Sunday, February 13, 2011

سج اڀرڻ کان اڳ - امر جليل

سج اڀرڻ کان اڳ
امر جليل
مون کي ڏسي سدائين ڀڄي ويندو ھو. ان ڏينهن به مون تي نظر پيس ته وٺي ڀڳو. وک ته اڳ وانگر تکي وڌائي ھئائين، پر تڏھن به وڃي سوگھو ڪيومانس.
پڇيومانس، ”ڪيئن، سڃاڻين ٿو؟“
چيائين، ”نه.“
سندس منهن تڪيندي چيم، ”واھ، مونکي نٿو سڃاڻين.“
”نه.“
”ٻالو ڀولو نه ٿيءُ.“
”يقين ڪر ته مان توکي سڃاڻان ئي نه.“
نفرت جي جذبي منهنجي آواز کي سخت ڪري ڇڏيو. چيم، ”اڳ به مڪار ھئين، اڄ به مڪار آھين.“
ھن جواب نه ڏنو، فقط پنهنجين جادوگر نگاھن سان مون ڏانهن ڏسندو رھيو. اکين ۾ اھڙي ته مقناطيسي ڪشش ھوندي اٿس، جو ھڪ ئي نگاھ سان اڳئين کي خاموش ڪري ڇڏيندو آھي، پر ان ڏينهن مان بيحد ڪاوڙ ۾ ھوس. ڀڻڪيم، ”تون دوکيباز ۽ فريبي آھين.“

آھستگيءَ سان وراڻيائين: ”انڪري ته پنهنجي دوستي ختم ٿي ويئي.“
”ڏس، اچي وئين نه راھ تي!“ مٿس ٺٺولي ڪندي چيم، ”ڏاڍو ڀورڙو پي ٿئين، چي، ’مان توکي ته سڃاڻان ئي نٿو.‘!“
”جيڪي ھئين، تنهن کي سڃاڻيندو ھوس،“ نگاھن ۾
ساگر جھڙي گھرائي پيدا ڪندي چيائين، ”۽ ھينئر جيڪي ڪجھ آھين، تنهن کي ڪونه سڃاڻان.“
”ڏاڍو چالاڪ آھين،“ سندس نگاھن کان پنهنجيون نظرون بچائيندي چيم، ”ساڳيءَ معنيٰ جا ٻه مختلف مطلب ڪڍيا اٿئي.“
”مطلب ساڳيو آھي، پر تنهنجي سمجھ ۾ ڦيرو اچي ويو آھي.“
”واھ. ڪڏھن چوين سڃاڻان، ڪڏھن چوين نه سڃاڻان. سمجھ ته تنهنجي ڦري ويئي آھي.“
ھڪدم جواب ڏنائين، ”جڏھن رتن تلاءَ اسڪول جي پٺيان ھڪ جھڳيءَ ۾ رھندو ھئين، تڏھن مان تنهنجو دوست ھوس.“
”۽ اڄ؟“
”اڄ تون اھو رھيو ئي ناھين، ته ڀلا اسان جي دوستي ڪيئن رھندي! چيائين، ”مون ته توکي اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو ھو، ته مان فقط انهن جو دوست آھيان، جن وٽ-“
”بند ڪر بڪواس.“ کيس ڳچيءَ کان وڃي ورتم، ”سڄيءَ دنيا کي بيوقوف بڻايو اٿئي.“
ھو خاموش رھيو.
مون ڳالھايو، ”انهن منجھيل ڳالھين سان دنيا کي منجھايو اٿئي.“
جواب ڏنائين، ”جڏھن ظلم ۽ انڌير جا پڙدا انسان جي عقل تي پئجي ويندا آھن، تڏھن انسان انسانيت کي وساري ويھندو آھي، بلڪل تو وانگر.“
”فريبي، انسانيت جو ڪوڙو ڍونگ رچايو اٿئي،“ مون کيس ڀت جي پاڇي ۾ ڌڪي ڇڏيو، ”انهن ڳالھين سان دنيا کي ٺڳيو اٿئي.“
بنا چرپر جي جواب ڏنائين، ”منهنجين ڳالھين کان بيزار ھئين، تڏھن ته تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنم.“
”مون کي به تنهنجي دوستيءَ جي ضرورت ناھي،“ سندس ڳچيءَ تي گرفت مضبوط ڪندي چيو.
”ته پوءِ روڪيو ڇو اٿئي؟“
”اھو ٻڌائڻ لاءِ ته، مون تنهنجي تلقين ٿڏي ڇڏي آھي.“
”ڄاڻان ٿو.“
”۽ وڌيڪ ٻڌ، اڳ تنهنجي دوستيءَ ۾ مان گريجوئيٽ ھوندي به بيروزگار ھوندو ھوس، بک مرندو ھوس،“ کيس ساڳي نوءَ ۾ ٻڌايم، ”ھينئر مون ڊگري سرٽيفڪيٽ کي بيڪار ڪاغذ وانگر ڦاڙي ڇڏيو آھي. اڄڪلھ اسان وٽ بک ڪونهي. سکيا ۽ آسودا آھيون.“
”ان ڪري ته تو وٽ اچڻ ڇڏي ڏنو اٿم.“
”ائين چئھ ته رڳو بکين ۽ بيروزگارن جي در تي ڌڪا کائيندو آھين.“
منهنجو جملو کيس بڙڇي ٿي لڳو. اکيون چمڪڻ لڳس. چيائين، ”جيئن سمجھين. پر چور سان پلئھ نه اٽڪائيندس.“
پنهنجين تکين اکين سان منهنجو اندر ڦٽي وڌائين. سندس لفظ ڇيت وانگر دل ۾ چڀڻ لڳم. مون کيس ڇڏي ڏنو. ھو جيئن اوچتو ئي اوچتو پيدا ٿي پوندو ھو، تيئن ئي گم به ٿي ويندو ھو. ان ڏينهن به پاسي واري اونداھي گھٽيءَ ۾ غائب ٿي ويو.
مان حيران ٿي رھيو ھوس، ته کيس ڪيئن خبر پيئي ته مان چور ھوس! جنهن راز کان منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ بيخبر ھيون، جنهن راز کان پاڙي وارا اڻڄاڻ ھئا، جنهن راز کان پوليس اڻواقف ھئي، تنهن مخفي راز جي ھن کي ڪيئن پروڙ پئجي ويئي! ان وقت محسوس ڪيم ته دنيا ۾ فقط ھو ئي منهنجي ڏوھ کان واقف ھو، يا مان خود ھوس. مون کيس ختم ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو. اھڙي خطرناڪ شاھد جو زندھ رھڻ منهنجي لاءِ موت برابر ھو. ھو منهنجين خوشين جو دشمن ھو. سوچيم، مان کيس جيئرو نه ڇڏيندس.
مون رومال ڪڍي ھٿ تي ويڙھيو، ۽ پوءِ چاقو کولي، مٺ ۾ قابو ڪري، ھٿ اوورڪوٽ جي اونهي کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. رات جو پويون پھر ھو. ھو جنهن اونداھي گھٽيءَ ۾ گم ٿي ويو ھو، مان ان گھٽيءَ ۾ ڪاھي پيس. ھو مون کان سڏ پنڌ تي وڃي رھيو ھو. مون سندس پيڇو ڪيو. وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ لڪندو ڇپندو، مان ھن جي پٺيان ھلندو رھيس، فيصلو ڪيم، ته کيس سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪري ڇڏيندس.
چاقوءَ تي منهنجي گرفت مضبوط ٿيندي ويئي، ۽ مان ڪنهن اھڙي ھنڌ لاءِ واجھائڻ لڳس، جتي ھن جي آخري ھڏڪي ويرانين ۾ دفن ٿي وڃي. ھو بيخبر ھلندو رھيو، ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رھيس. رکي رکي افسوس به پئي ٿيم، ته اجايو سندس موت منهنجي ھٿان ٿي رھيو ھو. افسوس ان ڪري پئي ڪيم، جو ھڪ دفعي، مون کي خودڪشيءَ کان روڪي، زندگيءَ جو مفھوم سمجھايو ھئائين. انهن ڏينهن ۾ مان بيحد مشڪلاتن ۾ مبتلا ھوس. رلندو رھيو ھوس. ڀٽڪندو رھيو ھوس. نيٺ اھا منحوس گھڙي به اچي پھتي، جڏھن بک ۽ بيروزگاريءَ اسان کان سڀ ڪجھ ڦري ورتو. ڏونگر جھڙا اھي ڏينهن مون کي سدائين ياد رھندا، ۽ اھو ڏينهن به ھرگز وساري نه سگھندس، جڏھن ٻن ڏينهن جي بک اسان کي اڌ چريو ڪري ڇڏيو ھو. مرڻ جا جيڪي به طريقا آھن، انهن سڀني مان، سڀ کان ڀوائتو نمونو آھي بک ۾ پاھ ٿي مرڻ جو. مان بک جي عذاب ۾ سڀ ڪجھ وساري ويٺو ھوس، سڀ ڪجھ.
جڏھن امان ھيڻي آواز ۾ پڇيو ھو، ”ابا، ھاڻي ڇا ٿيندو؟“ تڏھن انتهائي مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ وچان کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو ھوم، ”ڇا وري ڇا- تون زرينه کي ھار سينگار ڪري ويھار، مان گراھڪ ٿو وٺي اچان.“
”بيغيرت، بيحيا،“ امان مئل آواز ۾ رڙ ڪئي ھئي.
”ھا امان،“ وراڻيو ھوم، ”جوان عورت ڌنڌو ڪرائي پيٽ پالي سگھي ٿي، مرد ڪيڏانهن وڃي! ٻڌائي مرد ڪيڏانهن وڃي؟“
زرينه ۽ امان، حيرت مان مون ڏانهن تڪي رھيون ھيون. سندن خالي ۽ پريشان ذھن لاءِ منهنجو جملو برداشت کان ٻاھر ھو. زرينه ته پنهنجيون اڌ وساميل اکيون، منهنجين اکين مان ڪڍيون ئي نه ٿي، ڀانئھ ته نگاھن سان منهنجو روح ڇيھي ڇڏيندي. مون کي اچي ٻانهن کان ورتو ھئائين. مون کيس گھائل ڪندي چيو ھو، ”توکي وئشيا ٿيڻو پوندو زرينه، ھن جڳ ۾ جيئرو رھڻ لاءِ توکي اھو قرض چڪائڻو پوندو. مون جھڙي بي غيرت ڀاءُ لاءِ تون اھو قرض صدين کان چڪائيندي رھي آھين.“
”شرم نٿو اچيئي، بي غيرت،“ امان دڙڪو ڏنو ھو.
”بک جو ڀوت غيرت کي اڳري ڇڏيندو آھي، امان.“
”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آھي.“
”ٻڌو نه اٿئي امان،“ مان روئي پيو ھوس، بُک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“
امان جي ۽ منهنجين اکين مان لڙڪ وھي نڪتا ھئا. الاءِ ڪٿان ايترو پاڻي اسان جي اکين ۾ اچي گڏ ٿيو ھو. زرينه وائڙين اکين سان مون کي گھوري رھي ھئي. اوچتو، ڪراھت وچان منهنجي منهن تي ٿڪ اڇلائي ھئائين، ۽ پوءِ منهنجي سڄي قميص ليڙون ليڙون ڪري ڇڏي ھئائين. منهنجي منهن تي رھنڊون ھڻي، ٻئي مٺيون منهنجن وارن ۾ وجھي، اوڇنگارن ۾ اچي ڇٽي ھئي. ھوءَ ساڳي زرينه ھئي، منهنجي ننڍي ڀيڻ، جنهن کي ڪلھي تي ويھاري گھمائڻ ويندو ھوس. جنهن کي پنهنجيءَ خرچيءَ مان بوڙينڊا وٺي ڏيندو ھوس، ۽ جنهن جي ھڪ ھڪ لڙڪ تي پاڻ به بيچين ٿي اٿندو ھوس. ان ڏينهن منهنجي ساڳيءَ زرينه جا ھٿ منهنجن وارن ۾ ھئا ۽ ھوءَ سڏڪا ڀري رھي ھئي، ھنجون ھاري رھي ھئي. مون کيس پاڻ کان ڌار ڪيو، ۽ اسڪائوٽ جي ڏينهن وارو چاقو کڻي، ٻاھر نڪري ويو ھوس.
مون کي اونداھ جي تلاش ھئي. مون کي ويرانين جي ڳولا ھئي، جتي سولائيءَ سان چاقوءَ جي تکي چھنب، ڦر سوڌي سيني ۾ لاھي سگھان ھا. زرينه جا سڏڪا ۽ امان جون آھون منهنجو پيڇو ڪنديون آيون، پري پري تائين ھڪ ھنڌ مون کي اوندھ ۽ ويرانيءَ وارو مقام ملي ويو ھو، ۽ مون چاقو کولي سيني تي رکيو ھو. چاقوءَ کي دل ۾ لاھڻ تي ھوس، جو ھو به اچي اتان نڪتو ھو. منهنجي ويڻي جھليندي پڇيو ھئائين، ”ھن چاقوءَ جي باري ۾ ڪجھ ڄاڻين ٿو؟“
مون حيرت مان ڏانهنس نهاريو ھو. جيتوڻيڪ اجنبي ھو، پر تڏھن به لڳم پئي، ڄڻ منهنجو ڄاتل سڃاتل ھو. ”ھا،“ وراڻيو ھوم، ”تمام تکو آھي  جلد موت آڻيندو.“
”پر جنهن ڪاريگر ھيءُ چاقو ٺاھيو ھو،“ ھن پنهنجي مقناطيسي نگاھن سان منهنجي اکين ۾ ڏسندي چيو، ”تنهن ڪايگر جي تصور ۾ موت نه، پر زندگي ھئي.“
مان اچرج وچان ھن جون ساگر جھڙيون گھريون ۽ پراسرار اکيون ڏسندو رھيس.
پڇيو ھئائين، ”نوجوان آھين، محنت، مزوري ڇو نٿو ڪرين؟“
وراڻيو ھوم، ”مان گريجوئيٽ آھيان.“
”تعليم کي پيٽ پالڻ جو ذريعو ٿو سمجھين؟ پيٽ ته ڪتا به پاليندا آھن.“ ھن باوقار لھجي ۾ چيو ھو، ”علم اٿئي روشني، ۽ ھٿ جو پورھيو دنيا جو عظيم ڌنڌو.“
سندس آواز وڏو ۽ چٽو ھو، ۽ گھڻيءَ دير تائين منهنجي ذھن ۾ پڙاڏو ڪندو رھيو. مون کي ماٺ ۾ غلطان ڏسي چيو ھئائين، ”اھا زندگي ئي ڪھڙي، جنهن ۾ جدوجھد نه ھجي. دوست جدوجھد زندگيءَ جي علامت آھي. حقيقت ۾ اڄ فقط اھي ئي انسان زنده آھن، جن ڪڏھن جدوجھد ڪئي ھئي.“
مون وٽ سندس ڳالھين جو جواب نه ھو.
تڏھن چيو ھئائين، ”ڪھڙا نه مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي! انهن کان ڪم وٺ، منهنجا دوست.“
۽ پوءِ ھو مون کي حيران ۽ پريشان ڇڏي ھليو ويو ھو.
کليل چاقو مٺ ۾ رھجي ويو ھو. جيتوڻيڪ منهنجيءَ دل مان مرڻ جي خواھش ھن جي ڳالھين سان تڙجي ويئي ھئي، پر تنهن ھوندي به بک جي باھ اندر ۾ ڀڙڪندي رھي. ھن جي آخري جملي جو پڙاڏو مون کي بيچين ڪندو رھيو ته: ڪھڙا نه مضبوط ڏورا ۽ ڪشادو سينو اٿئي، انهن کان ڪم وٺ، منهنجا دوست.
ھيڏانهن ھوڏانهن نهاري، ھڪدم پئڊل تي پير رکي، سائيڪل ڪاھيندو، تير وانگر اتان گم ٿي ويو ھوس. ڪنهن به مون کي سائيڪل کڻندي نه ڏٺو ھو ۽ اِھا منهنجي زندگيءَ جي پھرين چوري ھئي. سائيڪل ھڪ ڪٻاڙيءَ واري کي پنجاھ رپين ۾ وڪڻي، ھوٽل تان نان ڪباب، ڪورما ۽ برياني وٺي، جڏھن گھر جي در وٽ پھتو ھوس، تڏھن ھن کي در جي ڀرسان بيٺل ڏسي حيران ٿيو ھوم. ڪجھ دير اڳ، مون کي زندگيءَ جو سبق ڏيندي جيڪا جوت سندس اکين ۾ جلي اٿي ھئي، اھا اجھاميل ھئي.
کيس ائين بيٺل ڏسي چيو ھوم، ”تنهنجي چوڻ موجب مضبوط ڏورن ۽ ڪشادي سيني کان ڪم ورتو اٿم.“
”مون کي خبر آھي، منهنجا دوست،“ ھن آھستي وراڻيو ھو ۽ سندس اکين مان رنجش بکڻ لڳي ھئي، ۽ پوءِ ھوريان ھوريان، ڪنڌ جھڪائي ڪيڏانهن ھليو ويو ھو.
مان ھڪدم گھر اندر داخل ٿيو ھوس. ڏيئي جو تيل ختم ٿيڻ تي ھو. نان- ڪباب جا پڙا جڏھن کٽ تي رکيم، تڏھن امان ۽ زرينه، وائڙن وانگر، ڪڏھن مون کي ۽ ڪڏھن پڙن کي ڏسڻ لڳيون. پڙا سڻڀا ھئا ۽ ڪبابن ۽ ڪورمي جي خوشبوءَ بک کي باھ لڳائي ڇڏي. پوءِ اچتو امان ھڪ قدم اڳتي وڌي آئي، ۽ ھن پنهنجي ڪمزور ھٿ سان منهنجي منهن تي چماٽ وھائي ڪڍي، ”بيحيا پنهنجي ڀيڻ جو سودو ڪري، ھيءُ حرام آندو اٿئي.“
”نه نه،“ وراڻيو ھوم، ”مان ته مرڻ ويو ھوس، پر رستي ۾ نوڪري ملي ويئي.“
”نوڪري!“
”ھا، نوڪري.“
پوءِ اسان پڙن تي ڪري پيا ھئاسين. کائيندي کائيندي، امان نوڪريءَ جي باري ۾ پڇيو ھو، ۽ مون کيس ٻڌايو ھو، ”ھڪ اخبار جو نمائندو ٿيو آھيان.“
”اخبار جو؟“
”ڪھڙيءَ اخبار جو نمائنيدو ٿيو آھين؟“
”بس، آھي ھڪڙي اخبار،“ کيس چيو ھوم، ”تون ٻيو ڪو فڪر نه ڪر، ۽ ماٺ ڪري ويھي ماني کاءُ.“
ان کانپوءِ مون ٻيون ڪيتريون سائڪلون چورايون، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مان شھر جي چورايل سائيڪلن جو سڀ کان وڏو ”ڊيلر“ ٿي پيس. منهنجو ڪاروبار جيئن جيئن زور ٿيندو ويو. تيئن تيئن ھو مون کان دور ٿيندو ويو. پر، ان سموري عرصي ۾، مون ڪڏھن به نه سوچيو ھو، ته مون کان سواءِ ڪو ٻيو به منهنجي ڏوھ کان واقف ھو، ۽ مون تي نظر رکي رھيو ھو. پوءِ ھو جڏھن ائين چئي ھليو ويو ته، ”چور سان پلئھ نه اٽڪائيندس.“ تڏھن مون کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس پيڇو ڪيم.
رات جو پويون پھر ختم ٿيڻ تي ھو، ۽ منهنجي بيچيني وڌندي ٿي ويئي. مون کيس سج اڀرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ ٿي چاھيو. ھو ھلندو رھيو ۽ مان پاڇي وانگر سندس پيڇو ڪندو رھيو.
نيٺ ھو ھڪ غليظ گھٽيءَ ڏانهن ڦري ويو. مون موقعو غنيمت ڄاتو. چاقوءَ تي مٺ ڀڪوڙي ڇڏيم. ھو ھلندي ھلندي ھڪ ڪچي گھر ٻاھران بيھي رھيو. در کڙڪايائين. مان وڻ جي اوٽ ۾ ٿي بيٺس. سوچيم، جڏھن موٽندو، تڏھن پٺيءَ ۾ چاقو ھڻندومانس. مان اوٽ مان ڏانهنس ڏسندو رھيس. پڪ ھيم ته ڪنهن مفلس جي گھر ٻاھران اچي بيٺو ھوندو، ڇو جو ھو فقط مصيبت زده انسانن جي در تي ويندو آھي. ڪجھ دير کان پوءِ در کليو، ۽ ھڪ نوجوان ٻاھر آيو. نوجوان کي ڪپڙا سادا، پر اڇا اجرا اوڍيل ھئا. حيرت فقط اھو ڏسي ٿيم، جو نوجوان جي ھٿ ۾ لڪڻ ھو. در بند ڪرڻ لاءِ ھڪ پوڙھي عورت آئي، ۽ نوجوان کي چيائين، ”پٽ، ڀاءُ لاءِ ڪتاب ۽ ھڪ ميز- بتي آڻجانءِ.“
”ھا امان،“ نوجوان شانائتي آواز ۾ جواب ڏنو.
مون کي سندس آواز ٻڌي حيرت ٿي، ڇو جو نوجوان جو آواز ھن جھڙو ھو، ۽ خود اعتماديءَ سان ڀريل ھو.
سوچيم، اڄ ڪمبخت وڏي آسامي ھٿ ڪئي آھي.
ھو نوجوان سميت واپس موٽڻ لڳو. مان مٿس حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺس. ٻئي ڄڻا جڏھن منهنجي ويجھو پھتا، تڏھن، جو چتائي ڏٺم، ته نوجوان انڌو ھو. ھو انڌي نوجوان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي رھيو ھو. الاءِ ڇو، کيس بروقت قتل ڪرڻ جو ارادو لاھي، ٻنهي جي پٺ ورتم.
رات جو پويون پھر به گذري ويو، ۽ اوڀر کان روشنيءَ جا ترورا اڀرندا آيا ۽ اوندھ گھٽ ٿيندي ويئي. ھو ٻئي فرنيچر جي ھڪ دڪان ٻاھران اچي بيٺا. نوجوان کن ترسي، دڪان ۾ ھليو ويو. ھو در وٽان نوجوان کي دڪان ۾ داخل ٿيندو ڏسي رھيو ھو ۽ سندس پيشانيءَ مان ڄڻ نور جا ترورا نڪري رھيا ھئا. سوچيم، ھيءُ ضرور ڪو جادوگر آھي.
مان ڀت جي اوٽ ۾ لڪل ھوس. منهنجي پاسي مان لنگھندي چيائين، ”جيڪو چاقو کيسي ۾ پيو اٿئي، سو لوھار خوان خرابي لاءِ نه ٺاھيو ھو.“
مان سچ پچ ته ڪنبي ويس.
منهنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”ھو نوجوان انڌو آھي، پر تڏھن به ڪرسيون واڻي، پنهنجو، پنهنجي ماءُ جو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو عزت سان پيٽ پاليندو آھي.“
مان خاموش، لاجواب بيٺو رھيس.
چائين، ”محنت ۽ ھٿ جو پورھيو، دنيا جو عظيم ڌنڌو اٿئي.“
جڏھن ڪو جواب نه آئڙيو، تڏھن بيشرمائيءَ سان وراڻيم، ”مان به محنت ڪندو آھيان.“
”اھو ڌنڌو ئي ذليل آھي، جنهن ۾ خوف، ڊپ ۽ حراس پلئھ پوي،“ ھن جون ساگر جھڙيون نيريون نگاھون منهنجي اندر ۾ لھي ويون.
چوندو رھيو، ”ھن نوجوان کي اکيون ڪينهن، پر اندر ۾ روشني اٿس. عزت سان ڪمائي ٿو، ۽ فخر سان زندگي بسر ڪري ٿو.“
منهنجو ڪنڌ جھڪي ويو. جھڪيل نگاھن سان دڪان ڏانهن ڏٺم، جتي انڌو نوجوان بيد سان ڪرسيون واڻي رھيو ھو.
سندس آواز تي، منهنجو ڌيان ڏانهنس ڇڪجي ويو. چيائين، ”مان ھن نوجوان جو ۽ دنيا جي ھر محنتي انسان جو دوست آھيان،“ ۽ پوءِ ھو اوچتو ئي اوچتو منهنجين نگاھن کان اوجھل ٿي ويو.
ان ڏينهن کان پوءِ، مون خوف ۽ حراس، ڏوھ ۽ ڏھڪاءَ جي زندگيءَ کان منهن موڙي ڇڏيو، ۽ شھر ۾ سائيڪلن جي ھڪ مشھور ڪارخاني ۾ ’فٽر‘ ٿي روزگار ڪمائڻ لڳس.
ھڪڙي ڏينهن، جڏھن گريس سان ٿڦيل ڪپڙن ۽ ٿڪ سان چور جسم سان ڪارخاني مان ڪم ڪري ٻاھر نڪتس، تڏھن ھن کي پنهنجي ڀرسان بيٺل ڏٺم. منهن مان نور پئي بکيس. بيحد خش پئي نظر آيو.
چيائين، ”اڄ مان بيحد خوش آھيان.“
کانئس پڇيم، ”پر تون ڪير آھين؟ ڪٿان ايندو آھين ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويندو آھين.“
ھن ٻانهن ڊگھيري منهنجي ھانءَ تي ھٿ رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، اکين کان اوجھل ٿي ويو. مون سندس وجود کي محسوس ڪري ورتو، ۽ محسوس ڪندو رھيو آھيان.

No comments:

Post a Comment