.‘
”ھا تمنا. نه مون کي ڊپٽيءَ جي ڇڙٻ سھڻي پوندي، نه توکي ئي ڪو مشڪوڪ نگاھن سان ڏسي سگھندو.“
”پر ائين ته لک رپيا ھڪ سال ۾ کپي ويندا.“
”اسان بزنس به ته ڪنداسين.“
”ڪھڙو؟“
مان سوچ ۾ پئجي ويو ھوس. ڪپھ ۽ ڪڻڪ جي واپار کان وٺي سون جي سمگلنگ تائين ھڪ ھڪ ڌنڌو منهنجي ذھن ۾ اچي، موٽي ويو.
”مان ٻڌايانءِ؟“ تمنا پڇيو ھو.
”ٻڌاءِ.“
”اسان ھڪ ڊاٽسن ڪار وٺنداسين.“
”ڊاٽسن ڇو؟“ مون ھڪدم وراڻيو ھو. ”اسين شيورليٽ، امپالا يا مرسڊيز بينز وٺنداسين.“
”پنهنجي لاءِ وٺنداسين نه؟“
”ھا.“
”ڊاٽسن ڪار ٽئڪسي ڪري ھلائينداسين.“
”واھ! گڊ آئيڊيا.“
”سٺي آمدني آھي اڄڪلھ ٽئڪسيءَ مان،“ تمنا چيو ھو، ”پوءِ مان نائيٽ ڪاليج بدران سينٽ جوزف ڪاليج ۾ داخلا وٺندس.“
”ايڪسيلنٽ.“
”۽ تون انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺجانءِ.“
”ونڊرفل،“ وراڻيو ھئم، ”اسان روز روز دال کائڻ به ڇڏي ڏينداسين.“
ڪجھ دير تائين نه تمنا ڳالھايو ھو ۽ نه مون. اسان ٻئي پنهنجن پنهنجن خيالن سان وچڙندا، اميدن جا تاج محل ٺاھيندا ۽ ڊاھيندا رھياسين. تصور جي دنيا اکين آڏو اچي بيٺي ھئي. پاڻ کي ڪاري جبي ۾ ايم. اي جي ڊگري وٺندي ڏٺم- ايئرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ پاڻ کي فوم رٻڙ جي ڪونئري ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺم. ڊاٽسن ٽيڪس کي ڪراچيءَ جي رستن تي ڊوڙندي ڏٺم. اوچتو تمنا تصور جي دنيا کي ذھن جي پردن تان ھٽائي ڇڏيو ھو. پڇيو ھئائين، ”ھن دفعي ته پنهنجو حل صحيح نڪرندو نه، شامو؟“
”ڇو نه صحيح نڪرندو،“ مون کيس ۽ پاڻ کي دلاسو ڏنو ھو، ”محمد پان واري ۽ غفور حجم جا ڌڪن سان ڀريل حل صحيح ٿي سگھن ٿا، ته ڇا اسان پڙھيل ڳڙھيلن جو حل ڪڏھن به صحيح نه نڪرندو!“
تمنا جي چپن تي ھڪ بيحد حسين ۽ وڻندڙ مرڪ تري آئي ھئي. اھا مرڪ، سدائين، سوداءَ وانگر منهنجي ساھ سان سمايل ھوندي آھي.
پر ان ڏينهن صبح جو اخبار ۾ ڪراس ورڊ معمي جو نتيجو ڏسي، تمنا جي چپن تان لازوال مرڪ ھماليھ جي برف وانگر رجندي محسوس ڪئي ھئم. کيس اداس ۽ مايوس محسوس ڪيو ھيم. تڏھن، پنهنجين حسرتن جي رک اڏائي، تمنا جي ٽٽل اميدن کي پنهنجي جھول ۾ جھپي ورتو ھيم. سوچيو ھيم، تمنا وياڪل ھوندي، اٻاڻڪي ھوندي- اڄ ڪئپيٽل سئنيما ۾ فلم The Killers جو پھريون شو ڏسنداسين- ڪجھ دير لاءِ خواھشن ۽ آرزوئن جو ڊٺل ڀنڀور وساري ڇڏينداسين.
ڊريس سرڪل جي اي قطار ۾ پويون ٻه سيٽون بڪ ڪرائي، ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن کيسي ۾ وجھي آفيس آيو ھوس.
تمنا ورانڊي جي پوئين ٿنڀي وٽ بيحد اداس ۽ بيچين بيٺي ھئي. مون تي نظر پيس ته مون کي ڏسندي ئي رھي ھئي. وٽس ويم ته چيو ھئائين، ”ھن دفعي به اسان جو حل غلط نڪتو، شامو. اسان جي قسمت ڪڏھن به نه بدلبي.“
”نااميد نه ٿيءُ تمنا،“ کيس دلاسو ڏنو ھوم، ”ايندڙ مھيني اسان جو حل صحيح نڪرندو ۽ پرائيز بانڊ جو لڪي نمبر به پنهنجو ئي نڪرندو.“
”ڪيستائين. ڪيستائين شامو اھڙي نموني پاڻ کي فريب ڏيندا رھنداسين؟“
”چري،“ مون ويران مرڪ سان چيو ھو، ”ٻڌو نه اٿئي، ته ڏکن پٺيان سک-“
”ھا. پاڻ کي پرچائڻ جو بهترين طريقو آھي.“
“انتظار ڪر تمنا. ھڪڙي ڏينهن اسان جي روح جا زخم ڀرجي ويندا، دل جو درد گھٽجي ويندو،“ ٿڌو ساھ کڻي وراڻيو ھيم، ”ھڪڙي ڏينهن اسان جي صحرا جھڙيءَ سڃيءَ زندگيءَ ۾ خوشين جا رابيل وڇائجي ويندا.“
”۽ ان وقت جي انتظار ۾ شايد نه تون رھين، نه مان رھان.“
”ائين نه چئھ تمنا، ائين نه چئھ،“ مون لڇندي وراڻيو ھو، ”مونکي مايوس نه ڪر. منهنجي دل نه ٽوڙ تمنا.“
تمنا جواب نه ڏنو ھو. اکيون بند ڪري مٿو ٿنڀي سان لڳائي ڇڏيو ھئائين. سندس خشڪ چپن تي چنبڙيل لپ اسٽڪ جا ڇوڏا ڦڙڪڻ لڳا ھئا. سندس ڊگھيون پنبڻيون ٿڙڪڻ لڳيون ھيون. قسمت کان کاڌل شڪست جي احساس ۾ سندس وجود ويراڳ جي آگ ۾ جلڻ لڳو ھو.
”تمنا.“
”جي.“
”اڄ منجھند جي ماني گڏ کائينداسين.“ مون چيو ھو.
”چڱو،“ ھن وراڻيو ھو، ”ھينئر وڃ. ڊپٽيءَ مون وٽ ڏسي ورتئھ ته اجايو گوڙ ڪندو.“
تمنا پنهنجي ڪمري ڏانهن ھلي ويئي ھئي. پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي ڊپٽيءَ جي ڪمري ۾ در جي شيشي مان جھاتي پاتي ھيم. ڊپٽي نه آيو ھو.
اسان جو ڊپٽي قداور، ٿلھو ۽ ڇسو ھوندو ھو. اکيون ڀوريون ۽ ٽِڪڻ جا وار کٿل ھوندا ھئس. اسان کيس افلاطون سڏيندا ھئاسين. آفيس جو پراڻو نائڪ چوند ھو ته عقل جا دروازا ڊپٽي صاحب تي اچي بند ٿي ويا ھئا.
مون سان ته بنه نه پوندي ھئس. ھڪ دفعو اڳ به مون کي تمنا سان ڳالھائيندو ڏسي پنهنجي آفيس ۾ گھرايو ھئائين. سگريٽ جو ڪش ھڻندي پڇيو ھئائين، ”ماڻھو اسان جي فيڪٽريءَ جو بناسپتي گيھ ڇو نٿا کائين.“
”ماڻھن کي اسان جي فئڪٽريءَ جو گيھ پسند ناھي سائين.“
”ڇو پسند ناھي،“ ڊپٽيءَ خارن مان چيو ھو، ”توھان ڪلارڪ ڪھڙي مرض جي دوا آھيو؟ توھان کي فقط ڪلارڪي ڪرڻي ناھي. ماڻھن کي اسان جو بناسپتي گيھ کائڻ تي آماده به ڪرڻو آھي.“
”ھا سائين.“
”ماڻھن کي ٻڌاءِ ته اسان جو گيھ صحت جي اصولن تي تيار ٿيل آھي ۽ منجھس سڀئي وٽامن آھن،“ چيو ھئائين، ”بناسپتي گھ اسان جي عوام لاءِ مفيد آھي ۽ سندن ضرورتن مطابق آھي.“
”ھا سائين.“
”۽ اسان جو بناسپتي گھ، ديسي خالص گھ کان وڌيڪ بهتر آھي.“ ڊپٽي صاحب ڪڙڪ آواز ۾ چيو ھو، ”خالص گھ کائڻ وارا سست ۽ بناسپتي گھ کائڻ وارا چست ھوندا آھن.“
مون ان انڪشاف تي ڊپٽي صاحب ڏانهن حيرت مان ڏٺو ھو. ڊپٽي صاحب پاڻ بناسپتي گھ نه کائيندو ھو. پاڻ خالص گھ ٺٽي کان گھرائيندو ھو.
”سمجھيھءِ؟“
”ھا سائين.“
”تون ڌوڙ سمجھندين. پنهنجو ڪم سڌار نه ته نوٽيس ملندءِ،“ ڊپٽيءَ سگريٽ جو دونهون ڇڏيندي چيو ھو، ”۽ ڪن کولي ٻڌ، تمنا سان ڳالھائڻ ڇڏي ڏي.“
”يس سر.“
پر ان ڏينهن ڊپٽي موڪل تي ھو. در جي شيشي مان سندس ڪمري ۾ جھاتي پائي، پنهنجي ڪمري ۾ ھليو ويو ھوس.
مون منهن ورائي گھڙيال ڏانهن ڏٺو. پنجن ۾ ٻارھن منٽ باقي ھئا.“
”ڀلا ليليٰ به ڪنهن آفيس ۾ ٽائيپسٽ ھئي ڇا؟“ ڏاند راجا کان پڇيو.
”ليليٰ رڍن جي پشم لاھيندي ھئي،“ راجا وراڻيو.
مون ڪاوڙ مان ٻنهي ڏانهن ڏٺو. ڏاند ڏند ڪڍندي چيو، ”ڳالھ تنهنجي ليليٰ جي ناھي. تنهنجي جديد آھي، اسان قديم ليليٰ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
”بدتميز آھيو.“
”ٿئنڪ يو،“ راجا چيو.
ھيڊ ڪلارڪ کنگھي نڙي صاف ڪئي ۽ اسان ڏانهن قھري نگاھن سان ڏٺو. ڏاند ۽ راجا ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اجايو سجايو فائيل اٿلائڻ لڳا.
”ھيڊ ڪلارڪ آھي يا ھيڊ ماستر.“
”ڪمبخت، چوڪيدار آھي،“ ڏاند چيو.
مون پتلون جي پوئين کيسي مان پرس ڪڍي گوڏي تي رکيو. گوڏو ٽيبل ھيٺان ڪري ڇڏيم. پرس کولي تمنا جي تصوير ڏٺم. ڏاند ھيٺ مٿي ٿيو، پر منهنجي گوڏي تي پرس ڏسي نه سگھيو.
”لڏڻ ڇڏي ڏي. ڪرسي نه ڀڃين وجھين،“ راجا ڏاند کي چيو.
”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر،“ ڏاند راجا کي ڇڙٻ ڏني ۽ ٻيھر منهنجي گوڏي تي پرس ڏسڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏھن پرس ڏسڻ جي ھر ڪا ڪوشش ناڪام ٿي ويس، تڏھن خار مان چيائين، ”آفيس جي ٽيبل آھي، يا مڙدن چيرڻ جي ميز. اسان ڪلارڪ نه، ڄڻ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آھيون.“
راجا کيس ٽيبل ھيٺان لت وھائي ڪڍي. ڏاند لت جو سور پچائي ويو. ڪجھ پرڀرو کسڪندي چيائين، ”ردي. منهنجي بوٽ جي پالش خراب ڪري ڇڏين ھا.“
راجا اک جي اشاري سان ڏاند جو ڌيان ھيڊ ڪلارڪ ڏانهن ڇڪايو. ڏاند ڀت ڏانهن سرڪي ويو ۽ منهنجي سامھون اچي بيٺو.
”ڇا ٿو ڏسين مجنون،“ ڏاند آھستي پڇيو.
”ڪجھ به نه،“ مون آھستي وراڻيو.
ڀڻ ڀڻ تي ھيڊ ڪلارڪ اسان ٽنهي ڏانهن ڏٺو. ھن پنهنجي سنهڙي ھڏائين آڱر گھنٽيءَ تي ٻه چار دفعا اھڙي نموني ھنئين، جيئن ڪڪڙ داڻو چڳڻ لاءِ مٽيءَ ۾ ٺونگا ھڻندو آھي. ڏاند ۽ راجا پنهنجو وات بند ڪري ڇڏيو.
مون پراڻي گھڙيال ڏانهن ڏٺو. پنجن ۾ ڏھ منٽ ھئا. رھيل ڏھ منٽ ڏھ صديون ٿي پيا. سڀ عاشق ائين ئي محسوس ڪندا ھوندا، مون سوچيو.
ڏاند ۽ راجا فائيلن جا ورق اٿلائڻ لڳا. مون پنهنجون نظرون تمنا جي تصوير تي کپائي ڇڏيون. ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ، تمنا ۽ مون گڏ منجھند جي ماني کاڌي ھئي. ھوءَ مون کان اڳ پنهنجي ڪمري مان نڪري منهنجي ڪمري جي سامھون، پوئين ٿنڀي وٽ اچي بيٺي ھئي. جيئن ئي ھڪ لڳو، مون ميز جي خاني مان رومال ۾ ويڙھيل ماني ڪڍي ۽ سڌو تمنا جي سامھون وڃي پھتو ھيس. پٺيان راجا جو آواز ٻڌو ھيم، ”گڊلڪ مجنون.“
تمنا وٽ پھتو ھيس، ته تمنا چيو ھو، ”بزنس گارڊن ۾ ماني کائينداسين.“
”او – ڪي.“
اسان ٻئي ٻين ڪلارڪن جي قھري نظرن ۾ چڀندڙ نگاھن مان لنگھندا، آفيس جي حد ٽپي ٻاھر نڪري وياسين. برنس گارڊن ۾ ناريل جي وڻن وٽ سائي ڇٻر تي ويھندي، تمنا پڇيو ھو، ”اڄ ڇا آندو اٿئي؟“
”ٻه مانيون ۽ تريل پٽاٽا.“
تمنا کان ٽھڪ نڪري ويو ھو. پنهنجي مانيءَ جي ننڍي پيٽي کوليندي چيو ھئائين، ”مون به مانيون ۽ تريل پٽاٽا آندا آھن.“
”ملباريءَ کان دال وٺي اچان؟“
”نه. اڄ پٽاٽا ئي کائينداسين.“
تمنا مانيون رومال تي رکي، ٽين جي پيٽيءَ ۾ پٽاٽا ملائي ڇڏيا. مون پيار منجھان تمنا ڏانهن ڏٺو ھو. تمنا ڪنڌ کڻي مون ڏانهن ڏٺو ۽ اسان جون نگاھون کن لاءِ ملي ڌار ٿي ويون ھيون. ھڪ گرھ کائي، تمنا مونکان عجيب سوال ڪيوھو، ”مون کي چاھين ٿو، شامو؟“
مون عجيب نموني ڪنڌ لوڏي ”ھا“ ڪئي ھئي ۽ پاڻ کي احمق محسوس ڪيو ھئم.
تمنا ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو ھو. پوءِ آھستي چيو ھئائين، ”مان بدنام آھيان، شامو، تڏھن به مونکي چاھين ٿو؟“
مون سندس سوال جو جواب نه ڏنو ۽ ورائي پڇيومانس، ”مونسان شادي ڇو نٿي ڪرين، تمنا؟“
تمنا جي چپن تي اداس مرڪ جا پاڇا آيا، ھليا ويا. ھن جواب نه ڏنو ۽ ڪنڌ جھڪائي ماني کائيندي رھي ھئي.
”مان نٿو وڻانءِ ڇا؟“ عجيب سوال ڪيو ھيم. سوال ڪري پڇتايو ھيم. ڀانيم ته تمنا مون کي بيوقوف سمجھي، منهنجي اڻ ميي پيار تي کلي پوندي، پر تمنا جي چپن مان ڪجھ نه نڪتو. اکين ۾ اداسيءَ جا پاڇا پرڙا ھڻندا رھيس.
”مان چريو آھيان، تمنا،“ مون گھٽيل آواز ۾ ڳالھايو ھو، ”مان چريو آھيان. مون کي محبت ڪرڻ به نٿي اچي.“
تڏھن به ھن جواب نه ڏنو ھو. پنهنجي ھٿ جو گرھ منهنجي اڳيان رکي، منهنجي ھٿ جو گرھ پنهنجي وات ۾ وڌو ھئائين.
کيس خاموش ڏسي ٻيھر پڇيو ھيم، ”مون سان شادي ڇو نٿي ڪرين، تمنا؟“
”شامو،“ ھوءَ اڳتي سري آئي ھئي، ”مان بدنام آھيان، شامو.“
”اھو منهنجي سوال جو جواب ناھي، تمنا.“
”منهنجي بدنامي مون تائين محدود آھي،“ تمنا ڪنبندي آواز ۾ چيو ھو، ”توسان شادي ڪري، توکي، تنهنجين ڀينرن، ڀائرن ۽ ماءُ کي بدنام ڪرڻ نٿي چاھيان.“
”مان ڊپٽي نه آھيان، جو بدناميءَ کان ڏڪي وڃان،“ مون وراڻيو ھو، ”مان معمولي ڪلارڪ آھيان.“ تمنا ڏاند ۽ راجا منهنجا دوست آھن.“
”اڪيلي سر ٻن گھرن جو بار کڻي سگھندين؟“
”ڇو نه کڻي سگھندس. ھينئر به ته پارٽ ٽائيم ماستري ڪندو آھيان. شاديءَ کانپوءِ ڪنهن پريس ۾ به ڪم ڪندس.“
تمنا ڪنهن اونهيءَ سوچ ۾ گم ٿي وئي ھئي. مان سندس جواب جو انتظار ڪندو رھيس.
ھن ڳالھايو. موضوع بدلائڻ لاءِ چيو ھئائين، ”سڄو ڏينهن ھت نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ٿڪبو ناھين، جو ڇھين کان رات جي ڏھين تائين اسڪول ۾ به پڙھائيندو آھي؟“
”نائيٽ اسڪولن ۾ لاٽ صاحبن جا پٽ نه پڙھندا آھن. مان ٿڪل ھوندو آھيان ته شاگرد به ڏينهن جي محنت مزدوريءَ کان پوءِ ٿڪل ھوندا آھن:“ مون وراڻيو ھو، ”پر تنهن ھوندي به مان رات جي ٻارھين کان صبح جي چئين لڳي تائين ڪنهن پريس ۾ پروف ريڊر ٿيندس.“
ھوءَ خيالن جي ڪن ۾ لھي وئي. ھٿ جو گرھ ھٿ ۾ رھجي ويو ھئس. نگاھون ھڪ ھنڌ اٽڪي پيون ھئس. مان کيس متجسس نگاھن سان ڏسندو رھيس. تڏھن، ڪجھ دير جي خاموشيءَ کانپوءِ مون پنهنجو ھٿ تمنا جي ھٿ تي رکيو ھو. ھن منهنجين اکين ۾ نهاريو ھو.
”ھا ڪر تمنا.“ آھستي چيو ھئم، ”چئھ ته مون سان شادي ڪندينءَ، تمنا، ھا ڪر. ھا ڪر، تمنا.“
ھڪ اونهو، ڊگھو ۽ درد کي ھلڪو ڪندڙ ٿڌو ساھ کڻندي ھن وراڻيو ھو، ”شامو، مان نٿي چاھيان ته تون منهنجي لاءِ مشين وانگر ڪم ڪندو رھين. مان توکان زنده رھڻ جو حق ڦرڻ نٿي چاھيان.“
”اھي اجايا بهانا آھن، تمنا.“ مون الاءِ ڪيئن چيو ھو، ”چئھ ته مونسان شادي ڪرڻ نٿي چاھين.“
”شامو!“
”ھا تمنا. تون منهنجي لاءِ سڄي زندگي تمنا ئي رھندينءَ. مان دل جي دنيا لٽائڻ کان پوءِ به تنهنجي دل ۾ تر جيتري جاءِ به حاصل ڪري نه سگھيو آھيان. تون منهنجي لاءِ چنڊ وانگر دور آھين، تمنا خواب وانگر مبهم آھين.“
ھن منهنجي وات تي ھٿ رکي ڇڏيو ھو. ”اڳتي ڪجھ نه چئھ، ڪجھ نه چئھ شامو. مان پريشان آھيان. مون کي وڌيڪ پريشان نه ڪر.“
مون ٿرماس جي ڍڪ ۾ پاڻي پيٽي، ٻه چار ڍڪ ڀري، ڍڪ ڇٻر تي رکي ڇڏيو ھو. ھن ٿرماس جو ڍڪ کڻي چپن سان لڳايو ھو ۽ بچيل پاڻي يڪ ساھي پي وئي ھئي.
چيو ھئائين، ”ايندڙ مھيني ڪراس ورڊ معمي جو حل صحيح نڪرندو، مون کي پڪ آھي شامو. پوءِ اسان شادي ڪنداسين.“
”انهن معمن اسان جي زندگيءَ کي به حل نه ٿيندڙ معمو ڪري ڇڏيو آھي.“
”صبح جو چيو ھيئھ، ته، ڏکن پٺيان سک.“
”ھا، تنهنجي دل رکڻ لاءِ چيو ھيم.“
”نه شامو. ھن دفعي اسان جو حل ضرور صحيح نڪرندو.“ تمنا منهنجي دل کي آٿت ڏيڻ خاطر چيو ھو، ”اسان جو پنهنجو گھر ھوندو- منهنجون ۽ تنهنجون ڀينرون، تنهنجا ڀائر پبلڪ اسڪول ۾ پڙھندا- امان جو علاج ڪنهن ايم. آر. سي. پي ڊاڪٽر کان ڪرائينداسين- ۽ شامو مان سينٽ جوزف ڪاليج ۾، ۽ تون يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي لاءِ داخلا وٺندين- ۽ شامو، اسان شورليٽ، امپالا يا مرسڊيز بينز به وٺنداسين.-“
”۽ سڄي عمر ان انتظار ۾ ختم ٿي ويندي.“
”نه شامو.“
”اجايو پاڻ کي فريب ۾ نه ڏي. تمنا.“
”اسان جي زندگي فريب آھي، شامو.“ تمنا بيحد ڏک وچان چيو ھو ۽ رومال ڇنڊي، ويڙھي مون کي ڏنو ھئائين.
موٽندي، آفيس جي حدن تائين، نه تمنا ڳالھايو ھو ۽ نه مون. آفيس جي ڏاڪڻ چڙھندي کيس چيو ھيم، ’اڄ فرسٽ شو ۾ The Killers ڏسنداسين.“
”ڪالھ ته تو وٽ فقط ٻه رپيا ھئا.“
”قميص لاءِ اٺ رپيا بچائي رکيا ھئم نه، انهن مان بڪنگ ڪرائي آيو آھيان.“
”تون ائين نه ڪندو ڪر، شامو.“
”ھلندينءَ نه.“
”ھا ھلنداسين.“
ان وقت کان مان موڪل جو انتظار ڪري رھيو ھوس. پرس بند ڪري پوئين کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. منهن ورائي گھڙيال ڏانهن ڏٺم. پنجن ۾ چار منٽ باقي ھئا. ڪنهن چيو ھو وقت ھوا جي پرن تي اڏامندو ويندو آھي! ڪنهن چيو ھو ته اک ڇنڀ ۾ صديون گذري وينديون آھن! سچ ھونديون اھي چوڻيون! پر انتظار جي ھڪ ساعت کان ٻي ساعت تائين، ھڪ لمحي کان ٻئي لمحي تائين ورھين جي وٿي ھوندي آھي.
”راجا، ٻڌ ته سھي،“ ڏاند جي آواز تي خيالن جا سلسلا ٽٽي پيا، مجنونءَ کي گھر ۾ ھڪ بيمار ماءُ، ٻه معذور ڪراڙيون پڦيون، چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون ھونديون ھيون ڇا؟“
”ڏس ڏاند،“ مون سخت ڪاوڙ مان چيو، ”تنهنجي ڀيڻ فلمن ۾ ھيروئن ٿيڻ لاءِ گھر کان ڀڄي ويئي ھئي ته مون توکان ڪجھ پڇيو ھو؟ مھرباني ڪري منهنجي گھرو معاملن ۾ دخل نه ڏيندو ڪر.“
ڏاند ککو وکو ٿي ويو. منهن تي ھيڊ ھارجي ويس. راجا ڳالھ رکڻ لاءِ چيو، ”تون ناراض ڇو ٿو ٿئين، بابا. تون جديد آھين. اسان قديم مجنونءَ جي باري ۾ ڳالھائي رھيا آھيون.“
مون ڏاند ڏانهن ڏٺو. ھو آڱوٺي جي ننهن سان ميز جي مر لاھي رھيو ھو. ڪنڌ جھڪيل ھيس. نرڙ تي پگھر جا قطرا چمڪي رھيا ھيس. ھو مون کي بيحد مسڪين نظر آيو. سندس ھٿ کي آھستي زور ڏيندي چيم، ”مون کي معاف ڪر، دوست.“
ھن منهنجي ھٿ کي ٿڦڪي ڏني.
”ڳالھائڻ بند ڪريو،“ ڳجھ ڇاپ ھيڊ ڪلارڪ رڙ ڪئي. اسان ٽنهي کان ڇرڪ نڪري ويو.
ڏاند ۽ راجا ھميشه وانگر فائيل اٿلائڻ لڳا ۽ مون پنهنجون نگاھون گھڙيال جي ڪانٽن تي کپائي ڇڏيون. وقت کي اينگھ اچي وئي ھئي.
پتلون جي کيسي مان ايڊوانس بڪنگ جو ڪوپن ڪڍي، کولي پڙھيم. تاريخ، ٺيڪ. فرسٽ شو. ڊريس سرڪل جي اي قطار ۾ پويون ٻه سيٽون. سوچيم، تمنا کي ڀت واري پاسي ويھاريندس ۽ پاڻ ٻئي پاسي ويھندس. جڏھن ھال ۾ اوندھ ٿيندي ۽ فلم شروع ٿيندي، تڏھن پنهنجو ھٿ تمنا جي ھٿ تي رکندس- ھوءَ مون ڏانهن کسڪي ايندي ۽ پنهنجو منهن منهنجي ڪلھي تي رکندي- مان پاڻ کي ۽ تمنا کي پرچائڻ لاءِ چوندس، ”تمنا، ھڪ نه ھڪ ڏينهن انعامي بانڊ جو لڪي نمبر اسان جو ئي نڪرندو- تڏھن اسان جا ٻارڙا پبلڪ اسڪولن ۾ پڙھندا- ڪو مشھور ڊاڪٽر اسان جو علاج ڪندو- پڦين کي عينڪون ۽ وڏي آواز جا اوزار وٺي ڏينداسين- شورليٽ امپالا يا مرسڊيز بينز وٺنداسين- ۽- ۽.“ سوچيم، جڏھن مستقبل جي سپنن کي ٺاھي، سينگاري، سجائي، دل جي دنيا کي وندرائي وٺنداسين، ۽ جڏھن حسرتون خوشفھميءَ جي ڌٻڻ ۾ لھي وينديون، تڏھن، مان سرگوشيءَ ۾ تمنا کي چوندس، ”تمنا، ھيءَ دنيا جيڪر سئنيما ھال جيتري محمدود ٿي وڃي ۽ ھيءَ زندگي ھن فلم جيتري مخصر- اسان ٻئي ڪلھو ڪلھي سان ملائي سرگوشين ۾ ڳالھائيندا رھون- حسرتن ۽ خواھشن جي رڃ کان دور- محبت جون ڳالھيون ۽  ڳالھين جا اکٽ، مسلسل سلسلا- اسان جي غمن وانگر طويل ۽ زخمن جيان بي انداز.“
”پورا پنج ٿيا آھن مسٽر مجنون،“ راجا منهنجي خيالن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.
مان اٿي کڙو ٿيس. ھيڊ ڪلارڪ گھور ڪري، اول مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل ناس جي دٻليءَ جھڙي واچ ۾ ڏسندي پڇيائين، ڪيڏانهن ٿو وڃين مسٽر.“
”سائين پنج ٿيا آھن.“
”منهنجي واچ ۾ ٽي ٿيا آھن.“
”پر آفيس جي گھڙيال ۾ پنج ٿيا آھن.“
ھيڊ ڪلارڪ پنهنجو سنهڙو ڪنڌ شتر مرغ وانگر ڦيرائي ڀت تي ٽنگيل گھڙيال ڏانهن ڏٺو.
مان ذري گھٽ ڊوڙندي ڪمري مان نڪري ويس. ھيٺان ڏاند جو آواز ٻڌم، ”گڊ لڪ، مجنون.“
جيئن اسڪولي ٻار موڪل ملڻ تي ڪلاسن مان نڪرندا آھن، تيئن آفيس جي ڪمرن مان ڪلارڪ، ٽائيپسٽ، دفتري ۽ چپڙاسي نڪرندا، ھڪ ٻئي کي ٿيلھا ڏيندا، ڏاڪڻ لھندا ويا.
جڏھن ورانڊو واندو ٿيو، تڏھن سامھون ڊپٽيءَ جي ڊرائيور کي تمنا سان ڳالھائيندي ڏٺم. تمنا جي نگاھ مون تي پئي ته مون ڏانهن ھلي آئي. سندس ڇوڏن لڳل چپ وڌيڪ خشڪ ٿي ويا ھئا. لپ اسٽڪ ڪيترن ھنڌن تان ڦٽي پئي ھيس. ھوءَ وياڪل ھئي. اکين ۾ الڪو ھيس. خشڪ چپن تي زبان ڦيريندي چيائين، ”مون کي ڊپٽي سڏايو آھي شامو.“
منهنجي رڳ رڳ مان ٿوھر ڦٽي نڪتو. گھڙي ساعت لاءِ تمنا کي زندگيءَ جي پاتار ۾ غرق ٿيندو ڏٺم. چوڻ چاھيم، تمنا، محتاجي، مفلسي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي لعنت آھي. پر جيڪي ڪجھ چوڻ چاھيم، چئي نه سگھيس. لفظ سيني جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويا.
تمنا ڊائيور کي موٽر وٽ ترسڻ لاءِ چيو.
اسان ٻئي ڪنڌ جھڪائي ڏاڪڻ لھڻ لڳاسين. نه ھن ڳالھايو ۽ نه مون، پر تنهن ھوندي به اسان ٻنهي ھڪ ٻئي جي گھائل روح ۾ جھاتي پائي ورتي.
مون آھستي چيو، ”ھڪ نه ھڪ ڏينهن اسان ھيءَ واھيات نوڪري ڇڏي ڏينداسين.“
ھن جواب نه ڏنو، سندس ڪنڌ وڌيڪ جھڪي ويو.
منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ ھئي. ازلي جنگ سيني جي
ڌرتي پٽيندي رھي. محبت ۽ گھر وارن جي بک بيماريءَ جا تصور، متضاد قوتن وانگر پاڻ وڙھندا رھيا.
مون پنهنجين ڪنبندڙ آڱرين سان تمنا جي سنگ مر مر جھڙي ٻانهن کي ڇھيو، ”تمنا.“
”تمنا،“ مون ڳيت ڏيئي ڳالھايو، ”ڊپٽيءَ جي ڪھڙي ڪار آھي؟“
”اوپل.“
”اسان شورليٽ امپالا، يا مرسڊيز بينز وٺنداسين. ھا نه تمنا؟“ مون گھٽيل آواز ۾ ڳالھايو.
تمنا جواب نه ڏنو. پنهنجون آڱريون منهنجين آڱرين ۾ جڪڙي ڇڏيائين. لفظ گھائل روح جي ڪنهن ڪنڊ مان لڇندا پڇندا تڙڦندا، درد جي ٻٻر سان وچڙندا، ٻاھر ايندا رھيا، ”اسان جو پنهنجو گھر ھوندو، تمنا اسان جي بيمار ماءُ ڪنهن مشھور ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي- اسان روز روز دال نه کائينداسين- مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪندس ۽ تون سينٽ جوزف ڪاليج-“
پوئين ڏاڪي وٽ تمنا پنهنجون آڱريون منهنجي آڱرين مان ڇڏائي، ڊوڙندي موٽر جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺي. رئي جي ڪنڊ وات ۾ وجھي، چپ ڀڪوڙي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ڪار ھڪ سٽ سان، اک ڇنڀ ۾ دز اڏائيندي، آفيس جي حدن مان نڪري وئي.
پريان ڏاند رڙ ڪندي چيو، ”بئڊ لڪ مجنون.“
منهنجي منهن تي ويران مرڪ تري آئي ۽ ٽٽل تاري وانگر روشنيءَ جي ليڪ ٺاھي، مايوسيءَ جي ٻاٽ اونداھين ۾ گم ٿي ويئي.

No comments:

Post a Comment